رمضان نول جي نثري نظمن جو جائزو ـ خالد 'ساحل' ڪيريو

تعارف:

سنڌي ادب ۾ نثري نظم جديد شعري صنف طور گذريل صديءَ جي پنجاھ ۽ سٺ واري ڏهاڪي کان نمايان ٿيو، جتي شاعريءَ جي روايتي هيئت ۽ بحر جي پابندين کان نڪري، شاعرن پنهنجي احساس ۽ فڪر کي وڌيڪ آزاديءَ سان پيش ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌي ادب ۾ ڪيترن شاعرن هن صنف کي پنهنجي ذاتي فڪري تجربن، جذباتي ڪيفيتن، ۽ سماجي مشاهدي سان نئون روپ ڏنوآھي. هن صنف جي واڌ ويجھ ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجو الڳ اسلوب جوڙيوآھي، جن مان رمضان نول هڪ نمايان نالو آهي. رمضان نول جو ادبي سفر روايتن ۽ جدت جي سنگم تي بيٺل نظر اچي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي شعور، انساني احساسن، داخلي ڪيفيتن ۽ وجودي سوالن کي فني نزاڪت سان پيش ڪيو آھي . سندس نثري نظم فطري رواني، علامتي زبان، ۽ داخلي موسيقيت جي ڪري پڙهندڙ جي دل ۾ لھي وڃن ٿا. هن جو ڪمال اهو آهي تہ هو نثري نظم کي فقط گڏيل جملن جو سلسلو نٿو بڻائي، پر ان ۾ شاعراڻو تخيل، تصوير ڪشي، ۽ فڪري گهرائي شامل ڪري ٿو. رمضان نول جي نثري نظمن جو جائزو وٺڻ کان اڳ سندس حياتيءَ جو مختصر تعارف ھيٺ ڏجي ٿو.

محمد رمضان 20 جولاءِ 1961ع تي محمد موسي نول جي گھر ۾ موري شھر ۾ جنم ورتو. ھن ابتدائي تعليم کان وٺِي گريجوئيشن تائين تعليم موري شھر مان حاصل ڪئي. سال 1984ع ۾ ھن ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. بعد ۾ روزگار جي حوالي سان پاڻ ڪراچي شھر ۾ نيويءَ ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪيو. پاڻ روزگار جي سانگي ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين شھرن ۾ بہ رھيو. رمضان نول ھڪ حساس شاعر ۽ صوفي طبيعت جو مالڪ ھو. ڪراچي ۾ وڏو عرصو رھندي سندس دوستن جو بہ ھڪ سٺو حلقو ھو. رمضان نول جي طبيعت، مزاج ۽ شخصيت جي مختلف پھلوئن بابت ناميارو شاعر اظھر ٻانڀڻ لکي ٿو تہ:

رمضان نول حقيقت ۾ فقير منش انسان ھو. انتھائي سادگي پسند انسان رھيو نہ تہ سندس لباس ۾ ڏيکاءَ واري چمڪ ھئي ۽ نہ ئي ڳالھين ۽ ورتاءَ بہ ڪو اجايو وڌاءُ، ڊاڙ يا آڪڙ ھئي. ھو ڏکايل رھڻ جو آدي ھو. سندس چھري تي ھڪ طويل خاموشي ۽ ڏک جي ڪائنات پکڙيل ھوندي ھئي. سندس آواز ۾ درد جي ڪربلا جاڳندي ھئي. ھن جي چپن تي آيل مرڪ جي بھار بہ پن ڇڻ رت جو اڌورو نظم لڳندي ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھن جي نثري نظمن جي پلڪن تي لڙڪ ڦڙا درد جا بڻيل رھيا. ھو جڏھن اھي درد جي بٺيءَ ۾ پڪل نظم ڊائيس تي پڙھندو ھو تہ سندس اکين جي پار ا پار ۾ پيڙا جا طوفان اٿي پوندا هئا. ھن جي چھري تي صدين جي تڙپنا ڇلڪي پوندي ھئي. ھن جو سارو وجود لبن تي لفظ لفظ غم ۽ سڏڪو بڻجي (1) .

ادبي ابتدا ۽ تنظيمن سان وابستگي:

رمضان نول ادب جي ابتدا 1981ع کان شاعريءَ سان ڪئي. ابتدائي دور ۾ ھن نثر سان گڏ نظم ۾ بہ لکيو. سال 1983ع ۾ سندس پھرين تخليق وائيءَ جي صورت ۾ ڇپي.  نوڪريءَ دوران مختلف شھرن ۾ ادبي تنظيمن جھڙوڪ: اسلام آباد ۾ 1981ع کان 1985ع تائين سنڌ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو نائب صدر، واھ ڪينٽ ۾ 1985ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو بنياد رکي 1986ع تائين ان جو جوائنٽ سيڪريٽري، ڪراچيءَ ۾ 1987ع کان 1988ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري، 1993ع ۾ ٻيھر جوائنٽ سيڪريٽري رھڻ کان پوءِ 1994ع ۾ سنگت جي سيڪريٽري صادق ابڙي جي استعيفا ڏيڻ کان پوءِ سنگت جو سيڪريٽري ٿيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي پاران ھن مختلف ادبي ميڙاڪا ۽ پروگرام، ادبي گڏجاڻيون ڪرائي سرگرم رکيو. ھن ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردوءَ جي مشاعرن ۾ پنھنجو ڪلام پڙھيو. پاڻ صوفي ۽ حساس طبيعت جو مالڪ ھو. کيس شگر ۽ بلڊ پريشر جي تڪليف ھئي. پاڻ موت سان مقابلو ڪندي نيٺ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ دماغي رڳ ڦاٽڻ سبب 28 جولاء 2005ع تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. کيس موري شھر ۾ دفن ڪيو ويو.

رمضان نول جي نثري نظمن جو جائزو:

رمضان نول جي شاعري جديد سنڌي ادب ۾ ان ڪري بہ اهميت رکي ٿي، جو هن پنهنجي فن ۾ روزمره جي زندگيءَ جا تلخ ۽ خوبصورت تجربا، رومانويت، حقيقت پسندي، ۽ فرد جي اندروني جدوجهد کي هڪ اهڙي فني اسلوب سان پيش ڪيو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي جلد متوجھ ڪري ٿو. رمضان نول پابند شاعريءَ ۾ غزل ۽ وائي جي صنفن سان گڏ نثري نظم بہ لکيا آهن. ھن پنھنجي نثري نظمن ۾ جدت جا ڪيئي رنگ چِٽيا آھن. پاڻ شيخ اياز جي شاعريءَ کان گھڻو متاثر ھو. ھن پنھنجي مختصر حياتيءَ ۾ سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ ٻن شعري مجموعن جھيڻي روشنيءَ جا نظم (1996ع)، ۽ روح جا سجدا (1999ع) جو اضافو ڪيو، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ ڇپيا. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ درد جي ڇانو (شاعري)، سانت پڙاڏا (ڪھاڻيون) رخ بنا رستا (ڪالم) چنگ وڄي ٿو (شاعري) ۽ ٽنگيل ساھ شامل آهن. جھيڻي روشنيءَ جا نظم (1996ع) ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سال محترمہ رحيمان سيال پنھنجي مقالي مورو ۽ خيرپور جو ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ادب جي فروغ ۾ حصو (تقابلي جائزو) ۾ 1993ع سال ڄاڻايو آهي. پروفيسر شمشاد احمد سومري مورو تاريخ ۽ ثقافت ڪتاب ۾ شامل مضمون موري تعلقي جا اديب ۽ شاعر ۾ 1997ع سال ڄاڻايو آهي، جڏھن تہ ھي ڪتاب 1996ع ۾ سرمد پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپيو، جنھن جي مھورت نامياري شاعر شيخ اياز ڪئي ھئي. رمضان نول جي نثري نظمن ۾ فني لحاظ کان اندروني ۽ بيروني رڌم آهي. ھن خوبصورت تشبيهون ۽ نيون ترڪيبون استعمال ڪري نثري نظم ۾ انفراديت آندي. ھن مجموعي ۾ شامل نظمن ۾ رومانوي، جمالياتي تصورن سان گڏ محبت، نفرت، درد، پيڙا وغيره جھڙا  موضوع آھن. سندس ٻيو شعري مجموعو روح جا سجدا (1999ع) سرمد پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپيو. ھن ڪتاب ۾ رمضان نول پنھنجي آرٽ سان تشبيھن، ترڪيبن، علامتن، محاورن، اشارن ۽ ڪناين جو خوبصورت نموني استعمال ڪيو آهي. ھنن نثري نظمن ۾ سندس مشاھدي جي پختگي ۽ نرالي رس چس بہ ملي ٿي. نظمن ۾ جتي ھن ٻوليءَ کي خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي اتي ھن دل لڀائيندڙ خيال ۽ فڪر کي بہ اثرائتو بڻايو آھي. ڪتاب ۾ شامل نثري نظمن ۾ رمضان نول پيڙائن، دردن ، ڀوڳنائن، ڪرب، روح جي رولاڪين، سماجي مسئلن ۽ ناانصافين کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي. لڇمڻ ڪومل ڪتاب "روح جا سجدا" جي مھاڳ ۾ رمضان نول جي شاعريءَ بابت لکي ٿو تہ:

رمضان جي شاعريءَ ۾ اڪيلايون، غم ۽ اداسيون آھن، جيڪي زندگيءَ جي مشاھدي سان جڙيل ھوندي بہ، ھن جي شاعريءَ ۾ علامتي طور آيل آھن. ھن وٽ وڇوڙي، وصال جا قصا، چوٽ کاڌل دل جون دانھون آھون، رسيلن چپن ۽ نشيلن اکين جو ذڪر اڪثر ملي ٿو ۽ اھو وڻي بہ ٿو. ھن جي شاعريءَ ۾ ڪجھ سياسي ۽ سماجي شعور جي جھلڪ پڻ آهي. (2)

سندس اھم نظمن ۾ آمر ڪئا، دل جو اوزون ليئر پگھرجندو ٿو وڃي، بي اختياري جا لفظ، سوچن جي سزا، پٿر جي تاريخ، حسن جي روشني، درد جي کنوڻ، ٽٽل ٽھڪ، گم ٿيل چميون، خاموشيءَ جا ٽھڪ، شاعر جي قبر، رت جون الٽيون، ھن شھر جا ماڻھو، چنڊ جاڳي نہ پوي ۽ دفن ٿيل خواب ۾ پنھنجي آرٽسٽڪ اندازسان ديس جي دردن جي دانھن، يادگيرين جا ڪيترائي ڍڪ ڀرڻ ۽ سماج ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي لقائن جا حقيقي چٽ چٽيا آهن.ھن پنهنجي نثري نظم جي ڪتابن روح جا سجدا ۽ جھيڻي روشنيءَ جا نظم ۾ فڪر جي گهراين، داخلي تجربن، روحاني جستجو ۽ انساني احساسن جي لطافت کي فنڪاراڻي انداز سان پيش ڪيو آھي. هي ڪتاب سنڌي نثري نظم جي ميدان ۾ هڪ اهڙو اضافو آهن، جيڪي معنوي ۽ اسلوبي ٻنهي حوالن سان اهميت رکن ٿا. روح جا سجدا عنوان ئي پڙهندڙ کي فڪر ۽ روحانيت جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. هتي روح انساني باطن، احساس ۽ فڪر جو استعارو آهي، جڏهن تہ سجدا عاجزي، عقيدت ۽ پنهنجي هستيءَ کي ڪنهن وڏي قوت آڏو نڇاور ڪرڻ جي علامت آهي. رمضان نول جي نثري نظم جو مرڪز انسان جي اندروني ڪيفيتن، محبت، درد، جدائي، وقت جي بي رحمي ۽ روح جي امنگن تي ٻڌل آهي. ڪتاب ۾ شامل نثري نظمن ۾ موضوعاتي گهراين سان گڏ تنوع بہ موجود آهي. رمضان ڪڏهن محبت کي ازلي عبادت طور پيش ڪري ٿو، تہ ڪڏهن فطرت جي مظهرن کي روح جي سڪون سان ڳنڍي ٿو. ڪٿي زندگيءَ جي بي ثباتيءَ تي فڪري تجزيو ملي ٿو، تہ ڪٿي وجودي سوالن جي صورت ۾ فڪري تڙپ ملي ٿي، جنھن جا مثال انساني رشتن ۾ احساس جي کوٽ، وقت جي بي رحمي، ياد ۽ جدائيءَ جا زخم، روحاني سڪون جي تلاش ۽ فطرت سان هم آهنگي آھن. ڪتابن ۾ رمضان نول جي ٻولي علامتي، تشبيهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تجريدي آهي. هن جي نثري نظمن ۾ شاعراڻي لئي ۽ لَھجو قدرتي طور پيدا ٿئي ٿو، جيڪو پڙهندڙ تي جمالياتي اثر ڇڏي ٿو. ھن وٽ لفظن جو انتخاب نفيس ۽ فڪري آهي، جڏهن تہ جملن جي بناوت ۾ تسلسل ۽ داخلي ردم موجود آهي، جيڪو نثري نظم جو فني حسن وڌائي ٿو. رمضان ڪٿي ڪٿي نثري نظم جي فريم ۾ نظم آزاد جي ڪيفيت بہ آڻي ٿو، جنهن سان فڪري لهجو وڌيڪ تيز ۽ اثرائتو ٿي وڃي ٿو. ھو فطرت مان علامتون وٺي ٿو، تہ ڪڏهن روحاني ۽ مذهبي استعارا استعمال ڪري پنهنجي جذبات کي معنوي وسعت ڏئي ٿو. مثال طور، روشني، ڇانورو، پاڻي، سجدو، درياءُ، ۽ هوا جهڙيون علامتون بار بار نظر اچن ٿيون، جيڪي نظم کي بصري ۽ فڪري حسن ڏين ٿيون. هي ڪتاب سنڌي نثري نظم جي جديد دور ۾ هڪ نمايان حيثيت رکن ٿا. رمضان نول پنهنجي الڳ آواز ۽ اسلوب سان سنڌي ادب ۾ اهو ثابت ڪري ٿو تہ نثري نظم صرف تجرباتي صنف نہ، پر فڪري ۽ جمالياتي اظهار جو هڪ مڪمل پليٽفارم آهي.ھن جي نثري نظمن ۾ تصويري ڪيفيتون تمام نمايان آهن. هو لفظن سان اهڙو منظر ٺاهي ٿو، ڄڻ پڙهندڙ سامهون فلمي پردو هجي. سندس زبان نرم، موسيقيت رکندڙ ۽ گهري معنيٰ واري آهي، جيڪا نثري نظم ۾ داخلي آوازن جو احساس پيدا ڪري ٿي. ھو قافيي ۽ بحر کان آزاد هجڻ باوجود نظم ۾ هڪ ردم ۽ روايت پيدا ڪري ٿو، جيڪا پڙهندڙ کي لڳاتار ٻڌل رکي ٿي. هن جي ڪيترن ئي نظمن ۾ انسان جي اڪيلائپ، بيچيني ۽ وجودي سوال اڀري اچن ٿا. سماجي مشاهدي جي پختگيءَ جي ڪري هو پنهنجي چوڌاري موجود سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حالتن کي نثري نظم ۾ علامتي انداز سان پيش ڪري ٿو. سندس ڪيترن ئي نظمن ۾ فطرت جي خوبصورتي، مينهن، شام، هوائن ۽ روشنيءَ جا منظر هڪ نئين فڪري موٽ سان پيش ڪيل آهن. رمضان نول جي زبان سادي پر گهري آهي. هو غير ضروري لفظي سجاوٽ کان پاسو ڪري، سڌو پر شاعراڻو اظهار ڪري ٿو. سندس اسلوب ۾ علامت ۽ استعارا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪي نظم کي گهري معنائن سان ڀرين ٿا. سندس نظمن ۾ داخلي موسيقي، علامتي زبان، ۽ انساني احساسن جي گهراين سبب پڙهندڙ جي دل تي مستقل ڇاپ ڇڏي ٿي. هو نثري نظم کي هڪ اهڙي صنف طور پيش ڪري ٿو، جيڪا فني آزاديءَ سان گڏ معنوي گهرائي رکي ٿي،جنھن جو مثال سندس ھي نثري نظم  آھي.

ڪويتائون

تون! سمھڻ کان اڳ

خوابن جا در کولي ڇڏجانءِ

مان،

رات جو تو لاءِ

نيون ڪويتائون آڻيندس.

مٿيون نظم مختصر هوندي بہ معنائن ۽ تاثرن ۾ گهڻو گھرو آهي. رمضان نول هن نثري نظم ۾ محبت، قربت ۽ تخليقي هم آهنگيءَ جو منظر پيش ڪري ٿو. نظم ۾ خواب، رات، ۽ نيون ڪويتائون تازن جذبن ۽ فڪري تحفي جي علامت آهن. ھن نظم جي خوبي اها آهي تہ ان ۾ روايتي شاعريءَ جي قافين، بحر يا وزن کان وڌيڪ تصويري اڀياس ۽ احساس جي شدت تي زور ڏنو ويو آهي، جيڪا نثري نظم جي اصل خوبي آهي. تون! سمھڻ کان اڳ خوابن جا در کولي ڇڏجانءِ هتي تون مخاطب آهي جنهن کي رمضان نرمي سان درخواست ٿو ڪري تہ رات سمهڻ کان اڳ پنهنجي شعور ۽ لاشعور جا در کولي ڇڏ، جيئن خواب اچي سگهن. خوابن جا در حقيقت ۽ تخيل جي وچ ۾ هڪ داخلي دنيا جو استعارو آهي. مان، رات جو تولاءِ نيون ڪويتائون آڻيندس رمضان پاڻ کي محبت ۽ تخليقيت جو ذريعو پيش ڪري ٿو. رات جو وقت شاعري ۽ تخليق لاءِ علامتي طور تي موزون هوندو آهي، ڇو تہ اهو خاموشي، توجھ ۽ احساس جي گهراين جو وقت آهي. نيون ڪويتائون رڳو نظم يا غزل نہ، پر تازن احساسن، جذبن ۽ نون خيالن جو تحفو بہ ٿي سگهي ٿي.

تنھنجا خواب

مون اکين کي سبي ڇڏيو آهي

خوف اٿم،

ڪٿي تنھنجا خواب

اڏري نہ وڃن.

ھي نثري نظم رمضان نول جي تخليقي فڪر، داخلي احساس ۽ فني سجاوٽ جو خوبصورت مثال آهي. فني، فڪري ۽ لسانياتي لحاظ کان ڏسجي تہ ھن نظم ۾ قافيي، رديف ۽ باقاعده وزن جي پابندي ناهي، پر شاعراڻي حسيت، تصوير ڪشي ۽ علامتي اظهار موجود آهي. نظم ۾ اختصار ۾ ڪثرتِ معنى جو حسن موجود آهي. ان سان گڏ تصويرڪشي اکين کي سبي ڇڏيو هڪ بصري ۽ ڪثير معنوي تصوير آهي، جيڪا لفظي طور اکين جي بند ڪرڻ جو منظر پيش ڪري ٿي، پر علامتي طور ڪنهن جذباتي عمل جا اشارا ڏئي ٿي. خواب اڏري نہ وڃن ۾ خواب پکيءَ جيان اڏامندڙ تصور سان جڙيل  آھن. نظم ۾ مختصر جملا، سادا لفظ ۽ علامتون استعمال ٿيل آھن. فڪري لحاظ کان ھن نظم جو مرڪز انساني جذبي خوف ۽ تحفظ جي وچ ۾ آهي. رمضان کي انديشو آهي تہ ڪنهن عزيز يا محبوب جا خواب اڏري نہ وڃن، تنهن ڪري پاڻ اکين کي سبي يا بند ڪري ٿو، ڄڻ تہ پنهنجي نگاهن مان بہ خواب جي حفاظت ڪري رهيو هجي. علامتي ۽ تمثيلي لحاظ کان 'اکيون' محبت، وابستگي، يا مشاهدي جو وسيلو آھن، 'سبي ڇڏڻ' تحفظ، قرباني، يا جذبات کي روڪڻ جي خواهش آھن. يعني 'خواب' اميدون، آرزو يا محبوب جا نازڪ احساس آھن. 'اڏري وڃڻ' خوابن جي ٽٽڻ جو خطرو آھي. موضوعاتي حوالي سان ھي نظم محبت جي نرمي، حساسيت ۽ جذباتي قربانيءَ جي موضوع سان گڏ وقت جي بي ثباتي ۽ خوابن جي نازڪ حيثيت تي بہ روشني وجهي ٿو. لسانياتي لحاظ کان نظم ۾ لفظن جي چونڊ جھڙوڪ سبي ڇڏيو هڪ مقامي ۽ روزمره سنڌي محاوري جو شاعراڻو استعمال آهي. لفظ خوف ۽ اڏري جي وچ ۾ نفسياتي ۽ بصري تصوير گڏ ٿيل آهي. ننڍن، ٽڪرن ۾ ورهايل جملا نظم جي جذباتي شدت وڌائين ٿا. سٽ ڪٿي تنھنجا خواب / اڏري نہ وڃن ۾ وقفو پڙهندڙ کي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو وقت ڏئي ٿو. سبي ۽ خواب لفظن ۾ نرم آواز، جڏهن تہ خوف ۽ اڏري ۾ تيز آواز جي مقابلي سان صوتي تنوع پيدا ٿيل آهي. نظم پڙهڻ دوران سرگوشي جهڙي موسيقي محسوس ٿئي ٿي، جيڪا نظم جي داخلي ڪيفيت سان ميل کائي ٿي. نظم ۾ اهڙو جذباتي اظهار آهي، جنهن ۾ محبت جي شدت، حفاظت جي خواهش ۽ خوابن جي نازڪ حيثيت گڏيل آهن. اکين کي بند ڪرڻ رڳو هڪ جسماني عمل ناهي، پر اهو پنهنجين خواهشن کي بہ روڪڻ ۽ محبوب جي دنيا کي ڇيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جو بہ اشارو آهي. رمضان کي ڄڻ اهو احساس آهي تہ خواب ايترا نازڪ آهن جو هڪ نظر بہ انهن کي ڀڃي سگهي ٿي. علامتي ۽ نفسياتي حوالي سان ھي نظم گهڻي ڀاڱي علامتن جي ڪيفيت سان ڀرپور آهي، جتي هر لفظ صرف ظاهري معنيٰ نٿو رکي، پر هڪ گهري، باطني دنيا ڏانهن اشارو ڪري ٿو. علامتي طور اکيون شعور، مشاهدي ۽ سچائيءَ سان جڙيل آهن. ھتي اکيون سبي ڇڏڻ جو مطلب آهي شعوري عمل کي روڪڻ، پنهنجي نظر کي پابند ڪرڻ، يا شعور کي معطل ڪري ڪنهن نازڪ شيءِ جي حفاظت ڪرڻ. اها علامت سچ کي نہ ڏسڻ جي قرباني يا خود تي ضابطو رکڻ جي بہ نمائندگي ڪري ٿي. اھڙيءَ طرح خواب عام طور تي اميد، خواهش، يا لاشعوري دنيا جو استعارو آهن. ھتي تنهنجا خواب جو مطلب آهي ٻئي شخص جي دنيا، سندس جذبا ۽ آرزو جيڪي شاعر لاءِ انتهائي قيمتي ۽ مقدس آهن. اڏري وڃڻ علامتي طور خوابن جي فنا پذيري، وقت جي بي ثباتي، يا نازڪ اميدن جو ٽٽڻ آھن. خواب کي اڏامندڙ پکيءَ سان تشبيھ ڏيڻ، ان جي آزاديءَ ۽ خطري ٻنهي کي ظاهر ڪري ٿو. خوف، هتي هڪ طرف محبوب جي دنيا ٽٽڻ جو انديشو آھي، ٻئي طرف پنهنجي ئي لاشعوري خواهشن کان خطري جو مقصد ٻڌائي ٿو. نفسياتي نقطہ نظر کان هي نظم انسان جي لاشعوري ۽ شعوري دنيا جي ٽڪراءَ کي ظاهر ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح هي نظم صرف اکين کي بند ڪرڻ جو عمل بيان نٿو ڪري، پر هڪ اهڙي نفسياتي ۽ علامتي ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿو جتي محبت، قرباني، ۽ خوف گڏيل آهن.

آمر ڪئا

آمر ڪئا،

منھنجي آدرشن جي ملڪ کي ٽڪين پيا،

مان/ منھنجا ساٿي جذبا

احساسن جا پلي ڪارڊ کڻي،

احتجاج ڪري رهيا آهيو-

سج تي ڄار اڇلائي

اس کي سمنڊ ۾ ٻوڙين پيا

ارمانن جا ساھ گھٽجي ويا آهن

بي ستا لاش ڪنارن تي وکريل آهن

لڳندڙ سي بريز جون ھوائون موڳيون ٿي پيون آهن

ٻڏندڙ اکين جا سيلاب

ٻانھون ڀڄائي رستي ۾ کوھجي ويا آهن.

تو تہ-

اڳ بہ

رستن تي جسمن جا،

رت رنڱيل غاليچا وڇايا ھئا.

مون ٽٽندڙ ٽھڪ ھٿن سان ميڙيا هئا،

آواز جھوليءَ ۾ جھلي ماڻھن کي ارپيا ھئا.

ھا- سڀ

واٽن ۾ وڃائجي ويا آهن

کين ڳوليندي ڳوليندي،

مان بہ وڃائجي ويندس

ھا! ڪو پڙاڏو،

ڪو گھٽيل سڏ ٿي ويندس

ھا پر

خمير فنا ناھن ٿيندا

اھي ھر دور ۾،

نئين روپ ۾ نروار ٿيندا آهن.

ھن نظم ۾ رمضان ايڪتا، جذباتي شدت ۽ منظر نگاريءَ ذريعي احتجاجي ماحول کي محسوس ڪرايو آھي. احساسن جا پلي ڪارڊ، سج تي ڄار اڇلائي، رت ٽنگيل غاليچا جھڙن استعارن ۽ تشبيهن جي چٽائيءَ نظم کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. جملي جي بناوت ڪٿي سادي تہ ڪٿي تجريدي آھي، جنهن سان پڙهندڙ جو ڌيان برقرار رهي ٿو. نظم جو مرڪزي فڪري محور آمريت خلاف مزاحمت ۽ آزاديءَ جي تڙپ تي آهي. رمضان پنهنجي آدرشن جي ملڪ تي آمر جي قبضي کي هڪ قومي الميي طور پيش ڪري ٿو. پلي ڪارڊ کڻڻ، ساٿين سان گڏ بيهڻ، اجتماعي جدوجهد جو پيغام آهي. سج جي روشني کي ڄار ۾ ڦاسائڻ، ارمانن جو دم گهٽي وڃڻ، سچ ۽ اميد جي روشني بند ٿيڻ جو استعارو آھي. ڪنارن تي لاش، رت سان ٽنگيل غاليچا، سياسي تشدد جا نتيجا آھن. نظم ۾ فڪر سڌي سنئين سياسي بيانيي سان گڏ شاعراڻي اظهار ۾ پيش ٿيل آهي، جيڪو ان کي تحريڪ ۽ ادب ٻنهي جو حصو بڻائي ٿو. لساني طور، نظم ۾ سادگي ۽ علامتي ڳوڙهائي گڏيل طور آهي. سج تي ڄار، ساھ گھٽجي ويا، سيلاب، رت ٽنگيل غاليچا تصويري قوت سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ منظر ٺاھين ٿا. نظم ۾ ڪيترائي اهم استعاراتي ۽ علامتي عنصررن  ۾ آمر جبر، ظلم ۽ سياسي غلامي جو نشان آھن. سج تي ڄار روشني ۽ سچ کي ڦاسائڻ، عوام جي شعور کي قيد ڪرڻ آهي. ساھ گھٽيل ارمان ٽٽل اميدون، سياسي ڏاڍ جي اثر هيٺ مرندڙ خواهشون آھن. رت ٽنگيل غاليچا شهيدن جو رت، ظلم جي تاريخي يادگار، سيلاب ۽ بريز عوامي لهرن ۽ مزاحمتي جذبي جو قدرتي استعارو آھن. هي نظم پنهنجي سياسي شعور، انساني درد ۽ علامتي رنگ سبب سنڌي مزاحمتي شاعريءَ ۾ اهم جاءِ رکي ٿو. رمضان نول جو اسلوب هتي واضح طور تي احتجاج، فڪري مزاحمت ۽ شاعراڻي اظهار کي گڏ ڪري ٿو. نظم ۾ رمضان جي لهجي ۾ ڪاوڙ، بيزاري ۽ بيوسي گڏ نظر اچي ٿي.منهنجي آدرشن جي ملڪ کي تڪين پيا سٽ ۾ رمضان پنهنجي ملڪ کي آدرشن سان جوڙي ٿو، يعني اهو ملڪ جتي انصاف، آزادي، امن ۽ انساني وقار هجڻ گهرجي ها، پر هاڻي اهو ملڪ آمر جي نظر هيٺ آهي. تڪڻ هتي رڳو ڏسڻ نہ، پر شڪار تي نظر رکڻ جي معنيٰ رکي ٿو، جيئن شڪاري پنهنجي شڪار کي نظرن ۾ جڪڙي ٿو. مان / منهنجا ساٿي جذبا احساسن جا پلي ڪارڊ کڻي، احتجاج ڪري رهيا آهيون هيءَ تصوير اجتماعي تحريڪ جي آهي. رمضان ھتي صرف پنهنجو درد نہ ٿو بيان ڪري، پر ساٿين سان گڏجي جدوجهد جو اظهار ڪري ٿو. احساسن جا پلي ڪارڊ هڪ علامتي تصور آهي. مطلب تہ احتجاج صرف سياسي نعرا نہ پر دل جي تڪليف ۽ ارمانن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سج تي ڄار اڇلائي اس کي سمنڊ ۾ ٻوڙين پيا ھتي رمضان ھڪ علامتي منظر پيدا ڪري ٿو. سج يعني روشني، سچ، اميد ۽ شعور جو ذريعو. ڄار اڇلائڻ يعني ان روشني کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ۽ سمنڊ ۾ ٻوڙڻ يعني ان کي مڪمل طور وسائڻ، ختم ڪرڻ. هيءَ تصوير ظالمن جي اها ڪوشش ڏيکاري ٿي، جيڪا سچ کي ماري، اونداھ ڦهلائڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. ارمانن جا ساھ گھٽجي ويا آهن، سي ستا لاش ڪنارن تي وکريل آهنهتي ارمانن کي جيئري وجود طور پيش ڪيو ويو آهي، جن جا ساھ روڪي ڇڏيا ويا آهن. ستا لاش معصوم خوابن ۽ اميدن جي موت جي علامت آهي. بريز هتي ڪنهن وقت جي خوشبوءِ ۽ اميدن جي نرم هوا آهي.ٻانھون ڀڄائڻ مزاحمت جو اشارو آهي. رت ٽنگيل غاليچا هڪ سخت ۽ دل دهلائيندڙ تصوير آهي، جيڪا سياسي تشدد، شهيدن جي رت ۽ رستن تي ٿيل قتل عام کي ظاهر ڪري ٿي. اهو صرف موجوده دور نہ پر اڳئين ڏاڍ جي بہ ياد ڏياري ٿو. رمضان نول نثري نظم ۾ ڪيتريون ئي غيرمعمولي ڪيفيتون بيان ڪري ٿو. ناميارو ليکڪ واسديو موھي رمضان نول جي نثري نظم بابت لکي ٿو تہ:

رمضان نول نہ صرف دل کي ڌوڏي ٿو،پر ڪٿي ڪٿي ھو ذھن کي جھٽڪا ٿو ڏئي .اڪثر عام شخص ئي پٿرن سان چٽيندو آھي ، پوءِ پٿر چاھي حالتن جا ھجن يا نفرت جا ھن کي جلاد تہ نظر اچي ٿو. جلاد ذريعي اڀرندڙ انصاف جي شڪل بدصورت نظر اچي ٿي. سچ پچ رمضان جي ڪوتا ٿورن لفظن ۾ معنائن جا تھ ھٿان تي چاڙھي اسان جي سوچ کي متحرڪ ڪري ٿي.“ (3)

هي نظم علامتن، تصويرن ۽ جذباتي منظرنگاري ذريعي آمر جي ڏاڍ، قومي ارمانن جي موت ۽ عوام جي بي وسيءَ کي بيان ڪري ٿو. ھي نظم صرف ڪنهن هڪ دور جي ڳالهه نہ ٿو ڪري، پر هر اهڙي وقت جو عڪاس آهي، جتي طاقتور قوتون ماڻهن جي آزادي، سچ ۽ اميد کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. شيخ اياز جي شاعريءَ جو بنيادي محور بہ آمريت خلاف جدوجهد، قومي آزادي ۽ انساني وقار آهي. اياز بہ پنهنجي نظمن  ۾ ظالم حڪمرانن جي تصوير ڪڍي، عوامي جذبات جو ترجمان بڻيو. شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ ۾ علامتن جو گهرو استعمال آهي، شعور ۽ سچ جي علامت، جيڪو اڪثر ظلم جي ڪڪرن ۾ لڪيل ڏسجي ٿو.

جدائيءَ جا لڙڪ

ھاڻ

تنھنجي اکين تي نظم،

لکي نہ سگھندس.

ڇاڪاڻ تہ

مون تنھنجي جدائيءَ ۾

نظم سارا لڙڪن ۾ وھائي ڇڏيا آهن.

هن نظم ۾ رمضان جو بنيادي فڪري محور جدائي، احساساتي تڪليف، ۽ فنڪار جي اظهار جي بي وسي آهي. رمضان محبوب جي جدائيءَ جي اذيت کي اهڙي شدت سان محسوس ڪري ٿو جو لفظن بدران لڙڪ ئي سندس شاعريءَ جا وسيلا بڻجي وڃن ٿا. نظم ۾ اهو فڪري تصور موجود آهي تہ جڏهن دل جي تڪليف حد کان وڌي وڃي تہ فنڪار جا لفظ بہ روئي پون ٿا ۽ شاعريءَ جو اصل سرمايو احساس لڙڪن ۾ بدلجي وڃي ٿو. لڙڪ علامتي طور تي هن نظم ۾ جذباتي بار، بي وسي، ۽ اندروني طوفان جو اشارو آهن. اھڙيءَ طرح اکيون محبت ۽ احساس جي مرڪز طور استعمال ٿيل آهن، جيڪي محبوب جي ياد، خوشي ۽ غم جو آئينو بڻجن ٿيون. نظم لکڻ جو عمل تخليقي اظهار جو استعارو، جيڪو هتي صرف لڙڪن جي صورت ۾ ممڪن ٿيو آهي. جدائي وقتي فاصلي کان وڌيڪ، اهو داخلي ۽ جذباتي فاصلو آهي، جيڪو روحاني درد جو سبب بڻجي ٿو.

ھن نثري نظم ۾ جذبات جو وهڪرو، تشبيهي ۽ استعاراتي رنگ ، لهجو نرم، حسرت ڀريو ۽ اداس آھي، جيڪو نظم جي مزاج سان مطابقت رکي ٿو. نظم ۾ ٽن مرحلن جو وهڪرو آهي. پھريون مرحلو هاڻ نظم لکي نہ سگهڻ جو اعتراف. ٻيو مرحلو جدائي جي ذڪر جي ذريعي اندروني ڪيفيت جي وضاحت. ٽيون مرحلو نتيجو يعني نظم جي جاءِ تي لڙڪن جي صورت ۾ اظهار ڪرڻ. رمضان محبوب سان جدائيءَ جي تڪليف کي صرف لفظن ۾ قيد نٿو ڪري، ڇو تہ اها تڪليف لفظن کان مٿانهين آهي. ان لاءِ هو چوي ٿو تہ هاڻ تنهنجي اکين تي نظم لکي نہ سگهندس ڇو تہ جدائيءَ جي شدت ۾ سندس سڀ لفظ ۽ شاعريءَ جو مواد لڙڪن جي وهڪري ۾ لڙهي ويو آهي. هي اظهار رمضان جي ان حالت کي بہ ظاهر ڪري ٿو جتي جذبن جي شدت تخليقي عمل کي روڪي ڇڏي ٿي، ۽ لڙڪ ئي سڀ کان سچا ۽ بي ساختا شعر بڻجي وڃن ٿا.

سوچن جي سزا

مون واچوڙن جي اکين مان لڙڪ وھندي ڏٺا

آسمان جي چپن مان رت ٽپڪندي ڏٺو

آکيرن جون ڳليون واڪا ڪندي ڏٺيون

سچائين کي سڪرات ٿيندي ڏٺي

قلم جو ڪنڌ ڀڳل ڏٺو

آئيني کي خودڪشي ڪندي ڏٺو

صبح جو پيرن ۾ باک وچڙندي ڏٺي

دانهيندڙ ڪانء ڪوڙا کائيندي ڏٺا

گدڙ جي ڏر ۾ ڪتا لڪندي ڏٺا

ڪاگذ جي سيني تي چھبڪ وسندي ڏٺا.

شيشي جي گلاس ۾ زندگيءَ جا جراثيم لڇندي ڏٺا.

ھا! تڏھن مان تاريخ جي سياھ ورقن آڏو بيھي رھيس

۽ مون کي پنھنجن سوچن سزا ٻڌائي ڇڏي.

رمضان نول جو مٿيون نثري نظم فڪري، علامتي ۽ سماجي شعور سان ڀرپور آهي، جتي ھو   تڪليف ڀريل منظرن ذريعي معاشرتي زوال، انساني قدرن جي پائمالي ۽ فڪري اذيت جو نقشو چٽي ٿو. سماجي زوال ۽ انساني الميا، واچوڙن جي اکين جا لڙڪ، آسمان جي چپن جو رت، سچائين جي سڪرات، انهي ڳالھ جو پتو ڏين ٿا تہ دنيا ۾ انصاف، صداقت ۽ امن جهڙا قدر مُئا پيا آهن. هر جاءِ تي تڪليف ۽ بيحسي جو راڄ آهي."قلم جو ڪنڌ ڀڳل" ۽آئيني جي خودڪشي علامتي طور تي فڪري آزادي، سچائي ۽ شعور جي قتل جو اظهار آهن. جڏهن قلم ڀڄي پوي ٿو تہ سچ لکندڙ آواز خاموش ٿي وڃن ٿا. آئيني جي خودڪشي انهي حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿي تہ سماج ۾ سچ ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جو حوصلو مري ويو آهي. ڪانءُ جو ڪوڙا کائڻ، گدڙ جي ڏر ۾ ڪتن جو لڪڻ، اهي علامتون ظلم، خوف ۽ طاقت جي بازار ۾ ڪمزور طبقي جي مجبوريءَ جا استعارا آهن. نظم جي آخري حصي ۾ رمضان تاريخ جي اونداهن بابن اڳيان بيهڻ جو ذڪر ڪري ٿو، جتي پنهنجي فڪر ۽ شعور کي ڏوهاري بڻجڻ جو احساس ملي ٿو. اها سوچن جي سزا آهي. يعني سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ شعور رکڻ ئي هڪ جرم بڻجي ويو آهي. واچوڙن جا لڙڪ، سماجي محرومي ۽ درد جا نشان آھن. آسمان جي چپن مان رت، فطرت جو زخمي ٿيڻ، امن جي تباھي آھي.آکيرن جا واڪا،  انسانن جا گهر ۽ بستيون جنگ يا ڏڪار سبب اجڙڻ آھن. سچائين جي سڪرات، صداقت جي آخري ساھ، جھوٽن جي حاوي ٿيڻ جڏھن تہ قلم جو ڪنڌ ڀڳل، فڪري ۽ صحافتي آزاديءَ جو خاتمو آھي. آئيني جي خودڪشي، سماجي ضمير جو مرڻ، سچ کي نہ ڏسڻ ۽ نہ ڏيکارڻ آھي. صبح جي پيرن ۾ باک، اميد تي بہ خوف ۽ ڳري اونداھ جو ڇانئجڻ آھي. دانهيندڙ ڪانءُ، گدڙ ۽ ڪتا، ظلم ۽ طاقتور جي حمايت، ڪمزور جو لڪڻ آھن. ڪاگذ تي ڇبڪ، اظهار جي آزاديءَ تي تشدد آھي. شيشي جي گلاس ۾ زندگي جا جراثيم، زندگيءَ جو زهر سان ڀرجي وڃڻ آھي. فني لحاظ ھن نظم ۾ هر منظر ڄڻ فوٽوگرافي وانگر پڙهندڙ جي ذهن تي نقش ٿئي ٿو. نظم ۾ استعارا ۽ علامتون ڄڻ هر تصوير پويان سماجي ۽ سياسي معنيٰ لڪل آهي. هي نظم سماج جي اونداهي منظرن جي ڪاري تصوير آهي، جتي فڪر، قلم ۽ سچ جو انجام ئي "سزا" آهي. رمضان علامتي انداز ۾، هر ذميوار شعور رکندڙ فرد کي ان خوفناڪ حقيقت سان آمهون سامهون بيهاري ٿو تہ سوچڻ بہ خطرو بڻجي ويو آهي. نظم جو تخليق ڪار هڪ اهڙو فرد آهي، جنهن جي ڏسڻ جي صلاحيت صرف ظاهري منظر تائين محدود نہ آهي، پر هو اندروني حقيقتن کي بہ محسوس ڪري ٿو. اهڙي حساسيت هڪ نفسياتي بوجھ بڻجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هر ڏٺو منظر سندس شعور کي زخمي ڪري ٿو. واچوڙن جي اکين مان لڙڪ ۽ سچائين جي سڪرات جهڙا منظر سندس اندر ۾ گھرو ڏک پيدا ڪن ٿا، جيڪو فڪر کي اذيت ۾ بدلائي ٿو. تخليق ڪار جي مشاهدي ۾ سماجي بيماريون، ناانصافيون ۽ اخلاقي قدرن جو زوال موجود آهي. قلم جو ڪنڌ ڀڳل هڪ اهڙي علامت آهي، جيڪا فڪري بغاوت جي موت ۽ اظهار جي آزادي جي ڪچلجڻ کي ظاهر ڪري ٿي. پر ساڳئي وقت، ان بيمار حقيقت جو مشاهدو ئي شعور کي بغاوت ڏانهن ڌڪ ڏئي ٿو. نظم فڪري بغاوت ۽ شعور جي ان اذيت کي پيش ڪري ٿو، جيڪا حساس فرد کي ظالماڻي ۽ بي حس سماج ۾ محسوس ٿئي ٿي. رمضان نول پنهنجي نثري نظمن ۾ محبت جي موضوع کي مختلف جاين تي ذڪر ھيٺ آندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ محبت جا جدا جدا حادثا ۽ انھن جي جماليات وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪيل آھي، جنھن جا ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا.

هوءَ هن سان هلي وئي. ۽ مان پنهنجي پاڪ محبت تي ماتم ويٺو ڪيان.

وقت جو زنگجي ويل تير، محبت جي ڪک ۾ پيهي ويو آهي.

محبت کي ڪباب جيان، ٽانڊن تي پچايو وڃي ٿو.

هر پيغام آڻيندڙ فون جي بوٿ ۾ محبت جا ڪارڊ گم ٿيڻ لڳا آهن.

۽ سندس اکين ۾ لڙڪ تري اچن. پوءِ ڄاڻبو ته محبت جي فتح ٿي آهي.

لفظ چوندا وڃن ٿا تہ محبتون تقدير بدلائينديون آهن.

ٻئي جاءِ تي آهي تہ

”محبت جا اسير“

قسم آ ــ الهامي ڪتابن جي سندر اکرن جو،

قسم آ ــ باک جي مک مان ڪرندڙ ماڪ جو،

قسم آ ــ آڪاش جي اڀرندڙ انڊلٺ ريکائن جو،

قسم آ ــ پهاڙن جي نيڻ ۾ ٽمندڙ آبشارن جو،

قسم آ ــ آسمان جي وسعتن ۾ چمڪندڙ تجلن جو،

قسم آ ـــ مکڙين جا سينا چيري ٽڙندڙ گلابن جو،

قسم آ ـــ روح جي اندر پلجندڙ محبتن جو،

قسم آ ـــ سانوڻ ۾ سڏيندڙ ڪوئل جو،

اسان ازل کان ابد تائين،

اوهان جي محبتن جا اسير آهيون.

يا ٻئي جاءِ تي چوي ٿو تہ

ها! مان ـ تنهنجي نفرت آڏو ڪو بہ احتجاج رڪارڊ ڪرائي نہ سگھيس،

نہ ئي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجھي جيون جي اسٽرائيڪ ڪري سگھيس،

اکين تي پيل تنهنجي صورت وارو پوسٽر ڦاڙي بہ نہ سگھيس.

ديوتا

ھوءَ، چادر وجھي سمھي رھي

مان سندس پيرن جي ترين کي چميو

ھوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي،

بي اختياريءَ مان ڀاڪر ۾ ڀري چيائين:

سرتاج!

ديوتا ايترا نيچ ناھن ٿيندا.

نظم ديوتا ۾ رمضان ھڪ اهڙي لمحي جو ذڪر ڪري ٿو، جتي عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ عزت، محبت، ۽ انساني وقار جو سوال اڀري ٿو. عورت جو جملو ديوتا ايترا نيچ ناھن ٿيندا صرف هڪ فرد سان مخاطب ٿيڻ ناهي، پر مرداڻن روين ۽ طاقت جي استعمال بابت هڪ سماجي اعلان آهي. ھي اظهار عورت جي ان فڪر کي ظاهر ڪري ٿو تہ حقيقي محبت عزت ۽ احترام تي ٻڌل هوندي آهي. علامتي طور ڏسجي تہ ديوتا روايتي طرح پاڪيزگي، ڀلائي، ۽ اعليٰ اخلاقي صفتن جي علامت آھي. هتي اهو لفظ مثالي مرد لاءِ علامت بڻجي ٿوپيرن جي ترين کي چمڻ عاجزي، احترام ۽ عشق جو علامتي اظهار آهي، جيڪو روحاني عقيدت جي ويجهو آهي. ڇرڪ ڀري جاڳڻ عورت جو بيخبريءَ مان شعور ڏانهن اچڻ، ۽ پنهنجي احساسن جي تحفظ يا عزت جي حدن جو دفاع ڪرڻ آھي. نيچ اخلاقي زوال، جنسي جبر يا بي ادبي جو رد آھي. هي نظم عورت جي شعوري مزاحمت جو مثال آهي، جتي هوءَ پنهنجي محبت ڪندڙ کي بہ اخلاقي حدون ياد ڏياري ٿي. اهڙي اظهار ۾ صنفي برابري، رضامندي ۽ انساني وقار جو شعور نمايان آهي. ھي نظم سنڌي سماج ۾ عورت جي اهڙي تصوير پيش ڪري ٿو، جيڪا صرف محبت جو موضوع نہ، پر اخلاقي معيارن جي پاسدار بہ آهي. مرد جو عمل (پيرن کي چمڻ) عشق ۾ فنا ٿيڻ جي حد ڏيکاري ٿو. عورت جو جاڳڻ ۽ جملو چوڻ، ان جي اندروني قوت، شعور ۽ تحفظ جي ضرورت کي ظاهر ڪري ٿو. ھن نظم جو مک پيغام اهو آهي تہ حقيقي عشق ۾ احترام جو عنصر بنيادي حيثيت رکي ٿو.

پوسٽ مارٽم

نظرن جي تيز رفتار گھڙي

چاھت کي چيڀاٽي ھلي وئي

احساسن جي جسم مان رت ٽپڪڻ لڳو

مون ڏٺو نقادن جي اسپتال ۾

مسيحا ڇرين سان

منھنجي ڪويتائن جو

پوسٽ مارٽم ڪري رھيا آھن.

رمضان نول جو ھي نظم پوسٽ مارٽم هڪ گهرو تخليقي اظهار آهي، جيڪو جديد سنڌي شاعري جي علامتي ۽ احتجاجي رنگ کي ظاهر ڪري ٿو. ھي نظم تخليقڪار ۽ نقادن جي وچ ۾ موجود تڪرار، ادبي دنيا جي بي رحمي، ۽ تخليقي فن جي قدرشناسيءَ جي کوٽ تي تبصرو ڪري ٿو. نظم جو مرڪزي خيال اھو آھي تہ شاعر جي محبت، جذبي ۽ احساسن تي ٻڌل شاعريءَ کي نقاد اهڙي بي رحميءَ سان ٽوڙي ڦاڙي تجزيو ڪن ٿا جو ڄڻ اها ڪنهن مرده جسم جو پوسٽ مارٽم هجي. مسيحا عام طور تي علاج ڪندڙ هوندا آهن، پر هتي اهي ڇرين سان زخمن ۾ اضافو پيا ڪن، جيڪو طنزيہ انداز ۾ تنقيد جي منفي رخ کي بيان ڪري ٿو. نظم ۾ مزاحمتي رخ اھو آھي تہ شاعر هن طريقي سان تنقيد جي بي حسي، ۽ غير تخليقي روين جي مخالفت ڪري ٿو. نثري نظم ۾ فني حسن تصويري علامتن ۽ تضاد آميز تشبيهن ۾ لڪل آهي. سادن لفظن سان گهري معنيٰ ڏيڻ، علامتي استعارا ۽ تڪڙي منظر نگاري نظم کي سگهارو ڪري ٿي. رمضان ڄاڻي ٿو تہ تنقيد ضروري آهي، پر جڏهن اها بي حسي ۽ جذبات کي نظرانداز ڪندي صرف ٽيڪنيڪل چيرڦاڙ تائين محدود ٿي وڃي، تہ اها تخليق جي روح کي ماري ڇڏي ٿي. پوسٽ مارٽم جو عنوان پاڻ ۾ ئي اهڙو علامتي زور رکي ٿو، جيڪو نظم جي پوري معنيٰ کي پهرين ئي سٽ ۾ واضح ڪري ڇڏي ٿو. نظم فقط شڪايت نہ ٿو ڪري، پر ادبي دنيا ۾ حساسيت، همدردي ۽ فن جي احترام لاءِ مزاحمتي آواز بڻجي ٿو. ھي نظم تخليق ۽ تنقيد جي رشتي بابت هڪ تڪليف ڏيندڙ سچائي کولي ٿو. رمضان نول علامتي طريقي سان نقادن جي بي رحم ۽ غير انساني روين تي نہ رڳو تبصرو ڪيو آهي، پر هڪ تخليقي احتجاج بہ پيش ڪيو آهي. ساڳئي نموني جا سندس ٻيا ٻہ نظم ھن طرح آھن.

نقاد

لفظن جا ٻير ٽڪيندڙ نوريئڙا!

ڪڏھن تو سوچيو تہ،

جنھن وڻ تي تون ويٺو آھين

اھو ڪيڏو وسيع آهي.

اتي تو جھڙا ڪيترائي پيٽ پالين ٿا.

 پليگ

تخليق ٽڪيندڙ ڪئا،

ڪڏھن تو سوچيو تہ،

جو تون چئين ٿو سو تہ سچ آهي.

اھو ائين آھي

جيئن تو سان گڏ پليگ آھي.

هي ٻئي نثري نظم، نقاد ۽ پليگ، رمضان نول جي فڪري، تنقيدي، علامتي ۽ سماجي شعور جا نمونا آهن، ۽ ٻنهي ۾ هڪ گڏيل لهجو نظر اچي ٿو.  يعني سچ ۽ تخليق جي حوالي سان سماجي ۽ ادبي روين تي تنقيد. نقاد نظم ۾ رمضان وري هڪ تنقيدي رويو سامهون آڻي ٿو، جتي نقاد“ کي لفظن جا ٻير ٽڪيندڙ نوريئڙا سڏيو ويو آهي. ھو سوال ڪري ٿو تہ ڇا تو ڪڏهن اهو سوچيو آهي تہ جنهن وڻ تي تون ويٺو آهين، اهو ڪيڏو وسيع آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو (ڪاتب، شاعر، فڪر آڻيندڙ) پنهنجو پيٽ پالي رهيا آهن. ھتي رمضان ادبي انا، خودپسندي ۽ محدود نظر تي تنقيد ڪري ٿو. يعني نقاد جيڪڏهن تخليق جي وڏي دنيا کي نہ ڏسي صرف پنهنجي جاءِ تي مطمئن رهي ٿو تہ اها تنگ نظري آهي. ٻئي نظم پليگ ۾ ھو تخليق ۽ سچ جي دعويٰ تي سوال کڻي ٿو. پليگ هتي هڪ استعاري جي صورت ۾ آيو آهي. يعني اهڙو مرض جيڪو خفيہ طور پکڙجي ٿو ۽ هر شيءَ کي بگاڙي ٿو. ھتي سندس چوڻ آهي تہ جيڪڏهن تون سمجهين ٿو تہ جيڪو تون چوين ٿو اهو ئي سچ آهي، تہ اها حقيقت بہ پليگ جيان خطرناڪ آهي. مطلب انتهاپسندي، سوچ جو جمود ۽ فڪري آلودگي آھي. ٻنهي نظمن ۾ سوالن جي ٽيڪنيڪ استعمال ٿيل آهي، جيڪا قاري کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. نقاد نظم ۾ سماجي ادبي هيراچئي تي تنقيد آهي، جڏهن تہ پليگ نظم ۾ فڪري انحراف تي تنقيد آھي. ٻئي نظم پنهنجي مختصر ساخت باوجود گهري معنويت رکن ٿا، جيڪا نثري نظم جي خاص خوبي آهي. لساني طور ٻنهي ۾ سادو پر ڇرڪائيندڙ اسلوب آهي، جيڪو استعارن نوريئڙا ۽ وڻ، پليگ سان ڀرپور آهي. ٻنھي نظمن جي موضوعن ۾ ادبي تنگ نظري ۽ نقاد جي خود مرڪزي سوچ تي تنقيد، فڪري جمود ۽ سچ جي دعويٰ جي خطرناڪ نتيجن تي تنقيد آھي. نوريئڙا ۽ وڻ ادب ۽ فڪر جي زندگيءَ جا قدرتي استعارا آھن جڏھن تہ پليگ سماجي ۽ سياسي زهر جي علامت آهي، جنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ شعوري بيداري ۽ فڪر جي آزادي ضروري آهي. رمضان نول ٻنهي نظمن ۾  تنگ نظر ادبي تنقيد خلاف، سچائيءَ خلاف شعوري مزاحمت جو پيغام ڏئي ٿو. اياز بہ ادبي منافقت، درٻاري تنقيد ۽ ادب کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ تي وار ڪري ٿو. اياز جي شاعريءَ ۾ بہ سياسي ۽ مذهبي عنصر تي سخت تنقيد ملي ٿي.

 گم ٿيل چميون

پنھنجون چميون لفافي ۾ بند ڪري

توڏي اماڻيون اٿم

جيڪي تنھنجي چپن کي ڇھڻ کان پھرين

پوسٽ آفيس ۾ گم ٿي ويون آهن.

هي نظم محبت جي جذباتي اظهار، انساني رابطي جي ناڪامي، ۽ احساسن جي وڃايل معنيٰ تي ٻڌل آهي. نظم اشارو ڪري ٿو تہ سماجي ۽ ادارتي نظام ايترو بي حس ٿي ويو آهي جو ماڻهن جا جذبات بہ ان ۾ گم ٿي سگهن ٿا. هي نظم ان دور جي بہ عڪاسي ڪري ٿو جتي محبت جو اظهار خط، لفافي ۽ ڊگهن انتظارن سان ڳنڍيل هو  ۽ ان ۾ وڃائجي وڃڻ جو خطرو بہ ساٿ ۾ هوندو هو. رمضان نول هتي محبت جي هڪ خوبصورت  پر اداس تصوير ٺاهي آھي. چميون محبت جي علامت آهن، لفافو تحفظ ۽ راز جي علامت آهي، جڏهن تہ پوسٽ آفيس دنياوي نظام جي نمائندگي ڪري ٿي. نظم اهو پيغام ڏئي ٿو تہ محبت ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ ئي گم ٿي ويندي آهي، پوءِ چاھي اهو سفر خط جو هجي يا دل کان دل تائين پهچڻ جو ھجي. هي رڳو هڪ ذاتي الميو ناهي، پر اهو انساني رشتن ۽ رابطن ۾ پيدا ٿيندڙ فاصلا ۽ بي وسيءَ جي بہ عڪاسي آهي.

احساس

تنھنجي چمي وارا احساس

صابڻ سان لاھيان ٿو،

آھي لھي نٿا سگھن،

۽ صابڻ ڳرندو وڃي ٿو.

هن نظم جو مرڪزي فڪر انساني احساسن انهن جي روحن تي ڇڏي ويل دائمي ڇاپ آهي. هي نظم اهو فڪر بہ ڏئي ٿو تہ انساني جذبات ۽ محبت جون گهرايون ڪنهن بہ مادي وسيلن سان ختم نٿيون ٿي سگهن، ڇو تہ اهي روحن ۾ ويڙهيل هونديون آهن. رومانوي لحاظ کان هي نظم محبت جي شدت ۽ جذباتي ڇهاءَ جو اظهار آهي. تنهنجي چمي وارا احساس هڪ اهڙو روماني استعارو آهي، جيڪو محبوب جي قرب ۽ لمس کي زنده ڪري ٿو. رمضان محبوب جي چمي کي صرف هڪ جسماني عمل نہ پر هڪ روحاني ۽ جذباتي تجربو سمجهي ٿو، جيڪو سندس اندر جي گهراين ۾ محفوظ آهي. هتي رومانويت ۾ ٿوري اداسي ۽ بي وسي بہ آهي، ڇو تہ ڪردار ڪوشش باوجود انهن يادگارن کان الڳ ٿي نٿو سگهي. هي نظم پنهنجي سادگيءَ ۾ گهري نفسياتي ۽ رومانوي معنائن سان ڀرپور آهي. اهو ظاهر ڪري ٿو تہ محبت جا ڪجھ لمحات زندگيءَ ۾ اهڙا هوندا آهن، جيڪي وساري نٿا سگهجن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ گهرائي اختيار ڪندا آهن.

 اسان تنھنجا سپنا

ڪنھن صحيفي جيان

رومال ۾ ويڙهي

اکين جي شيلف ۾ رکي ڇڏيا آهن

درد جون ھوائون

جڏھن يادگيرين جا ورق اٿلائينديون آھن

ان سمي توکي پڙھي وٺندو آھيان.

هي نظم خوابن ۽ يادگيرين جي تقدس ۽ جذباتي سرشتي کي پيش ڪري ٿو. شاعر پنهنجي محبوب سان لاڳاپيل سپنن کي صحيفي سان تشبيھ ڏئي ٿو، جيڪو مقدس ڪتاب جي علامت آهي. درد جون هوائون ۽ يادگيرين جا ورق، وقت ۽ حالتن جي انهن ڪيفيتن کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪي احساسن کي جاڳائين ٿيون. نظم ۾ ومانوي رنگ تمام گهڻو نمايان آهي. محبوب جي ياد کي پڙهڻ هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو محبت کي ڪتاب وانگر پيش ڪري ٿو، جتي هر ورق هڪ نئين قربت يا درد جو بيان آهي. هي نظم اهو بہ ڏيکاري ٿو تہ انساني سماج ۾ محبت ۽ يادگيريون ڪيئن زندگيءَ جا اهم حصا آهن، ۽ ماڻهو انهن کي پنهنجي ثقافتي انداز ۾ (جهڙوڪ رومال ۾ ويڙهڻ) محفوظ ڪندا آهن. اهو عمل گڏيل انساني تجربن کي بہ ظاهر ڪري ٿو. نظم ۾ شاعراڻو تسلسل، استعارن ۽ علامتن جو سھڻو استعمال آھي.

جوڳي! ڌرتيءَ جي سوراخن تي

بين نہ وڄاءِ

نانگ تہ ھاڻ،

آکيرن ۾ رھڻ لڳا آھن.

هي نظم معاشرتي ۽ اخلاقي شعور جو عڪس ۽ سماجي حالتن تي تنقيد آهي. رمضان جو چوڻ آهي تہ هاڻي خطرن جا سرچشما سماج جي اندروني ڍانچي ۾ اچي ويا آهن، جتي اڳ امن هوندو هو. اها ڳالھ سياسي حالتن، اخلاقي زوال يا انساني رشتن ۾ بي اعتمادي ڏانهن بہ اشارو ٿي سگهي ٿي. هن نظم ۾ روايتي رومانوي عنصر گهٽ آهن، پر علامتي سطح تي جوڳي سان ڳالهائڻ هڪ فڪري ۽ روحاني رومانس جو احساس پيدا ڪري ٿو. اهو رومانس محبت کان وڌيڪ سچائي ۽ فڪر سان لاڳاپيل آهي.

مجموعي طور تي رمضان نول جي شاعري، خاص طور نثري نظم، سنڌي ادب ۾ هڪ نئين تخليقي وهڪري جا علمبردار بڻجي سامهون اچن ٿا. سندس فن ۾ جتي جديد فڪري شعور، قومي سجاڳي ۽ انساني محبت جا رنگ نمايان آهن، اتي ئي فني حوالي سان علامتي قوت، تصويري ڪشش ۽ جذباتي اثر پذيري پڻ پنهنجي پوري چمڪ سان موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ وقت جي بيچيني، سماجي اٿل پٿل، جدوجهد، انساني درد ۽ مزاحمتي روح واضح محسوس ٿئي ٿو. نثري نظم ذريعي هن سنڌي شاعري کي هڪ نئون اسلوب، نئون لهجو ۽ نئون فڪري تناظر ڏنو آهي. سندس تخليقي عمل ۾ نہ رڳو ذاتي تجربا پر اجتماعي درد بہ شامل آهي، جيڪو هن جي شاعريءَ کي وقت جو دستاويز بڻائي ٿو. رمضان نول جي تخليقن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هو لفظن کي صرف اظهار جو وسيلو نہ ٿو سمجهي، پر انهن کي فڪر، فن ۽ عمل جي طاقت ۾ تبديل ڪري ٿو. اُنهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو تہ رمضان نول سنڌي ادب جي اُنھن شاعرن مان آهي، جن پنهنجي فن سان نہ رڳو نثري نظم کي مضبوط ڪردار ڏنو آهي، پر سنڌي شاعريءَ کي نئين جمالياتي ۽ فڪري اوچائين تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

حوالا

1.       ٻانڀڻ اظھر، فقير منش انسان رمضان نول ۽ درد جو شاعر، ماھوار جياپو ڪراچي، شمارو 4، 31 جولاءِ، آگسٽ، ص 8

2.       ڪومل لڇمڻ، (مھاڳ)، روح جا سجدا، سرمد پبليڪيشن ڪراچي،1999ع، ص 10

3.       موھي واسديو،روح جا سجدا، سرمد پبليڪيشن ڪراچي،1999ع،



Previous Post Next Post