هي آرٽيڪل بنيادي طور تي پاڪستان جي موجودہ سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ نسل در نسل وڌندڙ ويڇي
۽ رياستي بيانيي جي ناڪاميءَ تي لکيو ويو آهي. هن آرٽيڪل مطابق نوجوان ليکڪ جو چوڻ آهي ته ملڪ تي قابض پراڻي نسل مطلب ته وڏي ڄمار وارن سياستدانن
جي سوچ ۽ اها ڪوشش ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيمينار ڪرائي نوجوانن ۾ زبردستي ”محب وطني“ پيدا ڪجي يا سندن جي ذاتي مفادن سان ڳنڍي رکجي، جنهن ۾ ھو مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ محب وطني ڪنهن به ماڻهوَ ۾ زبردستي ھرگز ناهي ايندي پر اها
قدرتي طور تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ملڪ ۾ برابري جا موقعا، بنيادي ضرورتن جو پوراو، مضبوط انفراسٽرڪچر جو ڍانچو ۽ انصاف قائم هجي.
ھن جو چوڻ آهي ته نوجوان نسل جي شعوري بيداري اڳي
کان اڳي کان وڌيڪ آهي. جن جو اھم سبب ھن انٽرنيٽ جي استعمال کي ڪوٺيو آهي. سندس موجب موجوده دور ۾ انٽرنيٽ جي ڪري نوجوانن کي ڪنهن به مخصوص بيانيي
سان بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي. انٽرنيٽ نوجونن اندر نئين سوچ ۽ بيداري جو ذريعو بڻجي رھي آهي. تنهنڪري ئي اڪثر سياستدانن ماڻهن کي ”اڻ پڙهيل“ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جي باوجود نوجوانن هاڻي پنهنجي
نموني سوچڻ شروع ڪيو آهي. جيڪي ”خودپرستي“ ۽ ”اخلاقيات“ جي نقاب کي چڱي نموني پرکي چڪا آهن. زورين نظاماڻي جي ھن تفصيلي آرٽيڪل موجب نوجوان نسل
۽ پوڙھن سياستدانن جي ترجيحات ۾ وڏو فرق آهي. جنهن سبب پراڻي نسل جي حڪمرانن ۽ موجوده نسل نوجوانن ۾ موجود تضاد بلڪل واضع آهي. جتي نوجوان نسل سستا اسمارٽ فون ۽ فري لانسنگ ۾ آساني
چاهين ٿا، اتي حڪمران فونن تي وڏا ٽيڪس وڌائڻ ۽ فري لانسنگ
کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۾ رڌل آهن. پنهنجي آرٽيڪل ۾ اھڙي نظام لاءِ هڪ سخت وارننگ ڏيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي
ئي رهي ته نوجوانن جو ڳچ حصو جن وٽ وس ۽ وسيلا آهن، سي ملڪ ڇڏي هليا ويندا. جڏهن ته باقي بچيل حصو پڻ خاموش نه ويهندو پر پنهنجو احتجاج ۽ ڪاوڙ اهڙي طريقي سان رڪارڊ
ڪرائيندو جو حڪمرانن کي سندن حقيقي آواز ٻڌڻو ئي پوندو.
مطلب ته هي آرٽيڪل حڪمران طبقي لاءِ هڪ ”ويڪ اپ ڪال“ آهي. ته پراڻي طرز جي سياست ۽ زبردستي جا طريقا هاڻي نئين نسل تي اثر نٿا ڪن. جيڪڏهن نوجوانن کي حقيقي حق ۽ سهولتون نه ڏنيون ويون
ته رياست ۽ عوام جي وچ ۾ هي ويڇو وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن آرٽيڪل کي جيڪڏهن وڌيڪ گهرائيءَ سان ڏسجي ته ليکڪ
زورين نظاماڻي رڳو ڪا شڪايت ئي نه پيو ڪري، پر هو پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڍانچي ۾ ايندڙ هڪ وڏي ”زلزلي“ جي نشاندهي پڻ ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اھم ڳالھ آهي ته ھتي ليکڪ سڌو سنئون رياست جي پراڻي سوچ کي چئلينج ڪيو آهي. جتي عام طور تي رياست ائين سمجهندي آهي ته اسڪولن
۾ ترانا پڙهائڻ يا تقريرون ڪرڻ سان حب الوطني پيدا ٿيندي. جڏهن ته ليکڪ ان جي برعڪس هڪ منطقي دليل ڏنو آهي
ته محب وطني ڪو جذباتي سودو ناهي جيڪو زبردستي وڪڻي سگهجي، پر اها تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن شهرين کي پنهنجي
ملڪ ۾ سندن مستقبل محفوظ نظر ايندو آهي.
جڏهن رياست پنهنجي حصي جو ڪم انصاف، روزگار ۽ تعليم مھيا نه ڪندي ته نوجوان ان کان بدظن ٿيندا. خاص آرٽيڪل ۾ انٽرنيٽ کي هڪ اهڙي طاقت طور پيش ڪيو ويو آهي، جنهن حڪمرانن جي ”معلومات تي قبضي“ واري طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. پهرين زماني ۾ جيڪو اخبار يا ٽي وي تي چيو ويندو
هو، عوام ان کي ئي سچ سمجهندو هو. جڏهن ته هاڻي نوجوان نسل وٽ عالمي معلومات تائين رسائي حاصل
آهي. ان ڪري هو اھڙن پوڙھن سياستدانن جي پروپيگنڊا کي
فوري طور تي سڃاڻي وٺن ٿا. ليکڪ اڄوڪي ملڪي پس منظر کي ٻن نسلن جي وچ ۾ جنگ (The
Conflict of Interest) سڏيو آهي. مطلب ته پراڻي دور جي حڪمران طبقي کي "Boomers" چيو آهي. ليکڪ چوي ٿو ته نوجوانن پنهنجي ڪن ۾ هيڊفون لڳائي
ڇڏيا آهن. جنهن جو مطلب ته هو هاڻي حڪمرانن جي تقريرن ۽ ڊائلاگن کي ٻڌڻ ئي نٿا چاهين. هنن نوجوانن پنهنجي هڪ الڳ دنيا ٺاهي ورتي آهي. جيڪا هڪ
قسم جي ”خاموش بغاوت“ آهي. آرٽيڪل جي آخر ۾ نوجوان زورين نظاماڻي هڪ ڊيڄاريندڙ منظر پيش ڪيو آهي. جتي هو ملڪ جي نوجوانن کي پڻ ٻن حصن ۾ ورڇي ٿو. جن ۾ ھڪڙا آهن اھڙا نوجوان جن وٽ ڪجھ نه ڪجھ وسيلا آهن. جيڪي موقعو ملندي ئي ملڪ ڇڏي وڃي رھيا آهن يا ھليا ويندا. جڏهن ته ٻيا اھڙا آهن جن وٽ ڪوبه وسيلا ناھن، پر سندس مطابق اھڙا نوجوان پڻ هتي رهي ڪري ھن پراڻي پوڙھي سسٽم خلاف وڙهندا يا
پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا.
مجموعي طور هي آرٽيڪل هڪ نفسياتي جنگ جي عڪاسي ڪري
ٿو. جنهن ۾ ليکڪ جو چوڻ آهي ته رياست پنهنجو اخلاقي جواز
وڃائي چڪي آهي. نوجوان هاڻي ڊڄڻ بجاءِ بيزاري ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري
رهيا آهن. جيڪڏهن حڪمرانن پنهنجو رويو نه بدلايو ته نوجوانن
جو اھڙو ”خاموش احتجاج“ ڪنهن به وقت وڏي ٽڪراءُ جي صورت اختيار ڪري سگهي
ٿو.
موجوده دور جي حالتن کي پاڪستان سان جوڙي ھن آرٽيڪل
کي ڏسجي ته زورين نظاماڻي جون ڳالهيون بلڪل سچيون ثابت ٿيندي نظر اچن ٿيون. ملڪ ۾ ماڻهن مٿان اجايون بندشون خاص نوجوان نسل کي
ملڪ سان ويجهو ڪرڻ بدران کين رياستي نظام کان وڌيڪ پري ڪري رهيون آهن. جھڙوڪ فري لانسنگ ۽ نوجوانن جي جديد معاشي ذريعن تي وڌندڙ پابندين جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن رياست نوجوانن جي روزگار جا وسيلا محدود ڪري
ٿي ۽ بدلي ۾ کوکلا نعرا ۽ کين ”محب وطني“ جو سبق ڏئي ٿي ته اهي ان کي مڪمل طور رد ڪن ٿا. ليکڪ موجب نوجوان نسل جي خاموشي
"Spotify" ۽
"Headphones" وارو ڪلچر دراصل هڪ دفاعي نظام آهي. جتي نوجوانن رياست جي ٻٽي معيارن کي ٻڌڻ ئي بند ڪري
ڇڏيو آهي. زورين نظاماڻي جو هي آرٽيڪل اھو ٻڌائي رهيو آهي ته
جيڪڏهن رياست پنهنجو انداز نه بدلايو ته هو پنهنجو سڀ کان قيمتي اثاثو (نوجوان نسل)
وڃائي ويهندي. نوجوان هاڻي انڌي عقيدت تي نه پر ”سهولتن ۽ انصاف“ جي بنياد تي ملڪ سان وفاداري نڀائڻ چاهين ٿا.
آرٽيڪل جو اھم پيغام اھو ملي ٿو ته ”جتي برابر جا موقعا ۽ انصاف هوندو، اتي محب وطني پاڻمرادو ئي پيدا ٿيندي آهي. تنهنڪري زبردستي واري 'پيار' جو وقت هاڻي ختم ٿي
چڪو آهي. (It is over).

