جڏهن رات جي
آخري پھرن ۾، چنڊ پنهنجو نرمل نور اڇالي
رھيو ھو، ٿڌڙي ھير جھڙوڪ گلن جي خوشبو پکيڙي رهي ھئي، تنهن وقت منهنجي اکين جي لمس ۾ ھڪ ئي چھرو ھو، ”تنهنجو چھرو، محبوب
جو چھرو“
ھير گھلندي
رهي من مھڪندو رھيو تا جو من اندر ۾ تنهنجي خوشبو پاڪيزا بڻائي ڇڏيو. تنهن وقت اندر ۾ توسان
روح رھاڻ جي طلب ٿي پر ڇا ڏسيان تہ لفظ زبان جو
ساٿ ڏيڻ کان ڪيٻائڻ لڳا تڏھن محسوس ڪيم تہ
تون
مون لاءِ ڇا آهين, ھا
ڇا ٻڌايان تہ مون لاءِ ڇا آهين. منهنجي
دل جي هر ڌڙڪن ۾ تنهنجو نانءُ لکيل آ. منهنجي
اکين جي لمس ۾ تنهنجو ئي چھرو لڪل
آ. تون ڇا ڄاڻي تہ
مون
لاءِ ڪائنات جو هر رنگ تنهنجي وجود ۾ ئي
سمايل آهي.
تنهنجو ويجهو
ھجڻ، وقت بيهارڻ جي سگھ رکي ٿو، پر
ساڳيَ وقت توکان پل جي دوري صدين جا فاصلا ڪيو ڇڏي. محبوب منهنجي خوابن جي
دنيا ۾، منهنجي خواهشن جي آسمان تي، رڳو تون ئي تون آهين.
توسان گذرندڙ
محبت جي سفر ۾، مون کي نہ ڪو رستو نظر
اچي ٿو ۽ نہ ئي ڪو انت، ڇاڪاڻ
تہ منهنجي لاءِ
منهنجي
سفر جي منزل بہ تون آهين ۽
منهنجو محبوب همسفر بہ تون. منهنجي
لاءِ دنيا جون سڀئي مرڪون، خواهشون، خوبيون
تنهنجي چهري ۾ سمايل آهن. تنهنجا ٻول، تنهنجا قول، سڀ
جزبا ۽ خيال, مون
کي پنهنجي پاڻ کان ٻاهر ڪڍي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃن ٿا. منهنجي روح اندر ۾، منهنجي
من جي مندر ۾، منهنجي دل گهرئي چمن ۾ منهنجي
هر دعا ۾، بس آهين تون ئي تون.
ھجان جيتوڻيڪ
هزارن جي ھجوم ۾، پر منهنجي نظرن جي ڳولا
رڳو تنهنجي لاءِ هوندي آهي. مان ڪو رانجھو، ميھار يا مجنون تہ
ناھيان
پر ڇا ڀائيان جو محبوب سائين، مون لاءِ محبت جو مطلب بس تون ئي آهين، منهنجا
خواب, اکين جو آساس بس تون ئي تون.
مان جڏهن بہ اڪيلو ٿيندو آهيان، تنهنجي ياد منهنجي همسفر
بڻجي ويندي آهي. ڪڏهن تون مسڪراهٽ ۾ سامهون
اچين، تہ
ڪڏهن
اکين جي گھرائين ۾، تہ
ڪڏهن
ڪنهن اداس شام جي ساڃاه ۾. تنهنجي ياد
سان ئي منهنجي دل کي سڪون ملندو آهي منهنجي دل جي ھر ڌڙڪن جو اھو ئي ورد آ رھندو تہ ”من
اندر ۾ بس تون ئي تون“