اڄوڪي دؤر ۾ سنڌي ٻولي وڏي خوشنصيب آهي، جو ان جي وارثن جيئڻ جا نوان ڍنگ سکي ورتا آھن ۽ پنھنجي ڳالھائي ويندڙ ٻوليءَ جي لفظن کي نيون لغوي ۽ اصطلاحي معنائون ڏنيون آھن. تڏھن اسين ترقي آفتہ قوم سڏجي رھيا آھيون.
مثال طور: ادب اهو آهي جيڪو انسان جي جذبات، خيالن ۽ ثقافت کي لفظن ذريعي پيش ڪرڻ بدران انهن کي گهٽائڻ يا خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي.
انساني جذبات ۽ ثقافت کي گهٽائيندو ۽ نقصان پهچائيندو ھجي.
غير اخلاقي، بي ذوق ۽ بي معنيٰ مواد تي مشتمل هجي سماج ۾ نفرت، فرقو ۽ انتشار پيدا ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪندو ھجي. پڙهندڙ جي سوچ ۽ فڪر تي خراب اثر ڇڏيندو ھجي.
ادب -اهڙو اظهار يا تحرير جيڪو خوبصورتي، اخلاقيات ۽ فڪر جي برعڪس هجي. اهڙي تحرير  جنھن ۾ غير اخلاقي، بي ذوق يا بي معنيٰ مواد شامل هجي، جيڪو انساني جذبات، خيالن ۽ ثقافت جي عڪاسي بدران انهن کي نقصان پهچائي ۽ گهٽ ڏيارڻ جو درس ڏيئي. ادب اهو آهي جيڪو ادب جي مقصدن ۽ قدرن جي برعڪس هجي.
ثقافت کي وڃائڻ: اهڙيون شيون جيڪي ثقافتي ورثي، رسم و رواج ۽ تاريخ کي نقصان پهچائين يا ختم ڪن.
تفريح جي بدران نقصان: افراتفري، بدتميزي، يا بي معنيٰ ۽ بي مقصد مواد جيڪو ماڻهو کي خوش يا سٺو محسوس ڪرائڻ بدران خراب اثر وجهي.
تعليم جي مخالفت: غلط معلومات، غلط سبق، يا اهڙا خيال جيڪي اخلاقيات ۽ سٺن قدرن جي خلاف هجن.
جذبات جي بي عزتي: ليکڪ يا پڙهندڙ جي احساسن کي ٽوڙڻ يا گهٽائڻ.
سماجي شعور کي نقصان: سماج ۾ فرقو وڌائڻ، نفرت پيدا ڪرڻ، يا مسئلن کي وڌيڪ پيچيدو ڪرڻ.
مثال:
ثقافت کي وڃائڻ: ٻارن کي پنهنجي زبان، رواجن يا تاريخ کان اڻ ڄاڻ رکڻ، يا انهن کي پرڏيهي ثقافتن ۾ ئي وجهي ڇڏڻ.
ادب: اهڙي تحريري يا تقرير جيڪا غير اخلاقي هجي يا سماجي انتشار پيدا ڪري.
گندي يا فحش ڳالهہ: اهڙو مواد جيڪو اخلاقيات جي خلاف هجي ۽ سماج لاءِ نقصانڪار هجي.
نفرت ۽ فرقو پيدا ڪرڻ: اهڙا بيان جيڪي ماڻهن ۾ تڪرار ۽ نفرت وڌائن.
ادب جا مقصد:
1.       تفريح : پڙهندڙ کي مايوسي، اونداهہ ۽ بيچيني ۾ مبتلا ڪرڻ، يا بيوقوفي ۽ بدتميزي پيدا ڪرڻ
2.       .تعليم: غلط سبق سيکارڻ، نااهل خيالن کي وڌائڻ، ۽ اخلاقيات ۽ قيمتن کي نقصان پهچائڻ.
3.       اظهار جذبات: ليکڪ جا منفي، نفرت ڀريا يا ڪاوڙ وارا جذبا ظاهر ڪرڻ، جيڪي سماج ۾ تڪرار پيدا ڪن.
4.       سماجي شعور: سماج ۾ غلط فهمي، تعصب، ۽ نفرت پيدا ڪرڻ، مسئلن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ.
5.       ثقافت: پنهنجي ثقافت، رسم و رواج ۽ تاريخ کي گهٽائڻ، ختم ڪرڻ يا ٻاهرين ثقافتن سان تبديل ڪرڻ.
6.       بي معنيٰ ۽ بي ترتيب لکڻ: اهڙا لفظ يا جملن جو مجموعو جنهن ۾ ڪا منطقي ڳانڍاپو يا خيال نہ هجي.
ثقافت جي تباهي: پنهنجي ثقافت، زبان يا رواجن کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ.
شاعري :نفرت، ڪلفت، ڏک ۽ زندگي کي تباهہ ڪرڻ وارا خيال پيش ڪرڻ.
ناول ۽ افسانا: بي بنياد الزام، سماج ۾ نفرت ۽ بداعتمادي وڌائڻ.
مضمون :غلط معلومات، گمراهہ ڪرڻ ۽ غير اخلاقي بيان.
ڊراما ادب: بي اخلاق منظرناما پيش ڪرڻ، ذهني انتشار ۽ نفرت پکيڙڻ.
اديب- جيڪو بي ادب ۽ بي تھذيبگي جا گر سيکاريندڙ ھجي، (گاريون ڏيڻ جو ماھر، بدتميز، بداخلاق، بدڪار، بيعزت، وغيرہ)
ثقافت کاتو- ورثو ختم  ڪرڻ وارو،  فن ۽ ادب جي اهميت وڃائڻ وارو، اديب کي مارڻ وارو، ثقافتي ميلن ۽ روايتن جو خاتمو ڪرڻ وارو ۽ مقامي ٻولين کي زوال ڏيارڻ وارو وغيرہ
جديد سنڌي لغت کي نظر ۾ رکندي، ثقافت کاتي بہ تڏھن پنھنجي ڪم ڪرڻ جا اصول ۽ ضابطا ساڳي معنيٰ ۾ جوڙي ڇڏيا آهن.
1.       ورثي جي تباهي – تاريخي عمارتن، ماڳن ۽ آثار قديمہ کي برباد ڪرڻ يا نظر انداز ڪرڻ۔
2.       فن ۽ ادب جي اهميت کي گهٽائڻ – شاعرن، ليکڪن، فنڪارن ۽ موسيقارن جي سهائتا بند ڪرڻ يا انهن کي نظرانداز ڪرڻ۔
3.       ثقافتي ميلا ۽ نمائشون بند ڪرڻ – مقامي ميلن، ثقافتي پروگرامن ۽ روايتي رقصن کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ دلچسپي نہ وٺڻ۔
4.       زبانون ۽ روايتون ختم ٿيڻ – مقامي ٻولين ۽ ريتن رسمن کي ختم ڪرڻ يا انهن کي وسارڻ۔
5.       تعليمي ۽ شعوري سرگرمين کي گهٽائڻ – مڪيوزيم، لائبريرين ۽ ثقافتي ادارن کي بند ڪرڻ يا انهن کي اهميت نہ ڏيڻ
6.       گاريون ڏيندڙ اديب ۽ سوشل ميڊِيا تي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ بي عزتو ڪندڙ کي سلام ڪرڻ ۽ ان جي جلد از مالڪي ڪرڻ
نوٽ: ڪو بہ اديب، تنظيم، ادارو ۽ ثقافت کاتو پاڻ ڏانھن نہ سمجھي ـ

