صحت جو نظام هڪ ڪاروبار ـ اعجاز ممنائي

اسپتالن جي اڇي رنگ جي عمارتن ۽ اڇي ڪوٽ جي پويان، اڪثر ڪري ڪارا سچ لڪيل هوندا آهن جن کان عام مريض ۽ انهن جي گهر وارن کي خبر ناهي. هونءَ ته سنڌ جي هر اسپتال جو ساڳيو حشر آهي، جنهن تي لکندي لکندي ڪيترائي نسل ختم ٿي ويا آهن پر ڪو کڙتيل نه ٿو نڪري آخر شڪايت ڪنهن کي ڏجي. هڪ اسپتال جو قصو پڙهڻ لاءِ مليو ته هڪ عورت جو مشهور ڊاڪٽرياڻيءُ وٽ آپريشن ٿيو، ان بعد ڪوبه ڊيوٽي ڊاڪٽر مريض وٽ نه آيو. تڪليف دوران موجود ڪمپائونڊ هڪ انجيڪشن لکي ڏيندا رهيا، آپريشن کان اڳ ۽ پوءِ اسپتال انتظاميا جو عجب رويو ڏٺو  A/C ڪمري جي چارج 8700 ورتي وئي ڪمري جو ٽيمپريچر اهو هو ته ان کان بهتر ڪمرو نان A/C هجي ها هر ٻن ڪلاڪن بعد A/C بند رکي وئي۔ عملي جا بااخلاق جملا سائين چانهه پياريو. مريض کي OT وٺي وڃڻ تي چانهه، واپس آڻڻ تي چانهه، آپريشن ٿي ويو ان جي چانهه، ڊاڪٽرياڻي جي ماسيء جي چانهه، ڪمپائونڊ جي چانهه، سئيپر جي چانهه، چوڪيدار جي چانهه، اسپتال انتظاميا جون خرچي سهولتون فراهم ڪرڻ، ميڊيسن جي آرڊر جي خرچي، ڪمري جي صفائي جي خرچي، مريض جي ملم پٽي جي خرچي، اوهان جي هٿ ۾ چانهن، ماني، فروٽ يا ٻيو ڪجھ کائڻ جو سامان هوندو ته در کڙڪائي ان مان گُھر ڪندا آھن۔ بهرحال اسپتال جو حيران ڪندڙ ماحول ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون۔ ان کان علاوه ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به آهن جيڪي ڊاڪٽر هڪ ٻئي کي چوندا آهن، پر توهان کي ڪڏهن به نه چوندا. هتي اهي اسپتالن بابت 15 تلخ ۽ ڳجهيون حقيقتون ظاهر ڪريون ٿا.

1.       جولاءِ جو اثر:

پوري دنيا ۾، خاص طور تي تدريسي اسپتالن ۾، نوان ۽ ناتجربيڪار ڊاڪٽر اڪثر سال جي ڪجهه مهينن جولاءِ ۽ آگسٽ دوران ايندا آهن. ان دوران، طبي غلطين جي شرح وڌي ويندي آهي. توهان اصل ۾ انهن لاءِ سکيا جو اوزار آهيو.

2.       اسپتال، جراثيم جو گهر:

جيئن ته اسپتال صحتياب ٿيڻ جي جاءِ آهي، پر حقيقت ۾ اها سڀ کان گندي جاءِ پڻ آهي. اهو سپر بگس جو گهر آهي. اهي جراثيم آهن جن تي اينٽي بايوٽڪ ڪم نه ڪندا آهن. اڪثر مريض پنهنجي بيماريءَ سبب نه پر اسپتال مان حاصل ٿيندڙ انفيڪشن سبب مرندا آهن.

3.       غير ضروري ٽيسٽ ۽ ڪميشن:

اهو هڪ کليل راز آهي ته ڪيتريون ئي خانگي اسپتالون ۽ ليبارٽرين جو هڪ ڍير آهي. ڊاڪٽر اهڙيون ٽيسٽون لکي ٿو جن جي توهان کي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ ته هر ٽيسٽ جي هڪ مختلف چاجز هوندي آهي، جيڪا مريض کي ادا ڪرڻي پوندي آهي۔ جن تي ڊاڪٽر جي ڪميشن 20 کان 40 سيڪڙو مقرر ٿيل هوندي آهي.

4.       وينٽيليٽر ميٽر:

وڏين خانگي اسپتالن ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته مريض دماغي طور تي مري ويندو آهي ۽ ان جي بچڻ جي ڪا اميد نه هوندي آهي، پر اسپتال جو عملو ان کي وينٽيليٽر تي رکندو آهي ته جيئن ميٽر هلندو رهي ۽ لکين روپين جو بل ٺهي سگهي جيڪو وارثن کي ادا ڪرڻو آهي.

5.       جمعي جي منجهند ۽ هفتي جي آخر ۾ خطرو:

جمعي جي منجهند يا موڪلن تي سنگين سرجريون نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. انهن ڏينهن ۾ سينئر ۽ ماهر ڊاڪٽر موڪل تي هوندا آهن. مطلب ته اسپتال جونيئر اسٽاف جي رحم ڪرم تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هفتي جي آخر ۾ ايمرجنسي روم ۾ ايندڙ مريضن ۾ موت جي شرح وڌيڪ هوندي آهي.

6.       ڊاڪٽر جي ننڊ ۽ ٿڪاوٽ:

توهان سوچيو ٿا ته ڊاڪٽر خدا جو روپ آهي، پر هو هڪ انسان آهي. جيڪو سرجن توهان جو پيچيده آپريشن ڪرڻ وارو آهي، ان شايد گذريل 24 ڪلاڪن کان ننڊ نه ڪئي هجي يا شايد ڪنهن گهريلو مسئلي ۾ مبتلا هجي. ننڊ جي کوٽ ڊاڪٽر جي ڪارڪردگي تي منفي اثر وجهي ٿي.

7.       سي سيڪشن جو ڪاروبار:

اڄڪلهه، نارمل ڊليوري تمام گهٽ ٿي چڪي آهي. ان جو سبب صرف پيچيدگي نه آهي، پر وقت ۽ پئسا پڻ آهي. نارمل ڊليوري ۾ ڪلاڪ لڳن ٿا ۽ بل گهٽ ايندو آهي، جڏهن ته وڏو آپريشن (سي-سيڪشن) 45 منٽن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ بل به ٻيڻو ٿي ويندو آهي.

8.       دواسازي ڪمپنين کان تحفا:

ڊاڪٽر اڪثر ڪري سستي ۽ بهترين دوا نه ٿو لکي، پر اها جيڪا ڪمپني تجويز ڪئي آهي شايد ڪانفرنس جي نالي تي يورپ جو سفر يا ڪو مهانگو تحفو ڏنو ويو هجي. هي هڪ نسخه اصل ۾ هڪ ڪاروباري ڊيل آهي۔

9.       موت جي خبر لڪائڻ ڪوڙي اميد:

ڊاڪٽر کي اڪثر ڄاڻ هوندي آهي ته مريض بچي نه سگهندو، پر اهي فوري طور تي گهر وارن کي نه ٻڌائيندا آهن. اهي چوندا آهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم آهن، دعا ڪريو. اهو ان ڪري ڪيو ويندو آهي ته جيئن خاندان ذهني طور تي تيار هجي ۽ اسپتال عملي تي ڪو سخت قدم نه کڻن.

10.    وي آئي پي ڪلچر:

اسپتال ۾ هر ڪنهن جو رت ڳاڙهو هوندو آهي، پر پروٽوڪول مختلف هوندو آهي. جيڪڏهن توهان جو ڪو واقفڪار يا سفارش ڪندڙ آهي، ته توهان کي ڪنهن سينئر ڊاڪٽر طرفان چيڪ اپ ڪيو ويندو ۽ دوائون وٺي کيس گاڏيءَ تائين ڇڏيو ويندو آهي، ٻي صورت ۾ توهان کي وارڊ بواءِ ۽ نرسن تي منحصر ڪرڻو پوندو ۽ ٿرڊ ڪلاس ڪمپنيء جون دوائون لکي ڏنيون وينديون آهن.

11.    ڪوڊ ورڊ:

ڊاڪٽر ۽ عملي توهان جي سامهون اهڙا اصطلاح استعمال ڪندا آهن جيڪي شايد توهان کي سمجهه ۾ نه اچن. مثال طور، ڪجهه ملڪن ۾، ڊاڪٽر مريض کي پنهنجي حالت کان بچائڻ لاءِ "GPO" (صرف حصن لاءِ سٺو) يا ان جهڙا ڪوڊ استعمال ڪندا آهن.

12.    سرڪاري بمقابله خانگي رويو:

اهو ساڳيو ڊاڪٽر جيڪو توهان کي سرڪاري اسپتال ۾ اڍنگو رويو رکي منهن ڦيري توهانجو چيڪ اپ ڪري ٿو، شام جو پنهنجي خانگي ڪلينڪ ۾ توهان سان مُرڪندي ملندو آهي. فرق توهان جو ناهي، فرق ان فيس جو آهي جيڪا توهان ادا ڪئي آهي.

13.    غلطيون تسليم نه ڪرڻ:

جيڪڏهن ڊاڪٽر آپريشن دوران رڳ ڪٽي ٿو يا ڪا غلطي ڪري ٿو، ته اهي توهان کي ڪڏهن به نه ٻڌائيندا. اهي فائل کي پيچيدگي جو نالو ڏئي ڪنهن ٻي اسپتال ۾ ريفر ڪندا، ڇاڪاڻ ته وٽن غلطي تسليم ڪرڻ جو مطلب آهي قانوني ڪارروائي ۽ بدنامي آهي.

14.    دوائن جون غلطيون:

اسپتالن ۾، مريضن کي اڪثر شفٽ جي تبديلين دوران غلط دوا يا غلط خوراڪ ڏني ويندي آهي. اهي غلطيون تيستائين رڪارڊ نه ڪيون وينديون آهن جيستائين ردعمل تمام سخت نه هجي.

15.    توهان صرف هڪ ڪيس آهيو:

توهان لاءِ، توهان جو مريض سڄي دنيا آهي، پر هڪ ڊاڪٽر لاءِ، هو بستري نمبر 14 تي پيل گردي جو مريض آهي. ڊاڪٽرن کي سيکاريو ويندو آهي ته جذباتي طور تي لاتعلق رهو، ٻي صورت ۾ اهي هر روز درجنين موت ڏسڻ کان پوءِ ڪم نه ڪري سگهندا. انهن جي لاپرواهي پڻ انهن جي مجبوري آهي.هر ڊاڪٽر خراب ناهي هوندو ڪجهه ڊاڪٽر مسيحا به هوندا آهن، پر صحت جو نظام هڪ ڪاروبار بڻجي چڪو آهي. اسپتال وڃڻ وقت انڌو اعتبار نه ڪندا ڪريو، پنهنجي پاڻ تي اعتبار ڪريو تحقيق ڪريو ۽ سوال پڇڻ سکو ته جيئن انسانيت جو ڀلو ٿي سگهي۔


Previous Post Next Post