جيئن تہ
عورت، سماج
جو اھم جز رهي آهي، سندس کان بغير ڪنهن بہ معاشري جي تعمير اڻپوري آهي. جيڪڏهن
مرد ڪنهن سماج جو ڪلھو سڏجي تہ عورت ان سماج
جو دل سڏبي، پر افسوس جو اسانجي سماج
۾ صديون گذري وڃڻ باوجود بہ اڄ تائين عورت کي علم ۽ تعليم جي زيور مان مڪمل فائدو
حاصل نہ ٿي سگهيو آهي. تعليم
ھڪ اھڙو زيور آهي، جيڪو نہ صرف عورت کي روشن فڪر بڻائي ٿو، پر
سموريءَ نسل کي علم ۽ شعور جي روشنءَ سان روح شناس ڪري ٿو.
قديم دور کان
عورت کي گهڻو ڪري گهر جي محدود حدن تائين جڪڙي رکيو ويو آهي. اڪثر
سندس کي اھو ئي احساس ڏياريو ويو آهي
تہ ان جي ذميواري رڳو ٻارن جي پرورش ۽ گهر سنڀالڻ
تائين محدود سمجهي وڃي، پر وقت جي رفتار
سان گڏ دنيا بدلجي چڪي آهي. ڏسجي تہ اڄوڪي دور ۾  عورت هر شعبي ۾ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو حقيقت ۾ تعليم جي ترقي
۽ اھميت کي سمجهڻ سان گڏ ان جي مڪمل حاصلات جي بدولت ئي ممڪن ٿيو آهي.
تعليم مرد سان
گڏ عورت کي بہ برابر جو شعور،
خود اعتمادي، ۽ زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي. هڪ
پڙهيل لکيل عورت نہ صرف پنهنجي
زندگي سنواري ٿي، پر پنهنجي ٻارن کي بہ
سٺي
تربيت ڏئي ٿي. جنھن ڪري ئي
اھا چوڻي مشهور آهي تہ: ”مرد پڙهيو تہ فرد پڙهيو، پر
عورت پڙهي تہ پورو نسل پڙهيو.“
اسانجي سنڌ
۾ پڻ عورتن ۾ قابليت جي ڪا گهٽتائي ناهي، پر سندن لاء سڀ کان وڏو مسئلو موقعن جي کوٽ
۽ مڪمل آزاديءَ سان تعليم جي
حاصلات جو آهي. اڄ جي جدت واري دور ۾ بہ ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ نياڻيون
اڃا بہ اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. ڪٿي
اسڪول تائين فاصلو تمام گهڻو آهي، تہ ڪٿي معاشرتي روايتون رڪاوٽون بڻيل آهن. ڪيترن
هنڌن تي والدين ۽ سماج جي اھا ئي سوچ آهي تہ ڇوڪري جي تعليم غير ضروري آهي، جيڪو
خيال جديد دور جي گھرجن جي منافي آهي.
جيتوڻيڪ حڪومت
۽ سماجي تنظيمن پاران ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، پر انهن تي مڪمل
عملدرآمد نہ ٿيڻ ڪري انهن
جو گھربل لاڀ حاصل نہ ٿي سگهيو آهي. اڪثر
اسڪولن ۾ بھتر ۽ مڪمل سهولتن جي فراهمي، استادن جي تربيت، ۽
والدين ۾ شعور پيدا ڪرڻ وقت جي اهم گهرج آهي. ڇاڪاڻ
تہ عورت کي تعليم ڏيڻ سان نہ رڳو خاندان پر سموري سماج ۾ مثبت تبديلي
اچي ٿي.
پڙهيل لکيل
عورت پنهنجي حقن کان بھترين نموني واقف ٿئي
ٿي، ظلم ۽ جهالت خلاف سگھارو آواز اٿاري ٿي، ۽
پنهنجن ٻارن کي بہ برابري، انسانيت
۽ محنت جو سبق سيکاري ٿي. اها ئي عورت
معاشري کي روشن خيال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
تنهنڪري ان
ڳالهہ کي سمجھڻ جي ضرورت آهي تہ عورت لاءِ تعليم رڳو هڪ زيور نہ، پر زندگيءَ
جو سڀ کان قيمتي سرمايو پڻ آهي. جڏهن هر نياڻيءَ جي هٿ ۾ ڪتاب ۽ قلم هوندو، تڏهن
ئي سماج مان جهالت، ظلم ۽ نا انصافيءَ جو حقيقي خاتمو
ٿيندو.
اسانجي سنڌ
جيڪا ازلي دور کان تعليم جو ڳڙھ رھي سا ٻيھر مستقبل جي ترقي ماڻي سگهي ٿي، اھو
تڏهن ئي ممڪن آهي،
جڏهن
سنڌ جي هر نياڻي تعليم جي زيور سان سينگاريل هجي، ڇاڪاڻ
تہ تعليم ئي عورت جو اصل شعوري زيور آهي.

