سنڌ جي ڌرتيءَ
کي هميشہ کان شاعريءَ جا وڏا ستارا مليا آهن، جن پنهنجي
لفظن سان نہ رڳو سنڌ جي
حسن، محبت ۽ درد کي بيان ڪيو، پر سنڌ جي سڃاڻپ کي بہ
دنيا
آڏو اجاگر ڪيو.
انهن شاعرن
مان هڪ وڏو نالو قاصر نواز جو آهي، جيڪو پنهنجي
سادي، پر اثرائتي شاعريءَ جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو۔
قاصر نواز جي
شاعريءَ ۾ درد ۽ سچائي سان گڏ زندگيءَ جا ڪڙا تجربا بہ صاف صاف نظر اچن ٿا.
سندس جي شاعري
۽ ڪلام دلين کي ڇهڻ جي قوت رکن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي لفظن ۾ اهي
احساس پيش ڪري ٿو، جيڪي عام ماڻهو روز مرہ
جي
زندگيءَ ۾ محسوس ڪن ٿا، پر بيان ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن۔
ھر دل جي ڪمزوري، سھڻي صورت آهي.
دل قاصر نواز بيوس
آ، دل قاصر نواز بيوس آ.
(قاصر نواز)
هن وقت جو وڏو
الميو اهو آهي تہ سنڌ جو هي بهترين
شاعر، جنهن پنهنجي سموري زندگي شاعريءَ ۽ ادب کي ڏني، پاڻ
قسم قسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. اهو رڳو سندس لاءِ نہ، پر سڄي سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو الميو آهي تہ اهڙا باڪمال شاعر مالي تنگدستي ۽ زندگيءَ
جي ڏکن سان جهيڙين پيا۔
اسان سڀني کي
۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي تہ اهڙن شاعرن
جي عزت ڪريون،
سندس جي مالي
معاونت ڪئي وڃي، انهن
جي شاعريءَ کي زنده رکون ۽ هنن لاءِ اهڙا قدم کنيا وڃن،
جيڪي کين عزت،
سهارو ۽ بهترين زندگي ڏئي سگهن. ڇوتہ شاعر صرف لفظن جا سوداگر
نہ، پر قومن جا
روحاني رهنما هوندا آهن۔
قاصر نواز سنڌ
جي ادبي دنيا جو هڪ روشن نالو آهي، جنهن کي ياد
رکڻ ۽ مڃڻ اسان سڀني جو فرض آهي۔