پاڪستان، جيڪو نوجوانن جو ملڪ سڏجي ٿو، ڇو
تہ هتي آباديءَ جو وڏو حصو شاگردن تي ٻڌل آهي. والدين پنهنجو جمع
ڪيل پيسو، ڏوڪڙ ۽ اميدون صرف ان آس تي سندن اولاد مٿان
لڳائن ٿا تہ سندن ٻار تعليم
حاصل ڪري بھترين ۽ مستحڪم مستقبل جو حصو بڻجن، پر
حقيقت هن کان بلڪل ابتڙ آهي. ملڪ جا هزارين
اعليٰ تعليم يافتہ نوجوان، هٿن
۾ بيشمار ڊگريون کڻي بہ نوڪريءَ توڙي
بھتر روزگار کان محروم آهن. جنهن جي ھڪ وجھ, اسان
جي يونيورسٽين جو هر سال لکين گريجوئيٽس ۽ ماسٽرز شاگرد پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا
پڻ نصاب جي جديد ۽ مهارتي گھرجن سان گڏ عملي تربيت جي کوٽ سان شاگردن
کي صرف ڪتابي علم طور ملي ٿي، جڏهن تہ دنيا علمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ تمام اڳتي وڌي
چڪي آهي.
دنيا ۾ تعليم
جي حصول لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي،
مصنوعي ذهانت، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروباري ماڊلز جو استعمال ٿي رھيو آهي، جڏهن تہ
اسان
جا نوجوان رڳو نظرياتي ڄاڻ تائين محدود آهن. ملڪ
۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ مايوسي
جو سبب بڻجي چڪي آهي. ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح انتھائي
درجي
تائين وڌي چڪي آهي.
ملڪ جا سرڪاري
ادارا نوڪريون ڏيڻ ۾ سخت ناڪام آهن، جڏهن تہ نجي شعبي ۾ صرف انهن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي
جن وٽ جديد اسڪلز ۽ تجربو ھجي. نتيجي ۾ هزارين
نوجوان، جيڪي سندن تعليم جا 16 کان 18 سال لڳائي
چڪا آهن. نوڪريءَ لاءِ در بدر ۽ ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿي ويا
آهن۔ اسان وٽ جيڪي ڪجهہ
نوڪريون
ملن بہ ٿيون تہ
اھي
وڏي سفارش ۽ ڳري رشوت ڀريندڙن کي ملن ٿيون. اها ئي تلخ حقيقت آهي تہ اسانجي ملڪ ۾ نوڪريءَ لاءِ قابليت کان وڌيڪ وڏي کان وڏي سفارش
۽ وڌ کان وڌ رشوت کي اهميت ڏني وڃي ٿي. هي
عمل ميرٽ تي ڀروسو ڪندڙ شاگردن لاءِ انتهائي مايوسيءَ جو سبب بڻجي ٿو. اهڙي صورتحال
۾ جيڪي شاگرد حقدار آهن، اهي حقيقي موقعن
کان محروم ٿي مستقبل جي اونداهين ۾ ڌڪجي وڃن ٿا.
بيروزگاريءَ جي ڪري نوجوانن ۾ سماجي توڙي معاشي دٻاءُ سان گڏ ذهني دٻاءُ
پڻ
وڌي رھيو آهي. جنهن سبب سماج تي پڻ ناڪاري اثر پئجي رھيا آهن. جيڪي
والدين پنهنجي جمع پونجي ۽ سموري زندگيءَ
جو
بچايل ڌن سندن اولاد جي تعليم تي خرچ ڪن ٿا. نوڪري
نہ ملڻ سبب انهن جون اميدون پڻ ٽٽي وڃن ٿيون. گهريلو
مسئلا وڌي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي نوجوان مايوسيءَ ۾ غلط رستن ڏانهن بہ مائل ٿي وڃن ٿا، جيڪو سماج لاءِ وڌيڪ خطرناڪ
آهي۔
حڪومت کي گھرجي
تہ اڄ جي جديد دور مطابق تعليم جي ضرورت کي
سمجهندي ان ۾ جدد آڻي، خاص ڪري ٽيڪنيڪل
۽ ڊجيٽل تعليم کي عام ڪرڻ گهرجي۔ وڌيڪ حڪومت
کي روزگار جا وڌ کان وڌ ذريعا پيدا ڪرڻ سان گڏ ميرٽ کي يقيني بڻائڻ گھرجي ۽ سفارشي/رشوت
واري ڪلچر کي ختم ڪرڻ گھرجي تہ جئين اھڙن بيروزگار نوجوانن ۽ سندن والدين جي ڏکن سورن
جو ڪجهہ ازالو ٿي سگهي.