ڪائنات جو نظام هڪ عجيب توازن
تي ٻڌل آهي، پر انساني رشتن جو توازن تڏهن بگڙجي ويندو آهي جڏهن انهن ۾ غرض جو زهر
شامل ٿي ويندو آهي. سنڌ جي ڏاهپ ۽ حڪمت جي موتين کي جڏهن اسان پرکيون ٿا ته پريم شاعر جون هي سٽون ڪنهن آفاقي سچ کان گهٽ نظر نٿيون
اچن:
غرض نه ڪنهن ۾ رکجي،
ڪاڻ نه ڪنهن جي ڪڍجي.
هي صرف ٻه سٽون ناهن، پر انساني
نفسيات جو مڪمل نصاب آهن. هي اهي ٻه تير آهن جيڪي جيڪڏهن انسان پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏي
ته دنيا جي ڪا به طاقت کيس ڪيرائي نٿي سگهي.
غرض: رشتن جي ديوار تي لڳل بدنما
داغ مثل آهي۔
اسان اڄ جنهن دؤر مان گذري رهيا
آهيون، اتي محبتن جا معيار بدلجي چڪا آهن. اڄ ماڻهو انسان سان نه، پر ان جي عهدي، پئسي
۽ پوزيشن سان پيار ڪن ٿا. جڏهن غرض پوري ٿي وڃي ٿي ته سڀئي رشتا ماضيءَ جو قصو، بڻجي وڃن ٿا. شاعر ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن توهان کي
سڪون گهرجي ته پنهنجي عمل کي غرض کان پاڪ رکو.
جڏهن توهان ڪنهن سان نيڪي ڪيو
۽ بدلي ۾ صلي جي اميد رکو، ته اها نيڪي ناهي پر هڪ ڪاروبار آهي. غرض انسان کي ذهني
طور غلام بڻائي ڇڏي ٿي. هڪ غرض رکندڙ انسان ڪڏهن به آزاد خيال نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته
ان جي سوچ جو محور هميشه ٻئي جي کيسي يا اختيار تائين محدود هوندو آهي.
ڪاڻ ڪڍڻ: ضمير جي نيلامي
ڪاڻ ڪڍڻ، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو
اصطلاح آهي جيڪو پنهنجي اندر ۾ گهري معنيٰ رکي ٿو. ڪاڻ ڪڍڻ جو مطلب آهي پنهنجي عزتِ
نفس کي داؤ تي لڳائي ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻ يا ڪنهن جي احسان هيٺ دٻجي پنهنجي سچائيءَ
تان هٿ کڻڻ. پريم شاعر جو فڪر به ان لاهوتي واٽ جو تسلسل آهي، جتي غرض رکڻ گناھه ۽
ڪريل عمل آهي۔ هو چوي ٿو ته جنهن ڏينهن توهان ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ شروع ڪئي، سمجھو ته ان
ڏينهن توهان جي شخصيت ۽ خودداريء جو جنازو نڪري ويو. هڪ خوددار انسان اڌ ماني تي ته
گذارو ڪري سگهي ٿو، پر هو ڪنهن جي احسانن جا جبل پنهنجي ڪلهن تي نٿو کڻي سگهي.
خودداري: حقيقي بادشاهي:
دنيا ۾ اهي قومون ۽ اهي فرد ئي
تاريخ رقم ڪندا آهن جيڪي پنهنجي انا کي غرضن جي بازار ۾ نيلام ناهن ڪندا.
* غرض ناهي: ته خوف ناهي.
* ڪاڻ ناهي: ته آزادي آهي.
اڄ اسان جا معاشرتي تڪرار، سياسي
بدعنوانيون ۽ اخلاقي زوال صرف ان ڪري آهن جو اسان کي هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن جي ڪاڻ
ڪڍڻي پوي ٿي. اسان پنهنجي ضرورتن کي ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو اسان جا هٿ هميشه سوالي
بڻجي ٻين ڏانهن وڌيل رهن ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي وجود ۾ قناعت جو نور پيدا ڪريون، ته
اسان کي ڪنهن جي به غرض نه رهندي.
پيغامِ عمل:
شاعر جي هن بيت جو نچوڙ اهو آهي
ته پنهنجي دنيا پاڻ سنوار ۽ پاڻ ئي وسيلا پيدا ڪر۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته سماج
۾ توهان جو نالو عزت سان ورتو وڃي، ته پنهنجي ڪردار کي ايترو ته اوچو ڪريو جو ماڻهو
توهان کي ڏسي رڳو نياز ڪن، پر توهان جي دل ۾ ڪنهن لاءِ به غرض جي ميري لهر نه هجي.
بي غرضي انسان کي ولي بڻائي ڇڏيندي آهي. جڏهن توهان کي ڪنهن کان ڪجهه
به نه گهرجي، تڏهن سڄي ڪائنات توهان جي پيرن ۾ هوندي آهي.
اچو ته اڄ پنهنجي اندر مان غرض
جي بت کي ڊاهي پٽ ڪريون ۽ ڪاڻ ڪڍڻ واري ذليل زندگيءَ کان توبھه ڪري، هڪ اهڙي خوددار
سماج جو بنياد رکون جتي هر انسان جو ڪنڌ رڳو پنهنجي خالق اڳيان جهڪيل هجي.
توهان جي خودداريء جو سر هميشه
بلند هجي۔
سر جهڪائي، جيئڻ
معنيٰ ڪانئيارو ٿيڻ۔

