انسان پنھنجي
عقل سان دنيا کي ترتيب ڏئي ٿو، پر دنيا اسان جي ترتيب جي پابند ناهي، هر انسان هن ڪائنات
۾ تنها داخل ٿئي ٿو، ۽ زندگي جي ڪهاڻي جي وچ ۾ هو اڪيلو ئي پنهنجو رقص پورو ڪري ٿو،
ان زندگي جي ڪهاڻي جي وچ جيڪي چهرا
ملن ٿا، اهي گڏ هلندڙ ناهن، اهي رڳو اسان جي اڪيلائيءَ جا شاهد آهن، نٽشي چوي ٿو تہ زندگي اختيار جو نالو ناهي، پر حالتن کي
گلي لڳائڻ جو نالو آهي.
اسان جن کي
پنهنجو سمجهون ٿا، اهي اسان جي زندگي جا ڪردار ناهن، اهي اسان جي شعور جا مرحلا آهن،
۽ هر مرحلو، پاڻ سان هڪ خال ڇڏي وڃي ٿو، انسان سمجهي ٿو تہ هو چونڊ ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ هو رڳو قبول
ڪري ٿو، وقت ڪو منصف ناهي جيڪو نرڙ تي تقدير جا نشان چٽرِي، وقت تہ رڳو اهو پردو هٽائي ٿو، جنهن جي پٺيان فيصلا ازل کان لکيل هئا.
جدلياتي فڪر ۾ هجڻ ۽ نہ
هجڻ،
محبت ۽ جدائي، معنا ۽ بي معنويت اهي هڪ ٻئي
جا مخالف ناهن، اهي هڪ ٻئي کانسواءِ نامڪمل آهن، زندگيءَ جو انجام ڪو صاف فيصلو ناهي،
رڳو اهو ڏسڻ آهي تہ انسان حالـتن
جي دٻاءَ ۾ پاڻ کي ڪيئن سنڀالي ٿو، زندگي جي تعريف شايد هيءَ آهي حدن ۾ سوچيندڙ عقل،
بي رحم نظام آڏو حڪمت سان بيٺل انسان، ۽ جدائي محض هڪ دل جهوريندڙ جذبو ناهي، پر هيءَ
شعور جي اها بلند سطح آهي جتي انسان پنهنجي وجود کي پرکي ٿو.
افلاطون چوي
ٿو ”هيءَ مادي دنيا اصل ناهي، رڳو هڪ پرڇانو آهي.“ شايد ان ڪري ئي اسان جي محبت هتي اڌوري رهجي
وڃي ٿي، ڇو تہ ڪمال ۽ مڪمل
هجڻ جو جوهر هن مادي سطح کان مٿانهون آهي. اسان جنهن کي ٽٽڻ سمجهون ٿا، اهو شايد روح
جو پنهنجي اصل ڪمال ڏانهن خاموش واپسيءَ جو سفر آهي.

