پهرين مئي، مزدورن جو عالمي ڏينهن ـ حڪيم پريم چاندواڻي

محنت جي هر ڦڙي ۾، عزت جو هڪ جهان لڪل آهي،

۽ مزدور جي هر ساه ۾، زندگيءَ جو اصل نشان لڪل آهي.

اڙي رت پيئاڪو! ٿورو ڪجھ تہ سوچو،

ڇا پورهيت بنان ڪائي صنعت هلي آ۔

پهرين مئي، جيڪا دنيا ڀر ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن، طور ملهائي ويندي آهي، صرف هڪ ڏينهن يا رسمي موڪل جو نالو ناهي، بلڪہ اها تاريخي جدوجهد، قربانين ۽ انساني حقن جي هڪ زندہ علامت آهي۔ هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي تہ سماج جي ترقي، شهرن جي چمڪ، ڪارخانن جي گونج ۽ معيشيت جي ڦهلاءُ جي پٺيان ڪنهن هڪ طبقي جي بي لوث محنت، پگهر ۽ قربانيون شامل آهن، ۽ اهو طبقو آهي مزدور طبقو۔  تاريخ جي ورقن کي اٿلائينداسين تہ معلوم ٿيندو تہ مزدورن لاءِ اٺ ڪلاڪ ڪم، مناسب اجرت ۽ محفوظ ماحول جهڙا حق ائين ئي حاصل نہ ٿيا، پر انهن لاءِ جدوجهد ڪئي وئي، قربانيون ڏنيون ويون، ۽ ڪيترن ئي بيگناهہ مزدورن پنهنجي رت سان حقن جي راهہ هموار ڪئي۔ پهرين مئي جو ڏينهن ان عظيم جدوجهد جي يادگار آهي، جيڪا انسانيت کي استحصال جي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ وڙهي وئي۔

اڄ جڏهن اسان جديد دؤر ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، ٽيڪنالاجي ترقي ڪري چڪي آهي، مشينون انسان جي جاءِ والاري رهيون آهن، تڏهن بہ مزدور جو ڪردار گهٽ نہ ٿيو آهي، بلڪہ وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي۔ هر عمارت جيڪا آسمان سان ڳالهيون ڪري ٿي، هر روڊ جيڪو شهرن کي ڳنڍي ٿو، ۽ هر ڪارخانو جيڪو پيداوار ڏئي ٿو، انهن سڀني جي پٺيان مزدور جي محنت لڪل آهي۔ پر افسوس، اڃا بہ ڪيترن ئي ملڪن ۾ مزدورن کي سندن حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو۔

اسان جي سماج ۾ بہ مزدور کي اڪثر گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، حالانڪہ حقيقت ۾ هو ئي سماج جي ريڙهہ جي هڏي آهي۔ هڪ استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر يا واپاري پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن مزدور نہ هجي، تہ انهن جي ڪاميابيءَ جو ڍانچو ئي ڊهي پوي۔ ان ڪري مزدور کي عزت ڏيڻ، سندس حقن جو تحفظ ڪرڻ، ۽ سندس زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ، هر مهذب سماج جي ذميواري آهي۔

پهرين مئي اسان کي صرف ماضيءَ جي جدوجهد ياد نٿي ڏياري، پر حال ۽ مستقبل بابت بہ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي۔ ڇا اسان واقعي مزدورن کي انهن جا حق ڏئي رهيا آهيون؟ ڇا اسان وٽ اهڙو نظام موجود آهي، جيڪو مزدورن کي تحفظ ۽ عزت فراهم ڪري؟ جيڪڏهن جواب ”نہ“ آهي، تہ پوءِ اهو ڏينهن صرف تقريبن ۽ تقريرن تائين محدود رهجي ويندو۔

ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ اسان پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻيون۔ مزدور کي صرف هڪ محنت ڪندڙ هٿ نہ سمجهون، پر هڪ انسان طور ڏسون، جنهن جا خواب، خواهشون ۽ احساس بہ آهن۔ کيس مناسب اجرت، صحت جون سهولتون، تعليم ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ سان نہ صرف سندس زندگي بهتر ٿيندي، پر سڄو سماج ترقي ڪندو۔

آخر ۾، پهرين مئي جو پيغام واضح آهي تہ: ”محنت جي عزت ڪريون، مزدورن جو مان وڌايون، ۽ هڪ اهڙو سماج جوڙيون، جتي هر هٿ کي ڪم ملي، هر ڪم جو قدر ٿئي، ۽ هر انسان کي عزت حاصل هجي.“ ڇو تہ جڏهن مزدور خوشحال هوندو، تڏهن ئي قوم خوشحال ٿيندي، ۽ جڏهن قوم خوشحال ٿيندي، تڏهن ئي مستقبل روشن ٿيندو۔

ڦرلٽ جيسين، جاري رهندي،

مزدورن جي بيوسي نہ ويندي۔



Previous Post Next Post