ساھا ڌرتيءَ جا موسمن جو ماتم ـ صوفي رحمٰن علي

ـ26  آگسٽ 2025 جي برساتن جي تباهڪاريون سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪرتارپور، ناروال ۾ سکن جي روحاني پيشوا، گروه نانڪ جي وصال واري خانقاهه ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ منظر ڏسڻ ۾ آيو، جتي ٻوڏ جو  لڙو پاڻي عبادتگاه جي اڱڻ تائين پهچي ويو آھي. اُهو پاڻي صرف ديوارن کي نه پائي رهيو هو، پر انساني ضمير جي در تي به دستڪ ڏئي رھيو آھي. منظر، ڪنهن مذهبي عمارت جي ٻڏڻ کان اڳتي، فطرت جي هڪ خاموش مگر زوردار احتجاج جي علامت بڻجي ويو آهي اِهو چتاءُ ته نيچر هاڻ خاموش نه رهندي، ڇو ته انسان ان جي صبر کي وڏي پيماني تي آزمائي رهيو آهي.

اڄ جو انسان هر شئي ماپڻ چاهي ٿو، ڌرتي کان اينڍروميڊا  گيليڪسي  آڪاشي جھمر تائين آسائش، طاقت، ۽ ترقي. پر قدرت محبت چاهي ٿي، توازن چاهي ٿي انسان، جنهن پاڻ کي ترقيءَ جي تاج سان سينگاريو، سو نيچر جي مقدس لڪيرن کي لتاڙي گھڻو اڳتي وڌي ويو ڪچو آهي بغير انهيءَ سوچ جي ته هي ڌرتي فقط رهائشگاهه نه، پر هڪ زندہ روح آهي، انسان، جيڪو پنهنجي آسائشن جي آغوش ۾ گھري ننڍ ستل آهي، هاڻ ڌرتيءَ جي دانهن ٻڌڻ لڳو آهي. پاڻيءَ جي اچانڪ چڙهندڙ لهرن، گرم ٿيندڙ هوا، ڳرندڙ برفاني گليشئر، ۽ برباد ٿيندڙ زراعت، ڄڻ ڌرتيءَ جو احتجاج آهن، جيولوجيڪل ماهر موجب ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ گليشيئرز جي ڳرڻ جي شرح، عالمي شرح کان ٻيڻي ٿي چڪي آهي، ۽ جيڪڏهن 2050 تائين گرمي گهٽ نه ٿي، ته پاڻي تي نه رڪنجدڙن جنگين سلسلو شروع ٿي ويندو.

سنڌوءَ جي ڇولين تي تاريخ جا نشان:

درياهه رڳو وافر مقدار ۾ پاڻي جو ذريعو نه، پر انسان جي هستيءَ جون رڳون ۽ تاريخ جا خاموش شاهد هوندا آهن. درياهه رڳو پاڻيءَ جي لهر ناهي، اها تاريخ جو ساھه آهي. `حراري` سنڌو شينھن درياهه هڪ اهڙي خاموش شاهد، جنهن موهن جي دڙي جا خواب ڏٺا، هڙپا جي دانهن کي محسوس ڪيو، ۽ هزارين ورهين کان انسانيت کي زنده رکيو. وحشي آرين حملي آورن اچانڪ، تاريخ جي ڪنهن انڌاري ورق تا اباگ جهڙو واچوڙو بڻجي وسيا، جنهن وحشت سان سنڌو جي راڄڌانيءَ خواب نگر موھن جي دڙي کي فري لٽي، قتل غارت ڪري برباد ڪيو ۽ انسانيت کي گاء ڏنو آرين حملي آور کان مقدوني سڪندر اعظم، اَرغون، ترخانن، مغلن، انگريزن تائين جڏهن سلطنت برطانيا جي راڻي قُئين اليزابيت سونهري تاج پھري سنڌو جي لهرن ۾ پنهنجو عڪس ڏسڻ لڳي، تڏهن به سنڌو خاموشيءَ سان وهندو رهيو، ڄڻ تاريخ جي صبر جو سبق ڏيندو هجي، جيڪي به ڌاريا سنڌ تي حملي آور ٿيا، سندن لشڪر ته لڙي ويا، پر سنڌو درياهه جي لهرن جي لافاني سرگم کي ڪير ختم ڪري نه سگهيو، هي درياهه نه صرف تهذيبن جو نگهبان رهيو آهي، پر صبر، بقا، ۽ ارتقا جو درس به ڏيندو رهيو آهي.

اڄ به جڏهن دنيا شديد موسمياتي بحرانن ۾ جڪڙيل آهي، سنڌو درياهه، تي ڊيمن، ڪينال ۽ مختلف رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون آهن، ان باجود پنهنجي موج مستي سان سنڌ واسين جي ساهه ۽ سڃاڻپ جو محافظ بڻيل آهي. جيڪي قومون پنهنجي درياهن کي وساري ويهنديون، سي پنهنجي وجود جي جڙ وساري ويهنديون آھن. پر سنڌ، جيڪا ساهه ۽ سنڌو شينھن درياهه سان زنده آهي، انشاءالله قائم به رهندو، ۽ درياهه جي هر لهر ۾ هزارين سالن جي آزاديءَ جي سرگوشي گونجندي رهندي، پر سوال هي آهي ته ڇا اسان ان خبرداري کي غور فڪر سان ڪڏهن ٻڌو آهي؟  انسان جي هٿن ۾ آيل صنعتي قوت، ان لاءِ وڏي مصيبت بڻجي وئي. درياهن ۾ پاڻيءَ جي اچانڪ چڙهندڙ لهرن، گرم ٿيندڙ هوائن، ڳرندڙ برفاني گليشئرن، ۽ اجڙي ويل پوکن جي صورت ۾ ڌرتيءَ جي سڏ فضا ۾ گونجي رهي آهي. هوا ۾ زهريلي گئس، درياهن ۾ گند، زمين مان ساهه ڪڍڻ لاءِ کوٽيندڙ مشينون هي سڀ ڪجهه سرمائيدارن بيٺڪي نظام جي باقيات سرمايو گڏ ڪندڙ  ڪندڙ جو آھي، پر هاڻي نيچر خاموش نه آهي، اها طوفانن جي صورت ۾، برساتن جي جنون سان، ۽ زميني آفتن سان جواب ڏيئي رهي آهي.

جڏهن تهذيبون فطرت کان وڏيون ٿي وڃن، ته نيچر انهن کي زمين سان برابر ڪري ڇڏي ٿي، موسمياتي تبديلي جي شديد اثرن کان پوءِ، ڪي ملڪ آخرڪار سڄاڳ ٿيڻ لڳا. يورپي يونين گرين ڊيل آڻڻ لاءِ اڳتي وڌي رھيا آھن چين ۽ آمريڪا جهڙا ترقي يافتہ صنعتي ملڪ جن، گرين هائوس گيسز گهٽائڻ لاءِ نئون واعدو ڪيو آهي نيون پاليسيون جوڙيون ويون آهن جهڙوڪ ڪاربن ٽريڊنگ، رينيوئبل انرجِي پلان، ۽ نيٽ زيرو ايميشنز جا پروگرام جوڙيا ويا. COP 26 جهڙن عالمي اجلاس ۾ واعدا به ٿيا، پر عملي جامو اڃا تائين نظر نه ٿو اچي، پر سوال اڃا زنده آهي: ڇا هي قدم ڪافي آهن؟ ڇا انسان پنهنجي اندر جي سُستيءَ ۽ انا کي شڪست ڏئي سگهندو؟ يا پوءِ ڌرتي جي آخري ساهه تائين، فطرت کي پنهنجي هٿ سان قتل ڪندو رهندو؟

آسمان تان وسندڙ برسات، جبل جو کسڪڻ لينس لائينڊنگ  ۽ بي وس انسانن جون اکيون، سڀ هڪ ٻئي کان سوال ڪن ٿا ته جتي ترقي آهي، اتي زندگي ڇو گهٽجي رهي آهي؟ اقوام متحده (UN) ۽ ماحولياتي ادارن (جهڙوڪ IPCC) جون رپورٽون انسانذات لاءِ الارم بڻجي سامهون آيون. سول سوسائٽي جا روشن خيال ماڻهو، ليکڪ، ۽ ماحول دوست به هاڻي واعدن کان اڳتي هلي عملي قدم کڻي رهيا آهن وڻڪاري مهمون، ماحول دوست صنعتن لاءِ آواز، ۽ نوجوان نسل ۾ شعور اُجاگر ڪرڻ آھي.


Previous Post Next Post