مقصد حيات (شاھ ڀٽائي جي نظر ۾) ـ اڪرم حيدري

1.       خدا کي سڃاڻڻ:

بيت:

اول الله عليم اعلي عالم جو ڌڻي،

قادر پنھنجي قدرت سين قائم آهِ قديم،

والي واحد وحدہ رازق ربّ رحيم،

سو ساراھ سچو ڌڻي چئِي حمدُ حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جي۔

شاھ ڀٽائيءَ جي نظر ۾ انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد خالقِ ڪائنات جي سڃاڻپ آهي۔ دنيا جي هر ذرو، هر وجود، ۽ هر حرڪت، رب جي قدرت جو مظھر آھي۔ جڏهن انسان پنهنجي دل ۾ اهو يقين پيدا ڪري ٿو تہ ھر شيءِ جو مالڪ الله آهي، تڏهن سندس روحاني سفر شروع ٿئي ٿو۔ ڀٽائي انسان کي دعوت ڏئي ٿو تہ توحيد جي وحدت تي قائم رھي، خيالي خدائن ۽ دنياوي ڌوڪن کان آزاد ٿي رڳو ”اللہ“ کي پنهنجو ڪارساز سمجهي، ڇو جو حقيقي سڪون ۽ مقصد صرف انهيءَ سڃاڻپ ۾ لڪل آهي.

2.       الله سان لاڳاپي جا اصول:

بيت:

جي ڀانئين جوڳي ٿيان تہ پر ڪلمي جي پار،

پنجن ساڻ پورو رھ آيا ٽيھ نہ ٽار،

تڏھن ڌاڳا ڌار جڏھن راھ سڃاڻين رب جي۔

ڀٽائي چوي ٿو تہ الله سان لاڳاپو عبادت، اطاعت، ۽ اخلاص سان قائم ٿئي ٿو۔ نماز، روزو، ۽ فڪرِ آخرت انسان جي زندگيءَ جو محور بڻجڻ گھرجن۔ سچي عبادت رڳو رسم نہ، پر روحاني بيداريءَ جو نالو آھي۔ جيڪو رب کي ياد ڪري ٿو، اهو ظلم، لالچ، ۽ حرص کان پاڪ ٿي وڃي ٿو۔ ڀٽائي انسان کي سيکاري ٿو تہ خدا سان تعلق کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائي، ڇو جو جنهن دل ۾ رب جو خوف ۽ محبت گڏ هجي، اها زندگي مقصد سان ڀرپور ٿئي ٿي۔

3.       نيت صاف رکڻ:

بيت:

آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،

ھاڻي کائي سڀڪو ماڻھوءَ سندو ماس،

دلبر ھن دنيا ۾ وڃي رھندو واس،

ٻيو سڀ لوڪ لباس ڪو ھڪ دل ھوندو ھڪڙو۔

شاھ ڀٽائي جي فڪر ۾ نيت سڀني عملن جو روح آھي۔ جيڪڏهن نيت پاڪ نہ هجي تہ عبادت بہ ريا بڻجي وڃي ٿي۔ ڀٽائي انسان کي ياد ڏياري ٿو تہ دل جو خلوص ئي انسان کي رب جي قرب تائين پهچائي ٿو۔ اخلاص، سچائي، ۽ نيڪ نيت انسان کي خودغرضيءَ کان بچائين ٿا۔ حقيقي مقصدِ حيات اهو ئي آهي تہ هر عمل ۾ الله جي رضا سامھون هجي، ڇوجو جيڪو رب لاءِ ڪندو آهي، اهو هر حالت ۾ مطمئن رهندو آهي۔

4.       پاڻ کي سڃاڻڻ:

بيت:

پنھون پنھون ٿي ڪريان آئون پنھون پاڻ،

اديون ٿئيس اڻڄاڻ جو ڪين سُڃاتم پاڻَ کي۔

شاھ ڀٽائيءَ لاءِ پاڻ کي سڃاڻڻ ئي معرفتِ رب جو پهريون زينو آهي۔ جيڪو پنهنجي نفس کي سمجهي ٿو، اهو پنهنجي خالق کي بہ سڃاڻي ٿو۔ انسان جڏهن پنهنجي اندر جھاتي پائي ٿو، تڏهن کيس خبر پوي ٿي تہ سندس وجود مٽيءَ جو نہ، پر نور جو آھي۔ ڀٽائي انسان کي پاڻ سان سچو ٿيڻ، پنهنجي خامين کي قبول ڪرڻ، ۽ روح جي پاڪيزگيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ سيکاري ٿو۔ خود سڃاڻپ ئي زندگيءَ جي مقصد ڏانهن رستو کوليندي آهي۔

5.       قول ۽ فعل ۾ تضاد:

بيت:

پڙھيو ٿا پڙھن ڪڙھن ڪين قلوب ۾،

پاڻان ڏوھ چڙھن ورق ورائين جيترا۔

ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ علم تڏهن قيمتي آهي، جڏهن اهو عمل ۾ ظاهر ٿئي۔ رڳو پڙهڻ، بغير سچائيءَ جي، انسان کي منافقت ۾ وجهي ٿو۔ قول ۽ فعل ۾ تضاد اخلاقي زوال جو نشان آهي۔ ڀٽائي چوي ٿو تہ جيڪو علم دل ۾ لھڻ کان اڳ زباني رهي، اهو انسان کي روشنيءَ بدران غرور ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔ زندگيءَ جو مقصد اهو آهي تہ انسان پنهنجي قول، فعل، ۽ نيت ۾ سچائيءَ جو مظاهرو ڪري۔

6.       خدمت جو واعدو:

بيت:

پاڇائي نہ پاڇايان سئي سندي ساڻ،

ڍڪي اگهاڙن کي ڪين ڍڪي پاڻ،

ٻيھر ڄاپي ڄاڻ ابر جي اوصاف کي۔

شاھ ڀٽائي جي فڪر ۾ خدمت انسانيت عبادت جو اعليٰ درجو رکي ٿي۔ جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي، اهو رب جي نظر ۾ مقبول ٿئي ٿو۔ ڀٽائي انسان کي سيکاري ٿو تہ هو پاڻ کي وساري ٻين جي ڏکن کي گھٽائي۔ محتاجن، بيمارن، ۽ محرومن جي مدد ڪرڻ ئي زندگيءَ جو سچو مقصد آهي۔ انسان جي قدر ان ۾ ناهي تہ هو ڇا کڻي ٿو، پر ان ۾ آهي تہ هو ڇا ڏئي ٿو۔

7.       صبر ۽ شڪر:

بيت:

ڏک سکن جي سونهن گھوريان ڏک سکن ري،

جنين جي ورنھن سڃڻ آيو مان ڳري۔

ڀٽائيءَ جي تعليم موجب ڏک ۽ سک زندگيءَ جا ٻہ رنگ آهن، ۽ صبر انهن جو حسن بڻجي ٿو۔ جيڪو ڏکن ۾ صبر ۽ سکن ۾ شڪر ڪري ٿو، اهو حقيقي مومن آهي۔ صبر انسان جي روح کي مضبوط ڪري ٿو ۽ شڪر کيس غرور کان بچائي ٿو۔ ڀٽائي چوي ٿو تہ ڏک تربيت آهي، جيڪا انسان کي مقصدِ حيات تائين رسائي ڏئي ٿي، ڇوجو جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم رهي ٿو، اهو خدا جي محبوب بڻجي ٿو۔

8.       علم ۽ فڪر:

بيت:

جن کي دؤر درد جو سبق سور پڙهن،

فڪر فرھي ھٿ ۾ ماٺ مطالع ڪن،

پنو سو پڙھن جنھن ۾ پسن پرين کي۔

شاھ ڀٽائي علم کي سچائيءَ جو آئينو ۽ فڪر کي روح جي روشني قرار ڏئي ٿو۔ علم بغير فڪر جي بيڪار، ۽ فڪر بغير عمل جي ناقص آهي۔ ڀٽائي انسان کي فڪر ڪرڻ، پڙهڻ، ۽ مشاھدو ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، جيئن هو علم جي ذريعي خدا جي نشانيون سڃاڻي۔ علم انسان کي غرور کان نہ، پر عاجزيءَ ڏانهن وٺي وڃي، اهو ئي علم انسان جي مقصدِ حيات کي پورو ڪري ٿو۔

9.       وقت جي پابندي:

بيت:

تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي،

متان ٿئي اونداھ پير نہ لهين پرينءَ جو۔

شاھ ڀٽائي وقت کي الله جي امانت سڏي ٿو۔ جيڪو انسان وقت جو قدر ڪري ٿو، اهو ئي ڪاميابيءَ جي منزل تي پھچي ٿو۔ وقت جو ضايع ٿيڻ زندگيءَ جو ضايع ٿيڻ آهي۔ ڀٽائي چوي ٿو تہ هر لمحو نيڪيءَ، علم، ۽ عبادت ۾ گذاريو وڃي، ڇو جو هڪ پل جي غفلت بہ انسان کي منزل کان پري ڪري سگهي ٿي۔ وقت جي پابندي مقصدِ حيات تائين پهچڻ جو سڀ کان اهم ذريعو آهي۔

10.    سماجي ذميواري:

بيت:

پسو پکيئڙن ماڻھان ميٺ گھڻو،

ولر ڪيو وتن پرت نہ ڇنن پاڻ سين۔

ڀٽائيءَ جي نظر ۾ سماج انسان جي زندگيءَ جو عڪس آهي۔ جيڪو پنهنجي سماج سان محبت ڪري ٿو، اهو خدا سان محبت جو اظهار ڪري ٿو۔ ڀٽائي انسان کي سيکاري ٿو تہ هو والدين جي خدمت، پاڙيسرين سان خيرخواهي، ۽ وطن سان وفاداري کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي۔ سماجي ذميواري انسان کي خودغرضيءَ کان بچائي ۽ انسانيت جي روح سان جوڙي ٿي۔

11.    تسلسل ۽ استقامت:

بيت:

ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،

آڱر آڱوٺي نہ مڙي ڇپيون پير ڇنن۔

ويندي ڏانھن پِرِيَنِ جُتِي جاتِ نہ پائِيان

ڀٽائيءَ جي تعليم آهي تہ حوصلو ۽ استقامت زندگيءَ جي جدوجھد جا اصل هٿيار آهن۔ جيڪو انسان مشڪلاتن کان نہ ٿو ڊڄي، اهو ئي ڪامياب ٿئي ٿو۔ ڀٽائي انسان کي سيکاري ٿو تہ ڏک، تڪليف، ۽ ناڪاميءَ باوجود مقصد ڏانهن وڌندو رهجي۔ استقامت، ايمان جو عمل آهي، ۽ اهو ئي انسان کي روحاني بلنديءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔

12.    آخرت کي سامھون رکو:

بيت:

پوکڻون اٿئي تہ پوک جا پاڻي اٿئي ٻار ۾،

وٽ بہ ويندي نڪري پوءِ سڪي ٿيندي سوڪ۔

جتي لڻندو بيٺو لوڪ اتي سڪندي ھڪڙي سنگ لاءِ

ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ آخرت انسان جي حقيقي منزل آهي۔ دنيا هڪ عارضي آزمائش آهي، جڏهن تہ آخرت دائمي انعام يا سزا جو وقت آهي۔ انسان کي گهرجي تہ پنهنجي هر عمل ۾ آخرت جي جوابدهي کي سامهون رکي، ڇو جو جنهن جي نظر آخرت تي هوندي، اهو دنيا ۾ بہ عدل ۽ احسان سان رهندو۔ زندگيءَ جو مقصد اهو آهي تہ دنيا کي آخرت جي پوک بڻايو وڃي۔

13.    نفرت جو محبت سان جواب

بيت:

چڱا ڪن چڱايون ائين سڀڪو ھوءَ،

تو جيئن ڪري نہ ڪوء بڇن ساڻ ڀلايون۔

شاھ ڀٽائي انسان کي نفرت بدران محبت سيکاري ٿو۔ برائيءَ جو جواب برائي سان نہ، پر ڀلائي سان ڏيڻ ئي روحانيت جو اوج آهي۔ ڀٽائي چوي ٿو تہ محبت انسان کي خدا جي نزديڪ ڪري ٿي، ڇو جو رب پاڻ ”رحمٰن“ ۽ ”رحيم“ آهي۔ انسان جو مقصد اهو هجڻ گهرجي تہ هو دلين کي نفرت بدران الفت سان ڀري، ڇو جو محبت ئي دنيا کي جنت بڻائي سگهي ٿي۔

14.    هر ڪم جو انجام الله جي حوالي:

بيت:

سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم،

ٿي تحقيق تسليم ۾ لاھي غم وھم،

قادر ساڻ ڪرم حاصل ڪري ھاج تون۔

ڀٽائيءَ جي تعليم جو آخري سبق تسليم ۽ توڪل آهي۔ انسان کي ڪوشش ڪرڻي آهي، پر نتيجو الله جي حوالي ڪرڻو آهي۔ جيڪو رب تي ڀروسو رکي ٿو، اهو غم کان آزاد ٿي وڃي ٿو۔ مقصدِ حيات اهو ئي آهي تہ انسان پنهنجي خواهشن کي رب جي حڪم سان هم آهنگ ڪري، ڇو جو جيڪو الله تي توڪل ڪري ٿو، اهو ڪڏهن ناڪام نٿو ٿئي۔

نتيجو:

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نظر ۾ انسان جو مقصد حيات رب جي سڃاڻپ، نفس جي پاڪيزگي، عمل جي سچائي، محبت، ۽ خدمتِ خلق ۾ لڪل آهي۔ زندگي تڏهن با مقصد ٿئي ٿي، جڏهن انسان پنهنجي وجود کي رب جي حڪم سان ڳنڍي، ۽ پنهنجي سماج لاءِ بہ رحمت بڻجي۔ ڀٽائيءَ جي فڪر مطابق ”مقصد حيات“ فقط جيئڻ نہ، پر نور، نيت، ۽ نيڪيءَ سان جيئڻ جو نالو آهي۔

Previous Post Next Post