ڏينهن ڏکن جو نٿو گذري ـ حڪيم پريم چاندواڻي

ڏينهن ڏکن جو، نٿو گذري،

ظلم سٺو سو، نٿو وسري۔

ڪمزور انسان تي هر زوراور يا ڏاڍي جي سڌ رهي ٿي۔ ڪمزورن ۽ بيڪسن کي ڪجھ سوايو ئي ڀوڳڻو پوي ٿو۔ جيئن چوڻي آهي تہ ڏاڍي تي ڪاوڙ ايندي ناهي، هيڻي تان ڪاوڙ لهندي ناهي۔ منهن جو اهو ذاتي تجربو ۽ مشاهدو آهي تہ شريف ۽ ڪمزور انسان سدائين عتاب ۾ رهندو آهي۔ مون بہ تمام گهڻو  ڀوڳيو آهي۔ اهي ظلم جا داستان ويهي لکبا تہ ڪيترا ئي ڪتاب ڀرجي ويندا۔ تنهنڪري انهن جو ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري بيان ڪبو۔ 

جيڪر ٽري، مشڪل ٽاڻو،

درد وڌي ٿيو، گهڻو پراڻو۔

جيئن جيئن وقت گزرندو ويندو ڪجھ يادون وسري وينديون آهن۔ پر ڪي درد يا تڪليفون اهڙيون هونديون آهن جيڪي بار بار ذهن تي هٿوڙن جيان لڳنديون رهنديون آهن۔ تنهنڪري درد جي شدت ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي، ڪڏهن پراڻا زخم ناسور بنجي ساري حياتيءَ جو روڳ ۽ آزار بنجي ويندا آهن۔ اهڙيءَ ريت دنياوي مسئلا بہ جڏهن الجهي وڏي پريشانيہ جو باعث بنجدا آهن، اهڙيءَ ريت اها پريشاني وڌي وري ذهني دٻاءُ ۾ اضافي جو ڪارڻ بنجندي رهندي آهي۔ انهيءَ ڪري وقت بسر ڪرڻ بہ مشڪل ۽ محال ٿيندو ويندو آهي۔ هن نفسانفسيءَ جي دؤر ۾ همدردي، رواداري، ڀائپي، سڪ محبت، پنهنجائپ ۽ سڄڻائپ بلڪل ئي ختم ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري آدم بيزاريءَ ۽ ڌڪار وارا رويا جنم وٺي رهيا آهن ۽ مسڪين مارن لاءِ جيئڻ ۽ زنده رهڻ وارو عمل مشڪل ترين ٿيندو پيو وڃي۔ بهتري جي ڪابہ اميد نظر نہ پئي اچي۔ روز روز جي وڌندڙ مسئلن ماڻهن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔ پيٽ پالڻ بہ هڪ وڏو مسئلو بنجي ويو آهي۔ هڪ بيوسيءَ ۽ بيڪسيءَ جو عالم آهي۔ هرڪو ڄڻ تہ وقت کي ڌڪو ڏئي وقت ۽ جيون گذاري رهيو آهي۔ مسڪينن ۽ بيواهن لاءِ وري وقت بہ پراڻي ڇڪڙي جيان مڙئي رڙهندو رهندو آهي۔ جيئڻ جو اصل مزو ۽ محبتون موڪلائي ويون آهن۔ ياري دوستي مٽي مائٽي، اولاد سڀ ڄڻ تہ ٽائيم پاس ڪري رهيا آهن۔ ڌاڙيل قاتل ڦورو، ڏڪاري ملاوتي ماڻهو، موت جا سوداگر، مطلب تہ هر ڏوهاري زوراور، آزاد ۽ ڇڙواڳ لڳو پيو آهي۔ اهي پنهنجي من ماني ڪندي ڪجھ بہ ڪرڻ کان نٿا ڪيٻائن۔ انهن لاءِ ڪا رنڊ روڪ يا ٽوڪ بنھ ناهي۔ هر ڪو اها ئي پيو شڪايت ڪري تہ ادا وقت ڏاڍو ڏکيو پيو گذري۔ وقت بيرحم ٿي پيو آهي، روز روز ڪو نہ ڪو آزار بڇي ٿو وڃي ڪو نہ ڪو ڏک ڏئي ٿو وڃي۔ ڪنهن نہ ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسائي الجهائي ٿو ڇڏي۔ ظالم سفاڪ بيوڙا بي عادتا شخص ٻين کي ستائي لطف اندوز ٿين ٿا۔ فلمي ولين جيان وڏا وڌا ٽهڪ ڏئي پنهنجي اندر جي شيطان کي تسڪين ڏين، موج مستي ڪن ٿا۔ مسئلا ايترا تہ وڌي ويا آهن جيڪي نہ تہ اسان کان حل ٿين ٿا نہ ئي انهن جو بار مسڪين کڻي سگهن ٿا۔ بس هڪ عجيب عالم آهي رڳو بيوسي ۽ بيقراري آهي۔ وس ڪندي بہ قلب کي قرار نٿو ملي، روح کي راحت نٿي ملي۔ ڪيڏانهن وڃجي ڪنهن ۾ سڪ محبت، پنهنجائپ ۽ همدردي رهي ئي ناهي۔ لڳي ٿو تہ سڀاڻو اڃا وڌيڪ ڏکيائيون ۽ تڪليفون کڻي ايندو۔ بس جي ٿوري گهڻي همدردي آهي بہ تہ، ان ۾ بہ ڏيکاءُ گهڻو ۽ سچائي يا حقيقت نالي ماتر آهي۔ ڇا ڪجي، يا اڳتي ڇا ڪرڻ گهرجي اهو سوچي ذهن سن ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ڪا واھ وسيلو نظر ئي نٿو اچي۔ ڪو رهبر ڪو ليڊر هجي جيڪو ڀٽڪيل قوم کي ڪنهن راھ رستي سان لڳائي باقي ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ جون اميدون بہ آهستي آهستي دم ٽوڙينديون ٿيون وڃن۔ هي مايوسيءَ يا بيوقوفيءَ واريون ڳالهايون ناهن پر ڪڙيون ۽ کريون حقيقون آهن جن کان ڪوئي بہ منهن موڙي يا فرار حاصل ڪري نٿو سگهي۔

جيئڻ ڏاڍو، اوکو ٿي ويو،

جڳ سڄو ئي، دوکو ٿي ويو.“

ڪا بہ ابتدائي رٿابندي ناهي بس جيئن ڪو برو وقت سر تي اچي ويندو آهي ۽ ان کي بيدليءَ سان ڀوڳبو يا ڌڪو ڏئي گذاربو آهي، ڪجھ اهڙي ئي ڪيفيت ۽ حالتون آهن۔ ڪوئي پرسان حال ڪونهي، ڪوئي مسيحا ناهي ڪوئي همدرد، همدم يا هم غم ناهي۔ اهو ئي سوچي دل بند ٿيڻ لاءِ آتي ٿي وڃي ٿي تہ اڄ اهڙو خراب وقت سر تي اچي بيٺو آهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو۔ ڇاڪاڻ تہ بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ جي ڪا واٽ نظر نٿي اچي۔ روز بروز مسئلا اڃا بہ گنڀير ۽ ڀيانڪ روپ ڌاري راڪاسن جيان  آدم بو آدم بو ڪندا  يا وري بکين بگهڙن وانگي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن۔

ڏينهن ڏکن جو ڏاڍو لمبو ٿيندو آ،

وقت خوشيءَ جو جلدي گذري ويندو آ۔

بس هڪ نفسانفسيءَ، هڻ وٺ، ڦرلٽ، اڻسهپ ۽ پيرن ڪڍڻ وارو ماحول ۽ اڻ ٽر مصيبتون ۽ اڻ وڻندڙ موسم آهي جنهن ۾ نہ چاهيندي بہ اڻ وڻندڙ ماڻهن ۽ ماحول ۾ گذارو ڪرڻو پوي ٿو۔ مرو يا جيئو ساري دنيا بي پرواھ بالم بنيل آهي۔ غريب ۽ مسڪين مارو زماني سان گڏ هلڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا تہ انتهائي پريشانيءَ جي حالت ۾ ٻي واھ نہ ڏسندي بدتر زندگيءَ مان جان آجي ڪرڻ لاءَ خودڪشي ڪري ڇڏن ٿا۔ اهڙي طرح راھ فرار ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا۔ پر پنهنجي پرين پيارن ماءُ، پيءُ، ڀينرن، ڀائرن، ونيءَ ۽ اولاد کي جيئري جدائيءَ جو داغ ۽ نہ ختم ٿيندڙ غم ڏئي اڌ مئو ڪري وڃن ٿا۔ اهو برو وقت ڪڏهن ختم ٿيندو ڪڏهن هيءَ اونداهي رات ختم ٿيندي ڪڏهن خوشين ۽ خوشحاليءَ جو سج اڀرندو۔ هرڪو آسوند رب پاڪ جي در تي هر وقت دست بہ دعا آهي اميدن جو دامن نہ ڇڏڻ گهرجي۔ رات جيتري اونداهي هوندي آهي، ڏينهن يا سهانو صبح اوترو ئي ويجهو هوندو آهي ڏکن پٺيان سک ضرور ورندا آهن غمن پويان خوشيون ضرور ملنديون آهن۔ پر مارو انهيءَ ڪري وڌيڪ پريشان آهن جو ڏکن جي رات تمام طويل ٿي وئي آهي ۽ کٽڻ جو نالو ئي نٿي وٺي۔ مالڪ ڪري هي جبل جيڏو ۽ بدتر ٽاڻو ٽري وڃي۔ آمين۔

ههڙو برو حال جي رهندو،

خوشين بجاءَ، ماتم ٿيندو۔

 

ڪو اهڙو، بهتر رهبر آهي،

حالات جو رخ، جيڪو مٽائي۔

حالات جي، بدتر ٿيندا،

بدامنيءَ کي، هوا ڏيندا۔

رب پاڪ سڻائو، واء وري ڪو،

هاڻي پنهنجو، دم گهٽجي ٿو۔

Previous Post Next Post