ڪو بہ، عقل ڪل ناهي،
انسان
سراپا، عاجز آهي۔
ڪامل ۽
مڪمل هڪ الله پاڪ جي ذات پاڪ ئي آهي۔ ٻيو وري رسول، نبي، امام، ولي ئي ڄمندي ڄام
هجن ٿا۔ باقي عام انسان عقل ڪل جي دعويٰ
نٿو ڪري سگهي۔ ڇاڪاڻ تہ اڪثريت جي
سوچ يا علم نامڪمل ۽ اڻپورو هوندو آهي۔
پاڻ کي
داناء سمجهڻ ئي وڏي ناداني آهن۔ تنهنڪري هميشہ
اجائي بحث کان بچڻ گهرجي ۽ بهتر آهي تہ
خاموش رهجي ڇاڪاڻ تہ خاموشي ئي
بهتر جواب هوندو آهي۔ انسان خطا جو پتلو آهي ان کان ڪڏهن بہ خطا ٿي سگهي ٿي۔ ڇاڪاڻ تہ خطا جو عنصر ڏاڏي آدم کان وٺي اسان جي خمير ۾
شامل آهي۔
مان ڄاڻان
ٿو تہ نٿو ڪجھ ڄاڻان،
خيال اچن
ٿا، پنهن جو پاڻان۔
سطحي سوچ
جو رکندو آ،
سو نيم
عالم ئي هوندو آ۔
خيالن تي
ڪنهنجو بہ وس نٿو هلي۔ خيال حيلي وسيلي جا محتاج ناهن۔
خيالن کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ گهرجي انهن ۾ ڪا بہ
مصنوعيت يا گهڙگهت شامل نہ هجڻ
گهرجي۔
صوفين جي
نظر ۾ خيال بہ امانت هجن ٿا۔ سچل
سرمست جي چواڻي تہ مان هڪ
خيال آهيان ۽ ملندس ساڻ خيال جي۔
سر تي
جيئن، ٿا پکي لهن،
ائين ٿا
ذهن ۾، خيال اچن۔
ڪن ماڻهن
جي سوچ وري سطحي هوندي آهي يا ٻين لفظن ۾ هو سوڙهي سوچ جا مالڪ هوندا آهن۔ اهڙن
شخصن جي فطرت ۾ اهو شامل هوندو آهي تہ
اهي سڀ ڪنهن جا اجايا نقص ڪڍندا رهندا آهن ۽ پاڻ کي وڏو نقاد سڏرائيندا آهن دراصل
اهي نقاد نہ پر نقاص يا ناقص سوچ
جا مالڪ هوندا آهن۔ اهي صرف پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجهندا آهن ۽ اها ئي سندن وڏي
ناداني هوندي آهي کين تنقيد ۽ تنقيص جي فرق جي بہ
ڪا خبر ناهي هوندي۔ پوءِ هوا ۾
لٺيون هلائي پاڻ کي معتبر ۽ وڏو عالم سمجهندا آهن۔ انهن آڏو ڪيترا بہ دليل ۽ ثبوت پيش ڪجن پر هو جاهلاڻي ضد تي اڙيل
هوندا آهن ۽ مان نٿو مڃان جي عملي صورت وٺي بيهندا آهن۔
هڪ عاشق يا
محبتي انسان تي وري خيال بہ ڪجھ وڌيڪ عاشق/مهربان ٿين ٿا۔ اهي
سدائين ذهن ۽ من تي پرڏيهي پکين وانگي وڳر ڪري اچي لهن ٿا۔ پوءِ انهن مان ڪي شعر تہ ڪي وري ڪالم/آرٽيڪل جي صورت اختيار ڪري وڃن
ٿا۔ پڙهندڙ حيران ٿي وڃن ٿا۔ تہ هڪ رات ۾
ايترا شعر ۽ هڪ ايترو بهترين ۽ مدلل ڪالم هڪ انسان ڪيئن ٿو لکي سگهي۔ شايد تہ ڪنهن ٻئي کان ٿو لکرائي يا مدد وٺي۔ ڇاڪاڻ تہ انهن جي سوچ سطحي يا محدود هوندي آهي۔ ڏات ۽
ڏانؤ بہ الله پاڪ وٽان مليل هڪ نعمت آهي۔ عام ماڻهن
ڪڏهن اوجاڳا ڪيا هجن تہ انهن کي
خبر پوي تہ عاشق جڏهن اوجاڳا ڪندا آهن تڏهن پنهنجي قلب کي
الله پاڪ جي عشق ۾ پچائي پختو ڪري امر بنائي ڇڏيندا آهن۔ انهن کي اتان ئي رهنمائي
۽ علم جي روشنائي ملندي ۽ حاصل ٿيندي رهندي آهي پوءِ
جنهن جو استاد ئي خود مالڪ- ڪائنات هجي تہ
ان کان ڪائنات جو ڪهڙو ڳجھ لڪل رهي سگهي ٿو۔ انهن جي آڏو هر راز ائين عيان ٿيندو
ويندو آهي جيئن ٽي ويءَ تي اکرن
جي پٽي هلندي ويندي آهي ۽ سڀ ڪجھ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ويندو آهي۔ اهڙي علم کي
صوفي علم عرفان سڏن ٿا۔ عاشق هميشہ گهاٽي جو ئي سودو ڪندا رهندا آهن ڇاڪاڻ تہ انهن جي آڏو ڪي عظيم آدرش اصول ۽ مول متا
هوندا آهن۔ تنهن ڪري ئي بظاهر تہ گهاٽي جو
ئي سودو ڪندا آهن پر جيئن تہ سندن مقصد
گهڻو وڏو ۽ عظيم هوندو آهي، تنهنڪري کين انهيءَ
گهاٽي جي سودي پويان وڏا انعام اڪرام ملندا رهندا آهن۔ کين اهڙا تہ بهترين سبق ملندا رهندا آهن جو هو ڪنهن وڏي
نقصان يا گهاٽي کان بچي پوندا آهن۔ ٻيو تہ
کين قربانيءَ جي بدلي يا صدقي ۾
مان شان ۽ امرتا ملندي رهندي آهي۔ جيڪا شايد اربين روپيا خرچ ڪرڻ سان بہ نہ
ملي سگهي۔ مطلب تہ کين ٿوري
نقصان جي عيوض تمام گهڻو ۽ تمام وڏو نفعو انعام جي صورت ۾ ملي ويندو آهي ۽ سڌڙيا
ڏسندا ئي رهجي ويندا آهن۔ ڪي ساڙيلا ساڙ ڪندي ٽوڪ ٺٺول ڪندا آهن ۽ ڪي وري شاطرانا
۽ منافقانا ٽهڪ ڏئي دل کي خوش ڪندا آهن ۽ اهي جملا ڳالهائيندا آهن تہ عاشق احمق ۽ چريا آهن جو اهڙو گهاٽي جو ڪم ٿا
ڪن جنهن مان نہ تہ کين ڪجھ هڙ حاصل ٿو ٿئي نہ ئي وري ڪا کين سڃاڻپ ٿي ملي، يا وري ڪا نيڪ نامي ٿي ٿئي۔ بس
اکيون پوري پيا ٿا هڪ رستي تي بي مقصد رمندا رهن پر اڄ تائين منزل ملڻ سندن لاء
خواب مثل ئي آهي۔
مون بہ هميشہ
گهاٽي جو ئي سودو ڪيو آهي۔ لوڪ جي ليکي مون پنهنجو سدائين نقصان پئي ڪيو آهي پر انهيءَ نقصان جي بدلي مون کي اربين روپين جو سبق ۽
علم پئي نصيب ٿيو آهي۔ ٿوري نقصان عيوض
سچي کري کوٽي جي پئي پرک ٿي آهي ۽ ڪنهن وڏي نقصان ٿيڻ کان بچندو رهيو آهيان۔ جيئن تہ مان سٺو پيار ڪرڻ وارو تہ آهيان پر واپاري سوچ جو ناهيان۔ تنهنڪري نفعي
نقصان جي فڪر کان آجو رهندو آيو آهيان۔ تنهنڪري پرسڪون زندگي نصيب ٿيندي رهي آهي
پر جي دامن ۾ ٽانڊن لپ وجهجي ها تہ دامن سان گڏوگڏ پاڻ بہ جلي ڀسم ٿي وڃجي ها۔
عاشق ڪڏهن بہ اهو ليکو ناهن ڪندا تہ ڇا وڃايو ڇا پرايو يا حاصل ڪيو بس پيار جي
پرخمار وقت ۾ سٺو وقت گذري ويو تہ ڇا اها
غنيمت ناهي۔ ڇاڪاڻ تہ اڄ ڪلھ
وقت گذارڻ بہ هڪ وڏو مسئلو بنجي
ويو آهي۔ پيار ڪو واپار ناهي جو ويهي نفعي نقصان جا ليکا ڪجن پر جن ماڻهن ٻہ واڌو ٻہ
جمع چار ڪرڻ سکيا آهن انهن کي اگر ڪو وڏو نقصان ٿي ويو تہ سندن دل ئي بيهجي ويندي يا دل جو دورو پئجي
ويندو اگر نہ تڏهن بہ انهن کان چين سڪون کسجي ويندو، ذهني پيڙائن ۽
ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ٿي، ويٺا آڱرين تي حساب ڪندا تہ
فائدو تہ نہ
ٿيو پر ويتر هيترو هيترو نقصان ٿي ويو۔ انهن مورکن کي ڪير سمجهائي تہ هر واپار ۾ نفعو نقصان ٿيندو رهندو آهي۔ زندگيءَ ۾ بہ
ڪيترا ئي لاها چاڙها ايندا رهندا آهن۔ هيءَ
زندگي ڏکن سکن، غمن ۽ خوشين جو ئي تہ
ميلاپ آهي۔ جيئن ڪڏهن اس تہ ڪڏهن ڇانؤ
هجي ٿي زندگيءَ جو چرخو بہ ائين ئي ڦرندو ۽ روان رهي ٿو۔ پر جي چرخو ئي
رڪجي وڃي زندگيءَ جو ئي انت ٿي وڃي تہ پوءِ
اهي نفعا نقصان ڪهڙي ڪم جا۔ موت پڄاڻان ڇاٿو وهي واپري مرڻ واري کي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ
يا پروڙ ٿي سگهندي۔ هي سڀ ليکا چوکا زندگيءَ
تائين محدود آهن پر اسان کي پاڻ سان گڏ اهڙو ثمر کڻي وڃڻو آهي، جيڪو اسان جي نجات
جو سبب بنجي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ
انسانن جي اڪثريت جزا سزا جي قدرتي قانونن کي صفا وساري ويٺي آهي ۽ دنياوي فائدي لاءِ گهڻو ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي۔ حد کان وڌيڪ ڦڙتي ۽ چالاڪي
ڏيکاري ٿي۔ امانت ۾ خيانت ڪري ٿي۔ قرض وٺي واپس ڪرڻ ڄڻ سندن نصاب ۾ ئي شامل ناهي۔
پر اسان هنن ئي ڪالمن ۾ لکي چڪا آهيون تہ
قرض/ حق کائڻ واري شخص جي سڪرات تمام مشڪل ٿيندي ۽ قرض/حق ادا ڪرڻ کان سواءِ کين مڪتي/نجات نہ
ملندي۔ پيسو برابر ضروري آهي پر ان کي پنهنجو معبود نہ بنايو وڃي۔ ضرورت ۽ خواهش جي فرق کي سمجهڻ سان
گهڻا مسئلا خود بخود حل ٿي ويندا ۽ جيئڻ آسان ٿي پوندو۔ دنيا ۾ رهي بہ دنياداريءَ
کان پري رهڻو آهي، جيئن ٻيڙي پاڻيءَ تي تہ ترندي آهي پر جڏهن پاڻي ٻيڙيءَ ۾ اندر ڪاهي پوندو آهي تہ ٻيڙي ٻڏي ويندي آهي اهڙي ريت دنيا يا دولت کي
مطلوب يا معبود بنائڻ نہ گهرجي۔
لوڀ لالچ انڌي ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن اونهي کاهيءَ
۾ ڪيرائي زندگيءَ جو ئي انت آڻي ڇڏيندي
آهي ۽ جڏهن زندگي ئي نہ رهي تہ پوءِ
سج اڀري تہ ڇا جي نہ
اڀري تہ ڇا۔ دنيا قائم رهي تہ ڇا قيامت جهڙي تباهي ٿئي تہ ڇا۔ جان آ تہ
جهان آ ورنہ ڪارو سارو آستان آ،
بس قبر جو ميدان آ۔
ڪل عقل جو،
خود کي سمجهي،
وڃي سو،
سالڪن جا قول پڙهي۔
علم
لامحدود آهي، علم ڪڏهن کٽڻ جو ناهي۔ اسان وٽ جيڪو علم يا عقل آهي، انجو مثال سمونڊ
مان حاصل ڪيل هڪ قطري مثل آهي۔ ڪن سالڪن جي نظر ۾ علم هڪ نقطو آهي پر جاهلن ان ۾
غير ضروري اضافو ڪيو آهي۔ هر علم الله پاڪ جي طابع آهي ۽ هر هڪ کي سندس لياقت يا
بصيرت مطابق عطا ٿيندو رهي ٿو۔ علم عرفان بہ
رب پاڪ وٽان سڌو سنئون پنهن جي پيارن رسولن، نبين، امامن ۽ ولين ۽ ڪامل صوفين جي
سيني ۾ اوتيو وڃي ٿو۔ تڏهن ئي اهي ڄمندي ڄام هجن ٿا ۽ ظاهر جي علم نہ هجڻ باوجود هو عالم فاضل ۽ رهبر هجن ٿا۔
سطحي سوچ
جو رکندو آ،
سدا راهن
۾، سو رلندو آ۔
سوچ انهيءَ کي، کسي ٿو سڏجي،
جا اڳتي وڌڻ
جي، سگھ نہ رکي۔
سوچ اها،
سطحي، سڏبي آ،
جيڪا اڙجي،
بيهي رهندي آ۔