ها! عشق کان،
انڪار ناهي۔
عشق وڏو، اسرار
آهي!!۔
عشق عميق ساگر
آهي،
عشق ڌرتي، امبر
آهي۔
عقل شرم ٿو،
قيد ٿئي،
دل ۾ عشق، جي
گهر ٿو اڏي۔
عشق لاحاصل،
آ جذبو،
سک سڪون ڦٽي
آ ويندو۔
عشق سراسر،
اڃ آهي،
صحرا سفر، گهر
تر ڇڏائي۔
عشق عميق ساگر
۾ جيڪو غواصي ڪندو آهي، سو ئي معنىٰ جا موتي ميڙي
ايندو آهي۔ عشق باھ جي ساگر جيان، بي خوف ٿي ترڻو پوندو آ، جان جو فڪر ڇڏڻو پوندو آ۔
جان جوکم ۾ وجهڻي پوندي آ، ڪڏهن بہ اڃ ڪون اجهڻي
آ۔ لا حاصل آهي عشق،
لڪي نٿو، جيئن
مشڪ۔ عشق عيان ٿي پوندو آ، سک چين نهوڙي نيندو آ۔
عشق ۾ عقل جا
کنڀ کٿل هوندا آهن جڏهن عشق دل ۾ آکيرو اڏيندو آهي تہ
ٻي
ساري دنيا مافيا کان انسان ڪٽجي ويندو آهي۔ ان لاءِ
ڪل
ڪائنات سندس سپرين ئي هوندو آهي۔ ان کي ڏسي عاشق کي خوشي ٿيندي آهي ۽ ان کان دوري وري
کيس ڏاڍو ستائيندي ۽ بيقرار ڪندي آهي۔ هو محبوب جو مشاهدو ماڻڻ لاءِ تن من ڌن سڀ قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي۔ ساري سنسار ۾ کيس پنهنجو
پرين پيارو ئي وڌيڪ حسناڪ ۽ مهجبين لڳندو آهي۔ هو ٻي ساري سنسار لاء ڪور نظر يا انڌي
جيان هوندو آهي۔ عشق ۾ جيئن کيس وڌيڪ رڪاوٽون ۽ رنڊڪون اينديون آهن تيئن هو اڃان اڳتي
وڌڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ تہ
اهڙي
جستجو ۾ سر ڌڙ جي بازي بہ هارائي ويندو
آهي۔ عاشق جون اکيون سدائين اوجاڳيل رهنديون آهن ۽ هروقت محبوب جي راھ تڪينديون رهنديون
آهن۔ هو فراق ۽ جدائيءَ جي باھ ۾ پچي،
رچي ريٽو ٿي پوندو آهي۔ اهو پچي پختو ٿيڻ ئي کيس جاودانيءَ واري امر حياتي عطا ڪندو آهي۔ هو مرڻ کان
اڳ مري، مرڻ کي مات ڏئي امر ٿي ويندو آهي ۽ سدائين خلق خدا جي دلين ۾ زنده رهندو آهي۔
عشق حقيقي آهي
ئي لاحاصلات جو نالو، جتي هر طمع کي ترڪ ڪري ڇڏڻو آهي۔ ڇاڪاڻ تہ جڏهن بہ
ڪا
شئي حاصل ٿي ويندي آهي تہ ان لاءِ محبت جي شدت، سڪ، ڪشش يا شڪ ان حد يا درجي
تي نہ رهندي آهي، جيڪا پري رهڻ يا ورھ وڇوڙي واري
حالت ۾ هوندي آهي۔ فراق ۾ پچڻ پختو ٿيڻ ۽ رچي ريٽي ٿيڻ ۾ جيڪو لطف يا مزو آهي ، اهو
وصل ۾ نہ آهي۔ تنهنڪري ئي ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي تہ:
”ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت،
من اندر جا
لوچ، مڇڻ ملڻ سي ماٺي ٿئي۔“
اندر جي اڪير
سڪ ڪشش يا ڇڪ سان گڏوگڏ ذڪر اذڪار سان مالڪ سائين تمام قريب ٿئي ٿو، پڻ اسان جي ياد
ڪرڻ سان حقيقي مطلوب بہ اسان کي ياد
ڪري ٿو۔ پوءِ جيڪو ٻانهو
مالڪ پاڪ جي نظر هيٺ ۽ ياد ۾ هجي۔ انکي ڪي تڪليفون يا دنياوي درد ڪيئن ٿا ڪمزور ڪري
سگهن۔ ياد خدا وقت پنهنجي موجودگيءَ يا وجود جي
بلڪل نفي ڪرڻي آهي ۽ سندس اسم پاڪ ۽ سندس موجودگيءَ
جي
اثبات ڪرڻي آهي۔ باقي جيڪو پاڻ پڻي سان پيوست رهي ٿو، اهو رب پاڪ جي قربت کان دور رهجي
وڃي ٿو۔ اگر ياد خدا ڪنهنجي قلب کي ميڻ وانگر نرم نٿي ڪري ڇڏي تيستائين ان جي ڪابہ عبادت رياضت قبوليت جو درجو ماڻي نٿي سگهي،
جڏهن دنيا جا سڀ سهارا ڇڏي يا موڪلائي وڃن ٿا، تڏهن الله پاڪ ئي ٻانهي جو سهارو بنجي ٿو ۽ اڪيلو نٿو ڇڏي۔ هڪ در بند ئي نٿو
ٿئي ته الله پاڪ ان کان اڳ ٻيو در کولي ڇڏي ٿو۔ بس بندي بي خبر کي مايوس يا نا اميد
نه ٿيڻ گهرجي۔
”گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا ويا،
تنهان پوءِ سئا، سهڻيءَ
سڏ
ميهار جا.“
مٿئين شعر
۾ بلڪل واضح آهي تہ جڏهن سهڻي مڪمل
فنا جي حد کي پهتي، تڏهن ئي کيس ميهار جا سڏ ٻڌڻ ۾ آيا۔ يعني فنا بعد ئي بقا ملي ٿي
۽ مشاهدو ماڻجي ٿو۔ تنهنڪري اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون تہ بعد وصال جي ئي محبوب جو مشاهدو ماڻي سگهجي
ٿو۔ ڇاڪاڻ تہ مطلوب/ محبوب
اگر جلدي ۽ بغير ڪنهن تڪليف جي ملي وڃي تہ
معراج
جو اهو لطف ڪون ماڻي سگهبو جيڪو، گهڻين تڪليفن، جستو، جاکوڙ، جدوجهد ۽ ڳولا بعد ماڻڻ
سان ميسر ٿي سگهي ٿو۔ جيئن هڪ ٻار ڪنهن رانديڪي لاءِ
ڪيترو نہ روئيندو ۽ گرھ زاري ڪندو آهي، مالڪن کي ڏاڍو
تنگ ۽ پريشان ڪندو آهي تہ اهو رانديڪو
وٺي ڏيو، پر جڏهن کيس اهو رانديڪو ملي ويندو آهي تہ
ٿوري
دير کيڏڻ کان پوءِ کڻي ان کي پٽ
تي اڇلائيندو آهي، ۽ وري کيس ياد بہ ناهي رهندو۔
تنهنڪري ئي سالڪ ٻانها عشق کي لاحاصلات سان ڀيٽيندا آهن ۽ ڪڏهن بہ وصل جي تمنا نہ رکندا آهن۔ ڇاڪاڻ تہ وصل کان بعد طلب تمام گهڻي گهٽجي يا ماٺي ٿي ويندي آهي، پر جڏهن فراق جي باھ
۾ پچي رچي ريٽو ٿجي ٿو تہ پوءِ سالڪ سمجهن ۽ ٻولن ٿا تہ:
”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هيا.“
اندر جي اکين
سان ڏٺو وڃي تہ مالڪ سائين
ڪثرت م ئي وحدت کي پوشيدہ رکيو آهي، تخليق
کي ڏسي خالق جو ئي تصور ذهن ۾ اڀري ٿو۔ ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:
”وحدتا ڪثرت ٿي، وحدت ڪثرت ڪل،
حق حقيقت هيڪڙو،
ٻولي ٻي م ڀل،
هو هلاچو هل،
بالله سندو سڄڻين.“
صوفين جو اهو
عقيدو آهي تہ خالق کي خلق
کان، ۽ خلق کي خالق کان جدا ڪري يا هٽي ڪري نٿو سمجهي ۽ پروڙي سگهجي۔ حب الله ۾ ايترو
تہ فنا ٿيڻو آهي جو ٻانهي کي پنهنجي جان جتي جي بہ
خبر
چار نہ رهي۔ خاص طور پاڻ پڻي/ انا جي آپي يا خول
کان بلڪل ٻاهر نڪري اچڻو آهي۔
”پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاء،
عشق ساڻ اٺاء،
پير پريان جي پار ڏي.“
”پاڻ م کڻج پاڻ سين، ريء وسيلي وڃ،
ڀيلو ڀيري ڀڃ،
اڪنڊ کڻ عميق ۾۔“
(جيئي
لطيف)
جڏهن طلب سچي
هجي ٿي تہ هر ذڪر سان الله پاڪ بہ ياد ڪري ٿو ۽ هروقت سندس نظر ٻانهي جي قلب
تي رهي ٿي۔
”پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار،
ترهو تنين بار،
عشق جني کي آڪرو۔“
(لطيف سرڪار)
عشق بنان، انسان
ايئن،
اڀ تي رولو،
ڪڪر جيئن۔
انسان سو، مهان
آ،
جو صفت ۾، رحمان
آ۔
عشق بنان من
مؤمن نٿو ٿي سگهي، عشق ۾ سڀني خواهشن کي ختم ڪري روح ۾ هڪ ئي رحمان کي سمائڻو آهي۔
عشق عميق ۾ اهڙو تہ اونهو غوطو
هڻڻو آهي جو ماسواءِ رب پاڪ جي ٻيو
ڪجھ نظر ئي نہ اچي۔
نہ ئي ٻئي ڪنهن سهاري جي ضرورت پوي۔
جنهن جو رب،
ان جو سڀ،
محب محبوب،
خود مسبب۔
جي عشق، هجي
ها آسان،
مهان هجي ها،
هر انسان۔
عشق عميق، ساگر آهي،
عاشق جي حياتي،
امر آهي۔
عشق آهي، آڳ
جو دريا،
بزدل ان ۾،
ڇا ترندا۔
عشق وڏو، اسرار
آهي،
رمز ربوبي،
سنسار آهي۔
جيڪي عاشق،
ڪن ٿا اوجاڳا،
سي ئي ساجهر،
منزل تي پهتا۔
عشق رب کي،
رسائي،
لامڪان جي پار
پڄائي۔
عشق ئي انسان
کي، سهپ برداشت ۽ درگذر ڪرڻ سيکاري ٿو۔ عشق اسان کي خلق خدا سان پيار محبت جو درس ڏئي
ٿو ۽ عشق خدمت ڪرڻ کي اعليٰ عبادت سمجهي
ٿو۔ عشق ئي انسان کي ڪامل انسان بنائي ٿو۔
عشق انسان کي
برھ جي بٺيءَ ۾ پچائي پختو ڪري، امرتا
بخشي ٿو۔
هي سنسار رب
جي عشق جو اظهار آهي، هيءَ ساري ڪائنات
رب پاڪ پنهن جي محبوب ڪائنات جي ڪارڻيءَ
حضرت
محمد مصطفىٰ صلي الله عليہ والہ
وسلم
جي حب ۽ صدقي ۾ خلقي آهي۔ هيءَ ساري ڪائنات اسان جي آهي اسان کي ان جي وارثي
۽ مالڪي ڪرڻ گهرجي۔ هيءَ ڪائنات رب پاڪ
وٽان مليل نعمت ۽ تحفو آهي، ان جي بهتريءَ
۽ ڀلائيءَ لاءِ
ڪم
۽ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي نڪي ان جي تباهيءَ جو سامان پيدا
ڪرڻ گهرجي۔