دَوا، دُعا ۽ دانائيءَ جو وِڇوڙو ـ معشوق محسن ابڙو

سنڌ، جيڪا صوفين جي سرزمين، عالمن جي آغوش ۽ حڪمت جي وراثت آهي، اَڄ پنهنجي هڪ اهڙي سپوت کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن علم کي عبادت، خدمت کي سعادت ۽ خاموشيءَ کي حڪمت بڻائي ورتو هو. صوفي غلام مصطفىٰ ڪانڌڙو ولد حڪيم صوفي لعل بخش ڪانڌڙو، اربع ڏينهن 14 جنوري 2026ع تي پنهنجي خالقِ حقيقي ڏانهن راهي ٿيو. سندس لاڏاڻي سان نه رڳو مورو شهر، پر سڄي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ حڪمتي فضا سوڳ ۾ وڪوڙجي وئي آهي. اهو خال جيڪو سندس وڃڻ سان پيدا ٿيو آهي، اهو رڳو شخصيت جو نه، پر هڪ مڪمل فڪر، فيض ۽ فرزانگيءَ جي دور جو خال آهي. منهنجي صوفي غلام مصطفىٰ ڪانڌڙي سان پهرين ملاقات، سائين سيد مختيار علي شاهه ”مُختيار“ جي معرفت ٿي، اها ملاقات نه رڳو رسمي هئي، پر روحاني هئي؛ نه رڳو تعارف هئي، پر تعلق جي شروعات هئي. ان پهرين ئي نظر ۾ سندس نگاهه ۾ نرمي، لهجي ۾ لوچ ۽ لفظن ۾ وزن اهڙو هو، جو دل پاڻ ئي پاڻ ڇڪجي ويئي. اها هڪ اهڙي ڪشش هئي، جنهن ۾ ڪابه مصنوعيت نه، پر فطريت هئي؛ ڪوبه ڏيکاءُ نه، پر ديد هئي. ان ملاقات کان پوءِ دل بار بار چاهيندي هئي ته ساڻس وري ويهان، وري ڳالهايان، وري ٻڌان—ڇو ته اهڙا ماڻهو ملڻ سان نه، پر سمجهڻ سان وڌيڪ پنهنجا لڳندا آهن. ٻي ملاقات ڪهنه مشق اديب، دانشور ۽ ساڃاهه وند شخصيت رسول بخش گچيرائيءَ سان گڏ ٿي. اها ملاقات ڳالهين جي نه، پر گهاٽين گهڙين جي هئي؛ لفظن جي نه، پر لهرن جي هئي. انهيءَ ملاقات دوران مون ”روح رهاڻ“ نالي سوشل ميڊيا پليٽ فارم لاءِ صوفي غلام مصطفيٰ کان انٽرويو ورتو، جيڪو رڳو سوال جواب جو سلسلو نه، پر فِڪر ۽ فَھم جي رهاڻ بڻجي ويو. پاڻ بنا ڪنهن هٻڪ، بنا ڪنهن اٽڪ، بنا ڪنهن لکيل تياريءَ جي لڳاتار منهنجن سوالن جا جواب ڏيندو رهيو. لڳ ڀڳ چاليهن منٽن کان وڌيڪ جاري رهندڙ اهو انٽرويو سندس فڪري وسعت، ذهني تيزي ۽ علمي پختگيءَ جو زنده ثبوت هو. سندس هر جواب ۾ معنيٰ جا موتي، هر جملي ۾ فڪر جو ڦول ۽ هر خيال ۾ تجربن جي خوشبو هئي. هو ڳالهائيندو ته لڳندو هو ڄڻ ڪتاب کلي ڳالهائي رهيو هجي، يا ڄڻ تاريخ زباني بيان ٿي رهي هجي. نه ورجاءُ، نه وڌاءُ، نه اجايو جذبو، نه اڌورو دليل، پر توازن، ترتيب ۽ تسلسل. اهو انٽرويو مون سندس اوطاق تي ڪيو هو، جتي علم جي خوشبو، مهمان نوازيءَ جي روايت ۽ محبت جي مهڪ گڏجي هڪ الڳ فضا پيدا ڪري ڇڏي هئي. صوفي غلام مصطفيٰ وڏو مهمان نواز، محبتي ۽ من جو مٺو انسان هو. عمر دراز هوندي به، اسان جي خدمت خلوص سان ڪيائين؛ ڳالهين ۾ گرمي، نظرن ۾ وقار ۽ روين ۾ احترام هو. هو اهڙن ماڻهن مان هو، جيڪي پاڻ وڏا ٿي به ٻين کي ننڍو محسوس نه ڪرائيندا آهن، بلڪِ پنهنجي وڏي دل سان سڀني کي وڏو بڻائيندا آهن. سندس محبت لفظن ۾ نه، پر لهجي ۾ هئي.

هن پنهنجي اولاد کي به علم جي زيور سان آراسته ڪيو. سندس اولاد به پاڻ جيان گهڻو لکيو پڙهيو، باعمل، بااخلاق ۽ باشعور آهي. جيئن هن پنهنجي زندگي علم، خدمت ۽ اخلاق لاءِ وقف ڪئي، تيئن پنهنجي اولاد ۾ به ساڳيو فڪر، ساڳي فضا ۽ ساڳي فرزانگي منتقل ڪئي. اها به سندس زندگيءَ جي وڏي ڪاميابي آهي ته هو پنهنجي پويان رڳو نالو نه، پر نظريو ڇڏي ويو؛ رڳو نسل نه، پر نصاب ڇڏي ويو. اهي ملاقاتون، اهي رهاڻيون ۽ اهي گهڙيون اڄ ياد بڻجي دل جي ديوار تي ٽنگيل تصويرون آهن—خاموش، پر ڳالهائيندڙ؛ بي آواز، پر بااثر. صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي سان منهنجو تعلق وقتي نه، پر تاثر جو هو؛ ملاقاتن جو نه، پر معنيٰ جو هو. هو هليو ويو، پر پنهنجي لفظن، پنهنجي وڻندڙ وقار ۽ پنهنجي محبت ڀري ياد سان هميشه لاءِ رهجي ويو. اهڙا ماڻهو وقت کان جدا ٿين ٿا، پر دلين کان ڪڏهن جدا ناهن ٿيندا. صُوفِي غلام مُصطفيٰ ڪانڌڙي 13 اپريل 1949ع تي ڳوٺ خدا بخش ڪانڌڙي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. ڄمڻ سان گڏ سندس نصيب ۾ علم جي نور، دل ۾ درد، نگاهه ۾ نرمي ۽ زبان تي ذڪر لکيل هو. ننڍپڻ کان ئي سادگي سندس سينگار، سنجيدگي سندس سڃاڻپ ۽ سڪون سندس ساهه هو. پرائمريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين تعليم موري شهر ۾ حاصل ڪري 1966ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. انهيءَ دور ۾ پنهنجي والد بزرگوار حڪيم صوفي لعل بخش ڪانڌڙي جي صحبت ۾ حڪمت جا گُر، علاج جا اصول ۽ انسانيت جا سبق سکندو رهيو. ائين علمِ ڪتاب سان گڏ علمِ ڪردار به سندس شخصيت جو حصو بڻيو. 1970ع ۾ سنڌ طبيب ڪاليج حيدرآباد مان طب جو چار سالا ڪورس مڪمل ڪري حڪمت جي پيشو اختيار ڪيائين. حڪمت هن لاءِ رڳو علاج نه، پر عبادت؛ رڳو دوا نه، پر دعا؛ رڳو نسخو نه، پر نيت هئي. سندس ڪلينڪ ۾ دوا کان اڳ دل ڏٺي ويندي هئي، مرض کان اڳ مريض پڙهيو ويندو هو. غريب لاءِ غمگسار، امير لاءِ اخلاص، بيمار لاءِ ڀروسو ۽ مايوس لاءِ اميد بڻيل صوفي غلام مصطفىٰ حڪيم نه، پر شفا، علم، عمل ۽ عشق جو امر استعارو هو. 1980ع ۾ موري شهر ۾ طبيه ايسوسيئيشن جو بنياد وڌائيندي هن حڪيم برادريءَ کي تنظيم، تربيت ۽ ترتيب عطا ڪئي. سندس سوچ هئي ته جڏهن علم گڏجي، اتحاد سان هلي، ته اثر وڌي ٿو ۽ احترام جنم وٺي ٿو. 1987ع ۾ سندس ويزن، ولولي ۽ وسيلن سان مهراڻ طيبه ڪاليج قائم ٿيو، جيڪو اڄ به حڪمت جي تعليم جو روشن مينار آهي. پاڻ هن اداري جو پرنسپال رهيو ۽ شاگردن کي رڳو نصاب نه، پر اخلاق، عاجزي ۽ انسان دوستي سيکاريائين. هي ادارو سندس حياتيءَ جو وڏو صدقيه جاريه آهي، جتان نڪرندڙ شاگرد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس فڪر جو پرچار ڪن ٿا. ادب جي ميدان ۾ صوفي غلام مصطفىٰ جو قلم ۽ قلب به صوفي هو، شايد اهڙن ئي صوفين لاءِ لطيف سائينءَ چئي ڏنو؛

صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛

تِھان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

يا ٻي جاءِ تي لطيف فرمايو ته؛

جي ڪُلاهَ رکين ڪنڌ تي، تہ صوفي سالم ٿِيءُ؛

وِھ وٽِي ھٿ ڪري، پُر پيالو پِيءُ؛

ھَنڌُ تنِين جو ھِيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.

تاريخِ اسلام، صوفياءِ ڪرام، اولياءَ الله، عالمن ۽ سنڌ جي علمي شخصيتن تي لکيل سندس مقالا دليل، دردمندي ۽ ديد ۾ ويڙهيل آهن. سندس تحرير ۾ تحقيق جي روشني، عقيدت جي خوشبو ۽ سچائيءَ جي سگهه موجود آهي. پاڻ صحافت جي صحن جو سينگار هو هلالِ پاڪستان اخبار سان سندس جيءَ جون جَڙون ڳنڍيل هيون. خاص ڪري محرم جي مهيني ۾ سندس ڪالم شهداءِ ڪربلا جي شان ۾ جيڪي ڇپبا هئا اهي ڪمال جا هئا. حضرت بلاول نوراني، فقير عبدالخالق غمدل سائين (سنڌ جو ڪامل ولي ۽ صوفي شاعر)، سانوڻ فقير “نڙ بيت جو شهنشاهه”، حضرت مخدوم حسن جهانيان ۽ سيد مهدي شاهه جهانيان بابت ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي لکيل ڪالم/ مقالا سنڌي تحقيقي ادب جو قيمتي سرمايو آهن. صوفي صاحب ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو، جن ۾ مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي مورو، لطيف ادبي ڪلب مورو، مورو سٽيزن الائنس، نيشنل ڪائونسل فار طب، بزم صوفياءِ سنڌ ۽ جهانيان ڪلچرل سوسائٽي شامل آهن. هر تنظيم ۾ سندس ڪردار سچائي، سڪون ۽ سڌاري جو سبب بڻيو. هو اختلافن ۾ به اخلاق، بحث ۾ به بردباري ۽ فيصلي ۾ به توازن رکندو هو. صوفي غلام مصطفىٰ ڪانڌڙو شخصيت نه، پر نصاب هو؛ فرد نه، پر فڪر هو؛ نالو نه، پر نيڪيءَ جو نشان هو. هن شهرت کان پاسو، خدمت کي اختيار ۽ خاموشيءَ کي وقار بڻايو. سندس زندگيءَ جو هر پهلو ان ڳالهه جو شاهد آهي ته وڏائي آواز ۾ نه، پر عمل ۾ هوندي آهي؛ عظمت لقب ۾ نه، پر ڪردار ۾ جهلڪندي آهي. اَڄ جڏهن هو اسان کان جدا ٿي چڪو آهي، تڏهن به سندس يادون، لکڻيون، شاگرد، ادارا ۽ نيڪ عمل زنده آهن. موري شهر جون گهٽيون، حڪمت جا ڪمرا، ادب جا ورق ۽ صوفي مجلسون اڄ به سندس نالي سان ساهه کڻن ٿيون. سندس وڇوڙو اهڙو زخم آهي، جيڪو وقت سان ته ڀرجي سگهي ٿو، پر نشان هميشه رهندو. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مرحوم صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سندس علم، حڪمت ۽ ادب جي خدمتن کي قبول فرمائي، ۽ پونئيرن، شاگردن، دوستن ۽ سڄي سنڌ کي صبر جميل عطا فرمائي.

اهڙا ماڻهو مرندا ناهن، اهي تاريخ جي حافظي ۾ هميشه جي لاءِ زنده رهندا آهن. بقول لطيف سائينءَ جي؛

مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نہ ماتُ. 

هوندا سي حَياتُ، جِئَڻان اَڳي جي جِئا.

 


Previous Post Next Post