ايڪتا جي معنيٰ آهي ٻڌي ۽ ٻڌيءَ ۾ ئي وڏي قوت لڪل هوندي آهي۔ ايڪتا جو ڏينهن اسان
کي پنهنجي ثقافتي ورثي کي بچائڻ جو پڻ درس ڏئي ٿو۔
سنڌ جو حسن
رڳو ان جي ڌرتيءَ جي خوشبوء، درياه جي لهرن يا پوکيل سرنهن جي مهڪ ۾ ناهي، پر ان وحدت
۾ آهي، جيڪا صدين کان سنڌي سماج جي سڃاڻپ بڻيل آهي.
ايڪتا ڏهاڙو اصل ۾ رڳو لباس يا روايتن جو ڏينهن نه آهي، پر اهو دلين کي ملائڻ، ڌرتيءَ
سان وابستگي جو عهد نئون ڪرڻ ۽ پنهنجي ثقافتي وجود کي پختو ڪرڻ جو جشن آهي. اهو ڏينهن
سڀني سنڌين لاءِ هڪ عيد جي برابر هوندو آهي، ڇو ته انهيءَ ڏينهن سنڌ پنهنجي اصل صورت
۾ پنهنجي محبتن، رنگن ۽ روايتن سميت نظر اچي ٿي.
جڏهن سنڌي ثقافت
جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ته رڳو اجرڪ ۽ ٽوپي پائڻ جو عمل ناهي ٿيندو، پر نسلن جي تاريخ
جي ورقن تي لکيل محبتن جي ورثي کي ٻيهر محسوس ڪيو ويندو آهي. سنڌي سماج ۾ روايت رڳو
ماضيءَ جي ياد نه پر مستقبل جي بقا جو رستو به آهي، ۽ ايڪتا جو ڏينهن ملهائڻ ان سفر
جي سڀ کان اهم پل آهي. اها وحدت جيڪا ماڻهن کي طبقاتي پس منظر، ڌن، ڌنڌي ۽ سوچ جي هر
اختلاف کان مٿانهون ڪري، هڪڙي ڌرتيءَ جي سڏ تي گڏ ڪري ڇڏي ٿي، اها ئي سنڌ جي خوبصورت
طاقت ۽ روايت رهي آهي.
ايڪتا ڏهاڙي
تي سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ خوشين جو مرڪز بڻجي وڃن ٿا. ٻار، نوجوان، بزرگ، عورتون، شاگرد،
استاد، ڪاروباري ماڻهو، علمي حلقا ۽ ادبي سنگتون سڀ ساڳئي سٿ ۾ بيهي پنهنجي سڃاڻپ جو
آواز بڻجن ٿا. اها وحدت ماڻهن کي ٻڌائي ٿي ته سنڌي هجڻ رڳو زبان ڳالهائڻ جو نالو نه
آهي، پر اهو دين، ضمير ۽ جذبي جو تعلق آهي. اجرڪ جو ڳاڙهو رنگ رڳو ڪپڙي تي نه هوندو
آهي، پر دلين جي گرمجوشيءَ ۾ رهندو آهي، ٽوپيءَ جا نقش رڳو سينگار نه هوندا آهن، پر
هزارين ورهين جي تهذيب جا نشان هوندا آهن.
ايڪتا جو ڏينهن
هر سال سنڌين کي ياد ڏياري ٿو ته اختلافن باوجود دليون گڏ ٿي سگهن ٿيون، سوچون ملي
سگهن ٿيون ۽ محبت هر ڀيري نفرت کي مات ڏئي سگهي ٿي. اهو ڏينهن انسانيت، ڀائيچاري ۽
امن جي اهميت کي ٻيهر زنده ڪري ٿو. جڏهن ماڻهو هڪ ئي رنگ ۾ رڱجي گڏ ٿين ٿا ته ڌرتي
سندن قدمن جي ڌڙڪن محسوس ڪري خوش ٿي پوي ٿي. اها ڌرتي جيڪا هميشه قرباني، محبت، امن
۽ سچائيء جو پيغام ڏيندڙ رهي آهي، انهيءَ ڏينهن کي پنهنجي سڀ کان حسين سجاوٽ سمجهي
ٿي.
ايڪتا ڏهاڙو
سنڌين لاءِ انڪري عيد بڻجي ٿو جو اهو ڏينهن کين ياد ڏياري ٿو ته جيستائين دلين ۾ محبت
زندھ آهي، جيستائين ڌرتيءَ سان عشق قائم آهي، تيستائين ڪا طاقت سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي
نٿي سگهي. هي ڏينهن رڳو ثقافت نه پر ڪردار، روايت، وفاداري ۽ انسانيت جو سبق آهي جيڪو
نسلن تائين پهچائڻو آهي. سنڌ جا ماڻهو جڏهن ڪلهن تي اجرڪ اوڍي، ٽوپي پائي، پنهنجي ٻوليءَ
۾ هوجمالا ڳائن ٿا۔جهمريون پائن ٿا، مسڪراهٽون ورهائن ٿا ته ڌرتي انهن جي سچائيءَ
۽ ٻڌيء تي فخر ڪري ٿي.
ايڪتا جو ڏينهن
اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي سڃاڻپ ٽوپي يا
اجرڪ پائڻ تائين محدود نه آهي، بلڪه اها وحدت هر دل جي اندر رهندڙ احساس ۾ سمايل آهي.
ايڪتا جو ڏينهن رڳو ملهايو نٿو وڃي، پر عيد جيان سمجهيو وڃي ٿو، محسوس ڪيو وڃي ۽ نسل
در نسل منتقل ڪيو وڃي، ڇو ته قومون محبت، سچائي ۽ ثقافت سان جيئنديون آهن ۽ سنڌ سدائين
ان جو زنده مثال رهي آهي. سنڌ صوفين جي سرزمين آهي سنڌ جون محبتون ۽ مهمان نوازي سدائين
مثالي رهي آهي۔ سنڌ ڪنهن کان به نفرت نٿي ڪري تنهن ڪري ٻين کي به سنڌ جي وحدت تي ميري
نظر نه رکڻ گهرجي۔ سڀني سنڌ واسين کي ايڪتا جو ثبوت ڏئي ڀائيچاري رواداري ۽ ڀائيبنديء
کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ سڀني نفرتن ۽ ڪدورتن کي هميشه لاء ختم ڪرڻ گهرجي۔ اها ئي انسانيت
جي اهم ۽ اصولي تقاضا آهي۔
هي صوفين جي سنڌ آ، نفرتون نه ڄاڻي،
جيڪو آهي صاف
دل، سو محبتون ٿو ماڻي۔

