ڪراچي
سنڌ
جي دل سڏجندڙ شھر، سموري ملڪ پاڪستان
جو معاشي حب، جبلن، ندين
۽ ساحلي حسن جو مرڪز شھر. مختلف ٻولين، ثقافتن، تاريخن
۽ گڏيل جدوجهد جي علامت بڻيل شهر.
روشنين جو شھر. ترقيَ
جو شھر، جيڪو اڄ ھڪ ڀيرو وري سياست جو گرم موضوع بڻيل آهي. ھن
وقت ڪنهن خاص مقصد پٽاندڙ ۽ خاص جماعت پاران ”ڪراچي کي وفاقي يونٽ بڻائڻ“ يا ”ڪراچي کي الڳ انتظامي صوبو بڻائڻ“ جھڙا واويلا
روز ٻڌڻ ۾ اچن پيا. جيڪي نہ رڳو سنڌ جي صدين پراڻي تاريخ، سياست
۽ سماجي ڍانچي کي متاثر ڪن ٿا بلڪہ سنڌ جي وحدت
۽ پاڪستان جي وفاقي تصور لاءِ بہ وڏو سوال بڻجي
رھيا آهن. ڇاڪاڻ تہ
ڪراچي
جو ڌار ٿيڻ نہ سنڌي عوام جي
سھپ ۾ آهي، نہ
ئي سنڌ جي تاريخ، نہ ئي
ھتي جو سماج ان کي قبوليندڙ، نہ ئي
صوبائي توڙي ملڪي معاشيات ۽ نہ ئي پاڪستان جو وفاقي مستقبل بہ ان ڳالهہ
کي
ھضم ڪري سگهي ٿو.
اھڙن دماغن
کي تاريخ جا ورق ورجائڻ گھرجن ۽ تاريخ
تي گھري نظر وجھڻ کپي تہ، 1839ع ۾ پڻ
جڏهن برطانوي هندستان ڪراچي کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو ھو تڏھن بہ ڪراچي سنڌ جو ئي حصو هو. تنهن
انگريز دور ۾ بہ ھتي جي بندرگاه
جي اھم حيثيت رکڻ سان گڏ ترقي جي راھ ھئي، جيڪا
تڏوڪي بين الاقوامي واپار جي واڌاري ۽ شهر ترقي جو سبب ھئي، پر سندس جي
ان دور جي سڃاڻپ بہ
”سنڌ جي شهر“ جي حيثيت سان ئي برقرار رهي.
1947ع ۾ پاڪستان
ٺهڻ کانپوءِ جڏهن ڪراچي کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو
ويو، تہ اھو ھڪ عارضي فيصلو ثابت ٿيو ۽ 1960ع ۾ گاديءَ
جو هنڌ اسلام آباد منتقل ٿيو.
جاگرافيائي
توڙي ثقافتي حقيقتن جي لحاظ کان پڻ ڪراچي هر طرح سان سنڌ جي آهي. جيتوڻيڪ
ڪراچي ۾ ٻولي جي گهڻ رنگي ٿيڻ، ٻين صوبن کان
لڏي آيل غير سنڌ آبادي ۽ ورھاڱي وقت آيل اردو ڀائرن
جي ميلاپ ھن شھر کي نئون رخ تہ ڏنو آهي، پر
ان سان شهر جي اصل سڃاڻپ نہ بدلجي آهي.
سنڌي ماڻهو
ئي ڪراچيءَ جا اصل وارث آهن. اڄ
بہ ھن شھر اندر سنڌين جو وڏيو آباديون، جن ۾ گڏاپ ٽائون، ملير، ابراهيم
حيدري، چڪرا ڳوٺ، لانڍي،
گلشنِ
حديد، شاه ٽائون، لياري، ڪيماڙي، سچل
ڳوٺ، سهراب ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، لياقت
آباد، ۽ ڪيترائي
ٻيا قديم ڳوٺن پنهنجي صديون پراڻي سڃاڻپ سان گڏ موجود آهن.
ڪراچي جي هر
گھٽي، هر رستي، هر ماڳ ۾ سنڌ جي تاريخ چٽيل آهي. ڀل
چاهي اھو ڪراچي جو نالو پڻ هجي. سنڌ جون صوفي
روايتون، ميل ميلاپ ۽ رواجي تهذيبون اڄ بہ ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۾ نظر اچن ٿيون.
جيڪو شهر صدين
کان سنڌ جو حصو هجي، جنهن جي سمنڊ جو نيرو پاڻي، بندرگاه، واپار،
توڙي ماڻهن جا رشتا ۽ ثقافتي ڍانچا ھر سنڌي سان ڳنڍيل هجن، ان
جي ڌار ٿيڻ جو تصور ئي فضول آهي. جيڪو آئيني ۽ قانوني طور پڻ سولو نہ آهي.
زميني ۽ قانوني
توڙي آئيني حقيقتن موجب ڪراچي ڌار ڪرڻ لاءِ رڳو سياسي بيان
يا مطالبو ڪافي ناهي. پر ان لاءِ ھن ڊگھو آئيني
طريقو، جيڪو پيچيدہ
پڻ
آهي ۽ اھو سڀ سنڌ ۽ سنڌين جي راضامندي کانسواءِ
ناممڪن
ئي آهي.
پاڪستان جي
آئين جي آرٽيڪل 239 موجب اھو واضح آهي تہ ملڪ جي ڪنهن بہ موجودہ
صوبي
جي حدن ۾ تبديلي لاءِ ان صوبي جي اسيمبليءَ جي 2/3 اڪثريت سان منظوري لازمي آهي. جڏهن تہ سنڌي عوام جي
موقف ۽ ردعمل کي ڏسندي سنڌ اسيمبلي ڪڏهن بہ اهڙي تجويز جي حمايت نٿي ڪري سگهي. تنهن کانسواءِ ڪراچي جو انتظامي
نموني الڳ ٿيڻ بہ صوبن جي حقن
سان ٽڪراءُ ۾ ايندو. ڇاڪاڻ تہ ھن وقت ڪراچي ۾ موجود ۽ ملڪ کي معاشي سگھ
ڏيندڙ وڏيون بندرگاھون، ائيرپورٽ، ھر
قسم جو قومي ۽ بين الاقوامي واپار، توڙي روزگار
جا ڪيترائي ئي
وسيلا ۽ ٽيڪس جو وڏو نظام سنڌ جي حصي ۾ آهن ۽ سنڌ صوبو ڪڏهن بہ پنهنجن حقن تان ھٿ نہ کڻندو. ان
کان علاوہ ان عمل سان قومي وفاقي ڍانچي کي پڻ سڀ کان
وڏو ڌڪ رسندو.
ڪنهن بہ نموني ائين
ڪرڻ هڪ اهڙو عمل هوندو جنهن سان پاڪستان جي وفاقي نظام تي پڻ سوال اڀرندا ۽ باقي صوبن
۾ بہ الڳ الڳ رياستن جو رينگٽ شروع ٿيندو، جنهن
سان سموري ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو. معاشي طور پڻ ڪراچي کي
ڌار ڪرڻ جو مطلب پوري ملڪي معيشت کي خطري ۾ وجهڻ ھوندو. ملڪ جي لڳ ڀڳ 60 کان
65 سيڪڙو آمدني ڪراچي ئي پيدا ڪري
ٿو. سڀ کان وڌيڪ ملڪي توڙي غير ملڪي سامان جي آمدورفت، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ھتي جي بندرگاهن ذريعي ئي ٿيندي آهي.
ھن شھر اندر
ئي ملڪي اسٽاڪ ايڪسپچينج، وڏا
وڏا ملڪي ۽ غير ملڪي بينڪ، ملٽي نيشنل ڪمپنيون، آئل
ريفائنريون ۽ صنعتون ھتي موجود آهن. جن جي ڪري ملڪ
جو معاشي ڍانچو هلي ٿو. ڌار ڪرڻ جي عمل سان رڳو
سنڌ ئي نہ
پر
مرڪز ۾ پڻ آمدني گهٽجڻ ڪري بحران پيدا ٿيندو. جنهن
جو سڌو سنئون اثر
ملڪ جي ڪرنسي، واپار، نوڪرين ۽ ڪاروباري ماحول تي پوندو.
امن امان جي
غير يقيني ۽ سياسي بيچيني ۾ اضافي جا خدشا پڻ آهن. نئين انتظامي اڏاوت ۾ وسيلن
جي ورهاست، روڊن، بندرگاهن ۽ پاڻي تي تڪرار شدت اختيار ڪري سگهن ٿا. نئون صوبو ٺهڻ سان نوان ٽيڪس، نيون
پاليسيون، نوان ادارا، نوان
انتظام اھو سڀ ڪجهہ ملڪ اندر نئين
جهيڙي ۽ مهانگائي جو سبب پڻ بڻجندو.
تاريخي توڙي
تازي سماجي ۽ آباديءَ جا دليل ڪراچي کي سنڌ جي وحدت جو نشان ظاهر ڪن ٿا. جتي
نج سنڌي ۽ مسلمانن سان گڏ هر مذهب، هر ٻولي ۽ هر
ثقافت جو شھري آباد آهي، پر ان جو مطلب
ھرگز اهو نہ آهي تہ ان جي اصلي ملڪيت بدلي وڃي.
ھتي سنڌي آبادي
تاريخي طور ۽ نسلن کان موجود آهي. جن جو ھن شھر
سان جزباتي ۽ ثقافتي ناتو جڙيل آهي. تاريخ گواھي ڏيندڙ آهي
تہ غير سنڌي آبادي پڻ سنڌ جي حصي طور ئي هتي آئي. جن
۾ مهاجر، بلوچ، پنجابي، پٺاڻ
توڙي سرائيڪي سڀ سنڌ جي زمين تي اچي آباد ٿيا. جن
کي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ دلين جا دروازا کولي جاءِ
ڏني.
سنڌ ئي دل سان کين رهڻ، ڪاروبار
ڪرڻ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ امن جو حق ڏنو. ان جي ابتڙ اڄ جيڪڏهن انهن ئي
مالڪي رکڻ وارن سنڌين کي چيو وڃي تہ ”توهان هڪ
نئين يا الڳ صوبي جا شهري بڻجو“ تہ اهو انهن جي لاءِ بلڪل غيرفطري هوندو. ڇاڪاڻ تہ ھي سياسي مقصدن
جي حاصلات کانسواءِ ڪجهہ نہ
آهي. تہ پوءِ
ڪراچي
جي سياسي ڇڪتاڻ ۾ سنڌي عوام قطئي متفق نہ آهي.
جيڪڏهن ڪي پارٽيون
پنهنجي ووٽ بينڪ جو نعرو مضبوط رکڻ لاءِ
الڳ
صوبو چاهين بہ ٿيون، تہ ان جو مطلب اھو ناهي تہ اھو ڪو صوبي جي عوام جو مطالبو يا فيصلو
آهي. حقيقت اها آهي ڪراچي کي ڌار ڪرڻ گهڻو ڪري هڪ سياسي
ڪارڊ، ووٽ حاصل ڪرڻ جو طريقو يا صوبائي توڙي ملڪي سياست
تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ئي استعمال ٿيندڙ
ھٿيار ۽ حربو رهيو آهي.
تنهن کانسواءِ ھتي جي پاپار، بندرگاهن جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ، وڏي ملڪي ٽيڪسن نظام کي پنهنجي قبضي ھيٺ آڻڻ پڻ
سندن منصوبن ۾ آهي. پر ان سڀ ۾ سنڌي قوم ۽
سنڌ جو موقف پڻ چٽو آهي تہ ڪنهن دل کي
ڌار ڪري ڪو انسان زندہ نٿو رهي سگهي. ۽ سنڌ لاءِ ڪراچي روح آهي جيان آهي. جنهن
کان بغير سنڌ جو تصور اجايو آهي. اھو عمل سنڌي جي قومي وجود کي ٽوڙڻ برابر ھوندو. سنڌي عوام لاءِ ڪراچي صرف ڪو ھڪ شهر ئي ناهي پر: سندن جي روزگار جو مرڪز، سندن جي صدين پراڻي تاريخ جو حصو ۽
سياسي توڙي سماجي مرڪز جي علامت آهي. سنڌ لاءِ ڪراچي ڌار ڪرڻ
جو تصور ئي ڄڻ: ”دل کي جسم کان ڌار ڪري، جسم کي زندہ رهڻ لاءِ چوڻ مثل آهي“
اها حقيقت ڪراچي
۾ رهندڙ غير سنڌين کي بہ سمجهڻ گهرجي
تہ سنڌ سندن پڻ گهر آهي. جتي
گڏجي رهڻ ۾ ئي سندن جي پڻ بهتري، سلامتي ۽ ترقي
آهي. باقي ڪراچي جو ڌار ٿيڻ
نہ تاريخ قبول ڪيو، نہ اڄوڪي سنڌ لاءِ اھو ممڪن آهي. ڪراچي صدين کان سنڌ ھئي، سنڌ
آھي ۽ سنڌ ئي رھندي. ڪراچي جي سڃاڻپ، سنڌ جي سڃاڻپ
آهي جنهن سان سنڌ رشتو ڪڏهن بہ ڌار نٿو ٿي
سگھي. تنهن ڪري اھڙا راڳ ھاڻي ھميشہ لاءِ دفن ٿيڻ گھرجن.
پنھنجو مٽ آ
پاڻ، مِٽي ملڪ ملير جي،
منهنجي ڄاڻ
سڃاڻ، مِٽي ملڪ ملير جي.
ڀلڙ ڀوڀر ڀاڻ
جي، ڪلر ناھ ڪڙاڻ،
مٽي ملڪ ملير
جي.
ساگر امرت اوتڻا،
کُوهر جيوَن کاڻ،
مٽي ملڪ ملير
جي.
سورج ورني سومرا،
لوئيءَ جي لالاڻ،
مٽي ملڪ ملير
جي.
سدائين سنسار
۾، جيئي جواڻ جماڻ،
مٽي ملڪ ملير
جي.
ھنڌين ماڳين
ڳائبي، ساڻيھہ جي سُرهاڻ،
مٽي ملڪ ملير
جي.
منهنجو مرڻو،
جيئڻو، ڪُلَئِي وطن ڪاڻ،
مٽي ملڪ ملير
جي.
سڀ ڪُجھ آ
”استاد“ جو، ڌرتيءَ سرتيءَ ساڻ،
مٽي ملڪ ملير
جي.
”استاد بخاري“

