پيءُ ھڪ گھر
سان گڏ سموري خاندان جو اهو مضبوط ٿنڀ ھوندو آهي، جيڪو
خاموشي سان اولاد جي زندگيءَ کي سهارو ڏيندو رھندو آهي. جيڪو
پوري گھر لاءِ ڇپر ڇانو ۽
اولاد لاءِ زندگي جي سونھن سرھاڻ ھوندو آھي. سندن
موجودگي اولاد لاءِ آٿت ۽ بي فڪري
جو سبب ھوندي آهي. جيتوڻيڪ هو پنهنجي احساسن
جو گهٽ ئي اظهار ڪندو آهي، پر سندس پاران ڪيل محنت، ڇانو، اس، سيءَ
۽ مينهن ۾ ڏنل قرباني ۽ هر فيصلو اولاد جي بهتر مستقبل لاءِ ئي هوندو آهي. پيءُ
جي شفقت بيان ڪيل لفظن کان وڌيڪ سندس پاران عملي طور نظر ايندي آهي. پيءُ
اولاد لاءِ نٽھڻ اس ۾، ڇانوَ جيان، گرميءَ ۾ پرسڪون ٿڌڪار جيان ته
مشڪلن جي ھر طوفان ۾ پناھ مثل ھوندو آهي. جيڪو
پاڻ ڏکن کي سينو ڏئي، اولاد جي چهري
تي مسڪراهٽ آڻڻ جي جدوجهد ۾ جٽل رھندو آهي. اولاد
کي بھترين تعليم سان گڏ تربيت، اخلاق سان گڏ
نظم و ضبط سيکارڻ ۾ پيءُ جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي. هو
اولاد کي زندگيءَ جي حقيقتن سان روبرو ڪري، مضبوط
۽ ذميوار انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
اولاد لاء پيءُ
جي شفقت صرف محبت جي اظهار تائين محدود ناهي رھندي، پر
اها سندس لاءِ زندگي جي مڪمل
رهنمائي، حوصلا افزائي ۽ تحفظ جو عمل ھوندو آهي. جڏهن
به اولاد ڪمزور ٿيندو آهي ته پيءُ کيس همٿ ڏيندو آهي. جڏهن
ڀٽڪندو آهي ته صحيح رستو ڏيکاريندو آهي. سندس پاران
اولاد لاءِ بظاهر ڪيل سختي به اصل ۾ شفقت جو ئي هڪ روپ
هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اها اولاد کي ڪنهن به بگاڙ کان بچائڻ لاءِ
هوندي آهي.
ساڳي وقت والد
جو وڇوڙو جي کي جھوريندڙ ھوندو آهي. جيڪو انسان
کي نه صرف زندگي جي ويران رڻ ۾ اڪيلو ڪري ڇڏي ٿو پر بي وسي جو پڻ احساس ڏياري ٿو. سندس
جي گذري وڃڻ کانپوءِ گهر جون ڀتيون
ته ساڳيون رهنديون آهن، مگر انهن ۾
اها گرمجوشي ۽ پناھ باقي ناھي رهندي آهي. گھر
۾ ڪيل ڪو فيصلو، ڪا به خوشي يا ڪنهن به
ڏک ۾ پيءُ جي ساٿ ۽ شفقت کوٽ شدت سان محسوس ٿيندي آهي. ڪڏهن
ڪا سندس جي ڪيل نصيحت ياد اچي يا سندس خاموش محبت جو احساس ۽ توڙي جو سندس پاران ڪيل
سختي، تنهن وقت ڏک کي وڌيڪ گھرو ئي بڻائيندي
آهي. جيڪو ڏک صرف اکين جي ڳوڙهن تائين محدود ناهي رھندو، پر دل جي گهراين ۾ لهي ويندو آهي. جيتوڻيڪ
دنيا جي مصروفيتن ۽ وقت گذرڻ سان ڪجھ زخم بظاهر ڀرجندي نظر ايندا آهن، پر پيءُ جي ياد ڪڏهن به وسري
ناھي سگهندي. هر ڪاميابيءَ يا ناڪامي تي دل اھو ئي چوندي آهي ته ڪاش بابا هجي ها، پر ان وقت ڪجھ ھوندو آهي ته
اھڙي ڏک تي صبر ۽ دعا.
سندس پاران
سيکاريل قدر، اخلاق ۽ محنت جو درس ئي اولاد لاءِ تنهن وقت سڀ کان وڏي وراثت ھوندا آهن. ڇاڪاڻ
ته والد، جسماني طور موجود ناھي هوندو، پر سندس دعائون، يادگيريون ۽ سيکڙاٽيون هميشه زندگي ڀر اولاد سان
گڏ رهنديون آهن.

