نيويارڪ يونيورسٽي
جي شاگرد ليٽا پراڪٽر 1986ع ۾ سمنڊ ۾ وائرس ڳڻڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت عام خيال اهو
هو تہ گهڻو ڪري ئي ڪجھ ملندو. ماهرن جو خيال هو تہ سمنڊ ۾ جيڪي وائرس هوندا، اهي نيڪال
واري پاڻي ۽ زمين کان وڃڻ واري ٻين ذريعن جي ڪري هوندا.
پر ڪجھ سائنسدانن
کي شاهديون ملي رهيون هيون جيڪي ان عام اتفاق راءِ سان مطابقت نہ رکن ٿا. سمنڊ جي بائيالوجسٽ
جان سي برٿ سمنڊي بيڪٽيريا جي تصوير پڌري ڪئي هئي جيڪا وائرس سان ڀريل پيل هئي. ان
کي ڏسي پراڪٽر ان تي تحقيق ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هوءَ جزائر غرب الهند ۾ سارگاسو سمنڊ
۾ وئي ۽ سمنڊ جو پاڻي حاصل ڪيائين. ان مان گهڻي احتياط سان بائيالوجيڪل مواد الڳ ڪيائين
۽ اليڪٽران مائڪروسڪوپ جي هيٺ ڏٺو. اها وائرس جي دنيا هئي. ڪي آزاد ڦري رهيا هئا، ڪي
وائرس جي اندر ميڙاڪو جمايل هئا. پراڪٽر اندازو لڳايو تہ هڪ ليٽر سمنڊي پاڻي ۾ هڪ کرب
وائرس آهن.
پراڪٽر جو عدد
ڏسي ائين پئي لڳو تہ ان ۾ ڪجھ زيرو غلطي سان ڪري پيا آهن پر جڏهن ٻين سائنسدانن پنهنجو
سروي ڪيو تہ ائين ئي اندازن جي ويجهو پهتا. في ليٽر هڪ کرب.
وائرس ڪنهن
بہ ٻئي سمنڊي رهاڪن کان گهڻو وڌيڪ آهن. جيڪڏهن سڀ سمنڊي وائرس گڏ ڪيا وڃن تہ انهن جو
وزن ساڍا ست ڪروڙ نيري وهيل جي برابر ٿيندو. جيڪڏهن انهن کي گڏجي رکي سگهجي تہ اهي
اسان جي ڪهڪشان جي سائيز کان سٺ ڀيرا وڌيڪ ٿيندا.
ان جو اهو مطلب
نہ آهي تہ سمنڊ خطرناڪ جاءِ آهي. انهن مان گهڻو گهٽ ائين آهن جيڪي انسان کي اثرانداز
ڪرڻ جي قابل آهن. ڪي مڇين ۽ ٻين سمنڊي جاندارن کي اثرانداز ڪن ٿا پر اهي سڀ کان وڌيڪ
جراثيم کي اثرانداز ڪن ٿا. اهي جراثيم اسان کي نظر نٿا اچن پر سڀني وهيلن، ڪورل ريف
۽ ٻين نظر ايندڙ زندگيءَ کان ڪٿي وڌيڪ آهن. جيئن اسان جي جسم ۾ بيڪٽيريا تي فيج حملو
ڪن ٿا، تيئن ئي سمنڊي بيڪٽيريا تي سمنڊي فيج.
پراڪٽر جي دريافت
کان پوءِ سائنسدان انهن جو زمين تي ٿيندڙ اثر ڄاڻڻ معلوم ڪري رهيا هئا. اهي موسم تي
اثرانداز ٿين ٿا. سمنڊي وائرس اربين سالن کان زندگي جي ارتقاء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو
آهي. اهي بائيولاجي جي جيندڙ جاڳيندڙ ميٽرڪس آهن.
اهي ايترا اهم
ان ڪري آهن جو اهي ايترا ڪامياب آهن. هر سيڪنڊ ۾ ڏھ ٽريلين جراثيم تي حملا آور ٿين
ٿا. هر روز، سمنڊ جي لڳ ڀڳ اڌ بيڪٽيريا کي ماري ڇڏين ٿا. وائرس جي حملا ڪري مارڻ واري
عادت آبي مائڪروب جي تعداد کي قابو ۾ رکي ٿي ۽ انهيءَ قاتلانہ خصوصيتن مان اسان گهڻو
فائدو وٺندا آهيون.
مثال طور: ڪالرا پاڻيءَ ۾ بڻڻ واري بيڪٽيريا وبريئو
جي ڪري ٿيندو آهي. اها بيڪٽيريا ڪيترن ئي وائرسن کي پسند آهي. جڏهن وبريئو جي آبادي
وڌي وڃي ٿي تہ ڪالرا جي وبا ڦهلجي وڃي ٿي. ۽ ان وقت انهن کي مارڻ وارا فيج تيزيءَ سان
وڌن ٿا. ايتري تيزيءَ سان جو ايتري قدر تيز رفتاريءَ سان بيڪٽيريا وڌي نٿا سگهن. بيڪٽيريا
جو گل ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ وبا بہ.
ڪالرا جي وبا
کي روڪڻ آبي وائرس جو هڪ ننڍڙو اثر آهي. اهي ايتري قدر وڌيڪ مائڪروب ماري ڇڏين ٿا جو
ان جو اثر ڌرتيءَ جي موسم تي پوي ٿو. ان جو سبب اهو آهي تہ مائڪروب پاڻ زمين جا زبردست
جيو انجنيئر آهن. الجي ۽ فوٽوسنٿيسز ڪرڻ واري بيڪٽيريا زمين تي بڻڻ واري اڌ آڪسيجن
ٺاهيندا آهن. الجي ڊائي ميٿائيل آڪسيجن خارج ڪري ٿي جيڪا هوا ۾ بلند ٿي ڪڪرن جي ٻج
جو ڪم ڪري ٿي. اهي ڪڪر سج جي شعاعن کي منعڪس ڪن ٿا ۽ ڌرتيءَ جو درجو حرارت گهٽ ڪن ٿا.
مائڪروب وڏي مقدار ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ بہ جذب ۽ خارج ڪن ٿا. اها گيس زمين جي درجو
حرارت تي اثر ڪري ٿي. ڪيترائي مائڪروب ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو نيڪال ڪن ٿا جيڪا زمين
جي گرمي کي قيد ڪرڻ واري گيس آهي. الجي ۽ فوٽو سنٿيٽڪ بيڪٽيريا ان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ
کي جذب ڪري زمين کي ٿدو ڪن ٿا. جڏهن سمنڊي مائڪروب مري وڃن ٿا تہ اهو ڪاربن سمنڊ جي
تري ۾ وڃي وکرندو آهي. ڪيترن ئي ملين سالن کان اها مائڪروبيل برفباري ڌرتيءَ جو درجو
حرارت گهٽ ڪري رهي آهي. اهي مئل آرگنزم تري ۾ ڇپ جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا. مثال طور،
ڊوور جون اڇيون جبل هڪ خلوي گهرڙي جاندارن ڪوڪوليٿوفور جي باقيات مان ٺهيل آهن.
وائرس انهن
جيو انجنيئرن کي روزانو ٽريلينن جي تعداد ۾ ماري ڇڏين ٿا. جڏهن اهي مرن ٿا تہ انهن
جو جسم کلي وڃي ٿو ۽ روزانو ڪيترائي ارب ٽن ڪاربن ان طريقي سان خارج ٿيندو آهي. ان
آزاد ٿيڻ واري ڪاربن مان ڪجھ ڀاڻ جو ڪم ڪندو آهي. ان سان نون مائڪروبن جي پيداوار متحرڪ
ٿيندي آهي. جڏهن تہ ڪجھ سمنڊ جي تري ۾ هليو وڃي ٿو. اهي چپڪيندڙ ماليڪيول ٻين ماليڪيولن
سان ملي سمنڊ هيٺ برفباري جو طوفان برپا ڪن ٿا.
سمنڊي وائرس
نہ رڳو تعداد ۾ پر قسم جي لحاظ کان بہ گھڻا وسعت رکن ٿا. ياد رهي تہ انساني جين ۽ شارڪ
جي جين ۾ فرق گهڻو وڌيڪ ناهي. ايترو گهٽ آهي جو سائنسدان شارڪ جينوم جا گهڻا جين انساني
جينوم ۾ ڪنهن ويريئيشن سان ڳولي سگهن ٿا. جڏهن تہ سمنڊي وائرس جي جينوم مان لڳ ڀڳ ڪجھ
بہ ملڻ ۾ نٿو اچي. برمودا، خليج ميڪسيڪو، بحر آرڪٽڪ، اتر بحر اوقيانوس مان گڏ ڪيل ارڙهن
لک سڃاڻپ ڪيل وائرل جين مان رڳو ڏهہ سيڪڙو اهڙو آهي جنهن جو مقابل ڪنهن بہ جانور، ٻوٽي
يا ڪنهن مائڪروب ۾ مليو آهي. يا ڪنهن بہ ٻئي معلوم وائرس ۾. باقي نوي سيڪڙو سائنس لاءِ
نواڻ آهي. ٻہ سئو ليٽر سمنڊي پاڻي ۾ وائرس جون پنج هزار قسمون ملنديون آهن جڏهن تہ
سمنڊي تري جي مٽيءَ جي هڪ ڪلوگرام ۾ ڏھ لک قسمون.
سمنڊي وائرس
وٽ انفيڪٽ ڪرڻ لاءِ گهڻا شڪار آهن. انهن کي هر هڪ جو دفاع ٽوڙڻ جي حڪمت عملي ٺاهڻي
آهي. پر انهن جي قسم جا پرامن سبب بہ آهن. ٽيمپريٽ فيج پنهنجي ميزبان جي ڊي اين اي
سان پرامن طريقي سان ملي وڃن ٿا. جڏهن گهرڙو ورهائجي ٿو تہ وائرس جو ڊي اين اي بہ ڪاپي
ٿي وڃي ٿو. جڏهن ميزبان گهرڙو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو تہ اهو ٽٽي الڳ ٿي وڃي ٿو. نسل
در نسل ائين ڪرڻ ۾ اها ميوٽيشن ڦيرگهير گڏ ڪري ٿي. ان وقت تائين جو اهو ڀڄي نٿو سگهي.
پنهنجي ميزبان جي جينوم جو مستقل حصو بڻجي وڃي ٿي.
ڪيترا ڀيرا
ميزبان گهرڙو جڏهن نوان وائرس تيار ڪري رهيو هوندو آهي تہ غلطيءَ سان پنهنجي ڪنهن جين
جو وڌارو بہ ڪري ڇڏيندو آهي. اهي نوان وائرس پنهنجي ميزبان جون جينون کڻي سمنڊ ۾ ترندا
رهندا آهن ۽ پنهنجي سان پوئين ميزبان جي جين کي بہ ايندڙ ميزبان ۾ منتقل ڪري ڇڏيندا
آهن. هڪ اندازي مطابق سمنڊي وائرس جين ٽرانسفر ڪرڻ وارو ڪم سال ۾ هڪ ٽريلين ٽريلين
ڀيرا ڪندا آهن.
ڪيترا ڀيرا
اهي نيون اچڻ واريون جينون ڪنهن نئين ميزبان کي وڌيڪ ڪامياب بڻائي ڇڏينديون آهن. ان
کي وڌڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. ميزبان جي ڪاميابي وائرس جي بہ ڪاميابي آهي. وائرس جون ڪجھ
قسمون وبريئو کي ماري ڇڏينديون آهن جڏهن تہ ڪجھ ٻيون قسمون بيڪٽيريا کي نوان ٽوڪسن
خارج ڪرڻ جي جين فراهم ڪنديون آهن جيڪي نوان انفيڪشن ڪنديون آهن. ٽوڪسن جو مٽاسٽو ڪرائيندڙ
اهي وائرس بيڪٽيريا لاءِ نئين ڪالرا جي وبا ڦهلائڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن.
وائرس وسيلي
جين جو لين ڏين دنيا جي آڪسيجن ٺاهڻ ۾ سڌي طرح مددگار آهي. گهڻي مقدار ۾ موجود سمنڊي
بيڪٽيريا سائينيڪوڪوڪس زمين تي ٿيندڙ هڪ چوٿون فوٽو سنٿيسز ڪندو آهي. جڏهن سائنسدان
ان جي ڊي اين اي جو مطالعو ڪندا آهن تہ گهڻو ڪري کين وائرس مان ايندڙ پروٽين روشني
پڪڙڻ وارو ڪم ڪندڙ مليندا آهن. سائنسدانن آزاد وائرس ۾ فوٽوسنٿيسز واريون جين جي موجودگي
سڃاڻي آهي جيڪيون ڪنهن کان کڻي ڀڄي آيون هيون ۽ نئين ميزبان جي ڳولا ۾ هيون. هڪ اندازي
موجب دنيا ۾ ٿيندڙ ڏھ سيڪڙو فوٽوسنٿيسز وائرل جين ڪندا آهن. پنهنجا ڏهہ سُٺ وٺو. انهن
مان هڪ سُٺ پهچڻ جي پيشڪش وائرس جي هئي.
آبي وائرس جو
جين کي ان طريقي سان ادل بدل ڪرڻ زمين تي زندگيءَ جي تاريخ تي وڏو اثر رکندو رهيو آهي.
آخر، زندگيءَ شروعات بہ پاڻيءَ مان ڪئي هئي. اسان کي آبي مائڪروب جا ساڍا ٽي ارب سال
پراڻا پنڊپاهڻ ملندا آهن. ڪيترن ئي خلوي جاندارن جو ارتقاء بہ پاڻيءَ ۾ ٿيو هو. اسان
کي انهن جا ٻہ ارب سال پراڻا پنڊپاهڻ ملندا آهن. ممالي جي قطار جي جاندارن کي خشڪي
تي اچڻ ۾ رڳو چاليھ ڪروڙ سال ٿيا آهن. وائرس پنهنجا نشان ڇپن تي نٿا ڇڏين. پنهنجن ميزبانن
جي جينوم ۾ ڇڏين ٿا. اهي اسان کي ٻڌائين ٿا تہ وائرس پاڻ اربين سال پراڻا آهن.
جيئرن شين جي
وچ ۾ وائرس جين جو مٽاسٽو ڪندا رهيا آهن. ڊارون زندگي کي وڻ جهڙو تصور ڪيو هو. پر جين
جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ گهٽ ۾ گهٽ آبي مائڪروب ۽ انهن جي وائرس ۾ اهو هڪ وڻ جي بجاءِ
مصروف واپاري نيٽورڪ جهڙو آهي. انهيءَ ڄار جا ڏس پتا اربين سالن کان اڻيا پيا وڃن.
گڏ لڳل تصوير
"سمنڊي برفباري" جي آهي. اها نامياتي مواد آهي جيڪا مٿئين سمنڊ مان اونهي
سمنڊ جي طرف ڪري ٿي.