نه ڪوئي منھنجو ماڳ آ,
نه ڪوئي آ,منهنجو مڪان.
نه ڄڻ ھي منهنجي
ڌرتي آ,
نه ڄڻ ھي منهنجو
آسمان.
نه ڄڻ ھي منهنجي
نگري آ,
نه ڄڻ ھي منهنجو
آسمان..
سنڌ جيڪا
سدائين صوفين، سورمن
۽ سچ جي ڌرتي سڏجي آهي. سا اڄ هڪ اهڙي
ناسور سان وڙهي رهي آهي، جنهن جو نالو
آهي وڏيرا شاھي. ڏسجي ته اھا ڪا نئين ڳالهه
ناهي، نه ئي ڪو اوچتو پيدا ٿيل مسئلو آهي، پر هيءَ سالن پراڻي ذهنيت
جو تسلسل آهي. جنهن افسوس سان ھاڻ سموري
سنڌي سماج کي شعوري ۽ سياسي غلاميءَ ۾ جڪڙي رکيو آهي. وڏيرا
شاھي رڳو زمينداري نظام جو نالو نه پر اها طاقت، ڊپ
۽ بي انصافيءَ جي سوچ آهي. جتي انسانن
جي زندگين جا فيصلا، قانون جي بدران
بندوق، دولت ۽ اثر رسوخ سان ڪيا وڃن ٿا. ھتي
ڪنهن به مسڪين پورهيت جو جو رت ۽ جان نھايت سستي ٿي پئي آهي ۽ وڏيري جو حڪم ۽ ذھنيت مقدس ۽ مٿاھين بڻجي
وڃي ٿو، پر اسانجي سماج ۾ اڄ سڀ
کان خطرناڪ ڳالھ ته اها آهي جو اھڙي ذھنيت کي رياستي ماٺ جي سرپرستي حاصل آهي. ڇاڪاڻ
ته اڪثر جڏهن ظلم ٿئي ٿو ته اتي رياست کي خاموش رهندي ڏٺو آهي. جتي
اڪثر ايف آئي آر ۾ دير، قاتلن جي آزادي
۽ مظلومن جي فرياد تي بي حسي جو اظهار ئي
رياست جي پت کي وائکو ڪري ڇڏيندو
آهي. جيڪي عمل گڏجي وڏيرا شاھيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا. الميو ته اھو پڻ آهي جو اسانجو سماج به هن ظلم ۾ حصيدار آهي. ڇاڪاڻ
ته اڪثر سماج پڻ ڊپ سبب يا مفاد کي نظر ۾ رکندي خاموش ئي رهي ٿو.
اڄوڪي ڪالم
۾ ذڪر، رڳو هيءَ هڪ خبر ئي
ناهي، پر سنڌ جي ضمير تي لڳل اهو خوني داغ آهي. جيڪو هر روز وڌيڪ گهرو ٿيندو پيو وڃي. جتي
ھڪ وڏيري جي ذھنيت سبب سنڌ جي امن ۽ ڀائيچاري
جي ضامن سڏجندڙ ڌرتي وري رت سان ڌرتي رڱجي وئي آهي. سنڌ
جي تاريخ ۾ ٻيا به ڪي منظر اهڙا رھيا آهن، جيڪي
سالن کان سوال بڻجي جيئرا رهندا اچن پيا. بدين
ضلعي جي پيرولاشاري ڀرسان پورهيت نوجوان ڪيلاش ڪمار ڪولهي جو سرعام قتل به اهڙو ئي
هڪ الميو آهي. جيڪو رڳو هڪ انسان جي جان وٺڻ تائين محدود ناهي، پر اهو سموري سماج، قانون، انصاف
۽ رياستي دعوائن کي پڻ صاف ظاهر ڪري ويو آهي.
سبب ڇا....هڪ
ڪچي جھوپڙي اڏڻ…
نه ڪا بغاوت، نه ڪو وڏو ڏوھ، نه
ڪا هٿيار جي ويڙھ..
صرف هڪ غريب
جي جھوپڙي اڏڻ جو خواب ۽ ھڪ ڇت هيٺ، باقي انسانن
وانگر ئي ساھ کڻڻ
جو خواب.
افسوس جو اڄ سنڌ ۾ اڃا به اهڙا ڪئي علائقا ٿي پيا آهن، جتي ڪنهن پورھيت جو جو ساھ، وڏيري جي بندوق کان تمام سستو ٿي پيو آهي. جتي
غريب جي خواهش، وڏو ڏوھ بڻجي پئي آهي. جتي
قانون بس ڪتابن تائين ئي محدود آهي. جڏهن
ته زمين تي ڏاڍي جي لٺ جو ذور ۽ بندوق جو شور
ئي ھلندو آهي.
ڇا وڏيري سرفراز
نظاماڻي پاران سرعام گوليون هڻي هڪ بيگناھ نوجوان جو قتل، وھشت ۽ ظلم ناهي؟
جيڪا ڪنهن به
ذاتي تڪرار يا اوچتي واردات بجاءِ طاقت جي نشي
۾ دھشتگردي جي برابر آهي. جنهن پٺيان
اھو پيغام پڻ آهي تہ هي زمين يا
ڌرتي بس اھڙن وڏيرن ۽ سگھ رکندڙ ظالمن لاءِ
ئي آهي. جتي
شايد جيئڻ جو حق به بس انھن وٽ ئي آهي ۽ ٻين
کي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ پڻ انھن جي وس ۽ حڪم جو محتاج آهي.
ھتي اھم سوال
اھو پڻ آهي ته ھڪ غريب ڪيلاش ڪولهي ڇو ماريو ويو...؟
ڇا سنڌ ۾ پورهيت
هجڻ جرم بڻجي ويو آهي..؟
ڇا هي ڌرتي
بس وڏيرن جي رحم وڪرم تي آهي..؟
ڇا قانون صرف
ڪمزور لاءِ آهي ۽ طاقتور لاءِ قانون وٽ ڪجھ به ناهي..؟
جڏهن ته ڪيلاش
ڪولهي جو لاش رکي وارث ڌرڻو هڻي ويٺل آهن. سندن
هٿن ۾ پڻ نه بندوقون آهن، نه ڪي اختيار، صرف درد آهي، تڪليف
آهي ۽ انصاف جي اميد آهي، پر سوڳوار خاندان
سامهون سامهون بيٺل سمورو سسٽم، پوليس، انتظاميا توڙي باقي بااثر ڌرين جي خاموشي پڻ ظالم جي ساٿ ڏيڻ برابر آهي.
جتي سر عام
قتل تي ھڪ ايف آئي آر لاءِ به احتجاج ڪرڻو پوي، قاتل
جي گرفتاري لاءِ به لاش رکڻو ٿو پوي. اتي
به اھڙي خاموشي، طاقتور ماڻهن کي ھٿي ڏيڻ
برابر ئي آهي.
اهو ئي سبب
آهي جو سنڌ ۾، روز اھڙا قتل ورجائبا رهن
ٿا پيا. ڇاڪاڻ ته قاتل
کي خبر هوندي آهي ته ”مان وڏيرو آهيان، سياسي اثر رسوخ رکان ٿو، تنهنڪري مونکي هٿ نه لاتو ويندو.“ پر ياد رکڻ گهرجي جيڪڏهن
ڪيلاش ڪولهي جو خون اڄ وساري ڇڏيو ويو، ته
سڀاڻي اهو خون ۽ مسڪين خاندانن جي درد جو اھڙو آواز هر در تي سوال بڻجي کڙڪندو. آءِ جي سنڌ توڙي وس وارن باقي عملدارن کي پڻ
فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ قاتل کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. انصاف
جي گھرج اھا ئي آهي ته ڪيس کي طاقت، ڌمڪي يا ڪنهن به سياسي اثر کان پاڪ ڪري، قانون موجب انصاف ڏنو وڃي. جيڪڏهن
اڄ به مظلوم اڪيلي پاسي بيٺو رهيو ۽ قاتل طاقت جي ڇانوَ ۾ بچي ويو ته
پوءِ اهڙا لاش، اهڙا ڌرڻا، اهڙا ماتم شايد سدائين سنڌ جي قسمت بڻيل رهندا. ڪيلاش
ڪولهي جو خون پڪاري ٿو ته ”انصاف ڏيو، قاتل کي سزا ڏيو.“

