جيڪو به گهڻو، چالاڪ آ ـ حڪيم پريم چاندواڻي

جيڪو چالاڪ شخص هوندو، اهو رڳو پيو بهانا گهڙيندو، ڪم کان لنوائيندو، پيو ترڪتالي ڪندو رهندو۔ جڏهن ته بيباڪ انسان دل جي سچائيء سان هر ڪم ڪندو ڏکيئي وقت ۾ به گڏ نڪري پوندو۔ ڦيرائي گهيرائي ڳالھ نه ڪندو۔ هر ڳالھه سچائيءَ سان بيان ڪندو۔ باادب با مراد هوندو۔ چالاڪ شخص وانگر بي فيض يا مفادپرست نه هوندو۔ سندس قول ۽ فعل ۾ فرق نه هوندو۔ وعدو ڪندو ته ضرور پاڙيندو اجايا جواز پيش نه ڪندو۔ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته چالاڪ ۽ شاطر ماڻهو بي ضمير ٿين ٿا انهن جون نظرون سدائين باز وانگر شڪار تي کتل هونديون آهن۔ ڪم نڪتو سڄڻ وسريو انهن جي فطرت بڻجي ويندي آهي۔ مطلب ته چالاڪي ۽ مڪاري سندن اندر ۾ ڪٽي ڪٽي ڀريل هوندي آهي۔ پنهن جي مفاد کان اڳتي سندن نظر ڏسڻ سان قاصر هوندي آهي۔

جيڪو به گهڻو، چالاڪ آ،

سو هوندو ڪٿي بيباڪ آ۔

چالاڪ ماڻهو طوطا چشم ٿيندا آهن۔ مطلب يا مفاد ڏسندا ته جهڪي فرشي سلام ڪندا، مطلب نڪتو ته جوڳي نه ڪنهن جا مٽ، ٻن آڱرن جو سلام به نه ڪندا۔ ڏسي ڪنڌ ڦيري ڇڏيندا ڄڻ اڳ واقف ئي نه هيا۔

چالاڪ ڪندو پيو، چالاڪي،

وک وک تي ڪوڙ، دوکو دغائي۔

چالاڪن مان چڱائي ٿيندي،

اڪ مان ڪا، مٺائي ٺهندي۔  

انسان جي شخصيت جو سڀ کان وڏو معيار سندس قولن جي شگفتگي يا نگاهن جي تيزي ناهي، پر سندس دل جي بيباڪي، فڪر جي سچائي ۽ ضمير جي سچائي آهي۔ چالاڪي وقتي فائدو ته ڏئي ٿي، پر بيباڪ شخص لاء هميشہ عزت، اعتماد ۽ وقار جا در کليل هوندا آهن۔ دنيا جي هن تمام تيز ترين ماحول ۾، جتي هر ماڻهو ظاهري چمڪ ۽ عيارانه چال هلڻ کي هنر سمجهي ٿو، اتي بيباڪيءَ جو مقام ڪنهن بلند روشن مناري وانگر آهي۔ اوچو، صاف، منفرد ۽ سڀني کان نمايان۔

چالاڪ ماڻهو هر ڳالهه ۾ حساب ڪتاب ڳولي ٿو، هر رشتو مفاد جي ڪسوٽيء تي پرکي ٿو، ۽ هر مسڪراهٽ پويان ڪو نه ڪو مقصد لڪائي رکي ٿو۔ چالاڪي بظاهر لهر وانگر تيز لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ اها دل کان سڪون کسي وٺي ٿي۔ اهڙو ماڻهو هر وقت خوفن جي ڇانوري ۾ رهي ٿو۔ ڪڏهن راز کلي نه پوي، ڪڏهن ڳالهه سامهون نه اچي، ۽ ڪڏهن سندس چالاڪيءَ جو پردو چاڪ نه ٿي پوي۔  اهڙي زندگيء ۾ آسودگي نه هوندي آهي، رڳو پنهنجو پاڻ کان پاڻ لڪل رهڻ جو عذاب هر وقت کيس ڀوڳڻو پوندو آهي۔

بيباڪي ان جي اُبتڙ هڪ سچو سرمايو آهي۔ بيباڪ ماڻهوءَ وٽ رياڪاريءَ جو ڪو پردو، ڪو دوکو ۽ ڪا جڙتو، مصنوعي يا هٿرادو مصلحت نه هوندي آهي۔ سندس زبان صاف، دل سچي ۽ ارادو شفاف هوندو آهي۔ بيباڪي اها لهر آهي، جيڪا انسان کي پاڻ سان ايماندار بڻائي ٿي، ۽ پوءِ اهو ئي ايمان ٻين جي وچ ۾ سندس وقار جو سبب بڻجي ٿو۔ بيباڪ ماڻهوءَ جا لفظ دلين ۾ لهي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠ ته اهي دل مان نڪتل ۽ سچا ٻول هوندا آهن۔

تاريخ گواهي ڏئي ٿي ته وقت جي وير ۾ جيڪي نالا امر ٿي ويا، اهي هميشه بيباڪيءَ وارا ئي هيا۔ انهن سچ لاءِ نه رڳو آواز اُٿاريو، پر دل جي اندر جي ديپ کي سدائين روشن رکيو۔ انهن لاءِ سچ ڳالهائڻ ڪو خطرو نه، پر زندگيءَ جي نيڪي ۽ ڀلائي هئي۔ اڄ جي سماج ۾، جتي ظاهري شور ۽ ڏيکاء گهڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ بيباڪ انسان ڪنهن ٿڌڙي هوا جي جھونڪي وانگر آهي۔ سنجيده سچار ۽ اندر تائين سڪون ڏيندڙ۔ چالاڪيءَ سان ماڻهو رستو ٺاهي سگهي ٿو، پر بيباڪي سان انسان دلين ۾ جاءِ ٺاهي ٿو۔

آخر ۾ حاصل مقصد اهو ئي رهي ٿو ته:

چالاڪ ماڻهو پاڻ کي لڪائيندو رهي ٿو، پر بيباڪ ماڻهو پاڻ کي ظاهر ڪري، سچ جي روشنيءَ سان قدم کڻندو اڳتي وڌندو رهي ٿو۔

سچي ۽ حقيقي اها ئي ڳالهه آهي ته:

جيڪو گهڻو چالاڪ هوندو، سو بيباڪ ڪٿي هوندو آهي اهو ته رڳو شاطرائپ ڪندو رهندو آهي۔ بهانا گهڙيندو رهندو آهي۔

چالاڪ ڪندو پيو، شاطرپائي،

بيباڪ آ رکندو دل جي صفائي۔

چالاڪيء جو پردو چاڪ،

سدا  سرخرو، رهي بيباڪ۔




Previous Post Next Post