فلسفي جي
موضوع تي سنڌي ادب ۾ ”اٽي ۾ لوڻ “ برابر ڪتاب ۽ ٻيو ڪجهہ ٽڙيل پکڙيل مواد ملي ٿو، جيڪو
سوشل ميڊيا تي ڪڏهن ڪڏهن نمودار ٿيندو آھي، جيئن
جديد سائنسن متعلق اسان جي تخليقي ويچار واري زمين بنجر نظر اچي ٿي. ساڳئي
وقت، سنڌي فڪشن ادب جي تخليقي صورتگيريءَ ۾ پڻ جديد
فلسفي ۽ سائنس جي موضوعن جي صفا اڻهوند نہ، پر
ڪمي ضرور آھي. سنڌي زبان ۾ علمي توڙي ادبي سطح تي اهڙي کـوٽ،
اسان جي علميت ۽ شعور اڳيان ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. فلسفي
۽ سائنس جو مواد وڌيڪ انگريزي ڪتابن ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ کان پوءِ، اردوءَ زبان ۾
ملي ٿو. پر اردوءَ ۾ نج فلسفي ۽ تنقيد ۾ ذاتي خيالن جو عمل دخل گهڻو آھي. اسان وٽ، سنڌيءَ
۾ فلسفي جا جيڪي ڪتاب شايع ٿين ٿا، تن جي علمي
۽ ادبي قدرشناسائي پڻ نہ هئڻ جي برابر آھي. ضرورت
تہ انهيءَ ڳالهہ
جي آھي تہ انهن ڪتابن جي فڪري ۽ تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ
گهرجي تہ جيئن علم، حڪمت، دانش
يا فلسفي ۽ سماجي سائنسن جو تعلق سنڌي سماج جي نفسيات سان جُڙي سگهي. هن
سموري معروضي صورتحال ۾ ڪي چند نوجوان ضرور اڳتي نڪري آيا آھن. جَن
نہ صرف سوشل ميڊيا تي جديد سائنسن متعلق لکڻ شروع
ڪيو آھي، پر ڪجهہ
ڪتاب پڻ لِکيا آھن. ڪن سنڌي نوجوانن ۾،
اويس فيضAwais
Faiz ، ديپڪ راڄDeepak Raj ، سلام
انڙ Sallam Unar (سائنس)، راجا الطاف Raja Altaf ۽ مشتاق جروار Mushtaq Jarwar 
جا
نالا کڻي سگهجن ٿا. جيڪي فلسفي يا سائنس
سان جُڙي ڪجهہ نہ ڪجهہ
لِکن ٿا. ٻيا بہ
ڪجهہ دوست ٿي سگهن ٿا، پر
منھنجي نظر مان نہ گذريا
آھن. يا نالا وسري ويا آھن. تازو
مشتاق جروار جو فلسفي تي لِکيل هڪ ڪتاب بعنوان ”يوناني
ڏاھپ جي تاريخ “ (ماديت کان اخلاقيات تائين) منھنجي مطالعي جي هيٺ رهيو آھي. مشتاق
جروار جو هيءُ ڪتاب ”ڪنول پبليڪيشن سيپٽمبر ٻہ
هزار چووِيهَہ ۾ شايع ڪيو آھي. ڪتاب
جي ٽائيٽل تي يوناني فلسفين جا اسڪيچز / تصويرون آھن. ۽ بئڪ پيج تي ليکڪ جو فوٽو ۽ سندس
تحرير جو مختصر اقتباس ڏنل آھي. پڪي جُلد ۾
شايع ٿيل هيءُ ڪتاب ٽائيٽل توڙي مواد جي لحاظ کان ڪافي پُرڪشش لڳي ٿو. موضوعاتي
توڙي زبان جي حوالي سان پڻ هيءُ هڪ منفرد ڪتاب آھي، ڇاڪاڻ
تہ هڪ طرف هيءُ ڪتاب فلسفي جهڙي ڏکين اصطلاحي، اشارتي، قياسي
۽ وسيع تصورن ۽ معنائن توڙي زبان کي آسان بڻائي ٿو. ٻئي
طرف، هيءُ ڪتاب فلسفي جي وسيع موضوع کي هڪ رخ ۾ مختصر ڪري فلسفي جي بنياد ۽ ڪلاسڪ
حيثيت وسيلي هيءُ ڪتاب انساني ذھن ۾ خدا انساني وجود، ڪائنات
جي تصورن جي درجہ بندي ڪندي مادي ۽ غير
مادي ويچارن تي روشني وجهي پڙھندڙ وٽ تنقيدي خيالن کي جنم ڏئي ٿو. فلسفي
جا اڪثر ڪتاب مارڪسزم: جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جي سائنس ۽ فلسفي کان ٻاھر
نٿا نڪرن، پر مشتاق جو هيءُ ڪتاب جدلياتي اصولن ۽ تاريخي
ماديت جي ورجاءَ ۾ پنن ۽ وقت جو  گهڻو زيان
ڪونہ ڪري ٿو. پر
خاص طور ڪلاسيڪي فلسفي جي مختلف پاسن جي بہ
تشريح/ اوک ڊوک ڪري ٿو.
مشتاق
جروار جي هن ڪتاب جو مھاڳ نويس نويد سنديلو آھي. هيءُ
ڪتاب، هڪ سئو پنجاھ صفحن تي مشتمل آھي، باقي پنجن
صفحن ۾ ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن. ڪتاب کي ڏھن بابن ۾ هن طرح ورھايو ويوآھي 1 يوناني
فلسفي جي ابتدا، 2 مادي وحديت پسند
فلسفي، 3 مادي ڪثرت پسند فلسفي، 4 مابعد الطبيعات جو بنياد، 5 ايليائي مابعد الطبيعاتي فلسفي، 6 سو فسطائي داخليت پسندي، 7 سُقراط،
8 افلاطون، 9 ارسطو،
10 اخلاقي تحريڪون. هيءُ ڪتاب
پڙھڻ وٽان آھي، ڇاڪاڻ تہ
هيءُ ڪتاب ماديت ۽ تصوريت يا عينيت جي دلچسپ بحثن کي پيش ڪري ٿو. تنقيدي
سوچن کي جنمي ڏئي ٿو. تاريخ کي الڳ انداز
سان اظھاري ٿو. سنڌي سماج ۾ غير سائنسي ۽ غير فلسفياڻي خيالن
کي شڪست ڏيڻ جو هڪ سعيو آھي. موجودہ سنڌي سماج ۾ وڌندڙ قدامت پسنديءَ جي رد عمل ۾
سائنسي، فڪري، منطقي / استدلالي ويچار کي هٿي ڏئي ٿو. ڏاھپ يا سچ سان پيار ڪرڻ
سيکاري ٿو. مدي خارج، دقيانويسي
خيالن جي ڀيٽ ۾ مادي اوسر ڏانهن اتساھي ٿو.
هن ڪتاب تي
جامع تنقيدي تجزيو ڪڏهن ٻئي ڀيري لِکبو، ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جي پلاٽ ليس سفر ۾ بي ترتيبي ۽ شين جو
ٻئي هنڌ رکڻ  Misplaced ٿيڻ وارو
عمل ڄڻ تہ سماجي / زندگيءَ جي فطرت جو حصو ٿي ويو آھي. ان
ڪري هيءُ ڪتاب وري مون کي پنھنجي ڪتابن ۾ ڳولڻو پوندو، جنھن
جي نتيجي ۾ مايوسي پلئہ پڻ پئجي
سگهي ٿي. جنھن ڪري ڪتاب خريد ڪرڻو پوندو. پر
هن ڪتاب جي مطالعي وقت، جيڪي ٻيا
خيالَ منھنجي ذھن جي اسڪرين تي جن وٺي رهيا آھن، جيڪي
فلسفي، سائنس ۽ ڪجهہ
ادبي تنقيد سان وابستہ آھن، سي
پڻ هتي مٽاسٽا جي لحاظ کان ونڊُ ڪريان ٿو.
جديد فزڪس موجودہ وقت ۾ فلسفي جي موت جو اعلان ڪري ٿي. نج
سائنسي خيالن وارن وارن استادن جي نگاھ ۾ فلسفو، هاڻي
صرف ادب ۽ آرٽ جي ڪم جو رهيو آھي. باقي ان جو
ڪارج ڪونهي. پر سماج، سماجي
ڪارج، سماجي تغير ۽ بدلاءُ جي سائنس بہ تہ
ماديت جي فلسفي مان ڦُٽي آھي. سائنس ۽
ٽيڪنالاجي، جيڪا پورهيت طبقي جي بدران سرمايادارڻي نظام جي
واڳ هيٺ آھي، سا تہ
انسانيت کي امن، سک، سلامتي، اطمينان
۽ خوشحالي ڏيڻ جي برعڪس، بُک، بدحالي، بيروزگاريءَ، ڪرپشن
جي نَون نَون نظامن جا اسڪيچز ۽ ماڊل متعارف ڪرائي رهي آھي. اهڙي
لقاءَ ۾ نج فطري سائنس جي ماھرن جا رايا تہ
فلسفي ۽ تنقيد جو ڪو ڪارج نہ رهيو آھي. عقلي، استدلالي
فڪري غربت جو عملي ثبوت آھي.
صرف، ڪن
ايجادن / Discoveries جي نتيجي ۾ فلسفي جي ڪارج جي ماھيت ۽ افاديت
کان انڪار هڪ ـ طرفي ۽ محدود سوچ جي عڪاسي آھي. فلسفو، سائنس
جي مدد سان اڳتي وڌي ٿو. ڪڏهن سائنس
فلسفي جي قياس مان روشني وٺي ٿي. آرٽ ۽
سائنس توڙي فلسفي ۽ سائنس جون سڀ مثبت انساني روشن مستقبل جون راھون هڪ ٻئي جي مدد
جون طلب گار آھن. هر انتھاپسندي، پوءِ، اُها
سائنس، فلسفي يا ٿيولاجي مان ڦُٽندڙ يورپ جي اونداھي
دَور Middle age 5 - 15  جهڙي ڇونہ هجي ۽ جيڪا Renaissance جي دَور کان اڳ جي
هئي، سا ڪنھن بہ
طرح انسان ۽ معاشري ۾ هاڪاريت تخليق ڪري نٿي سگهي. ان
ڪري، نڪتہ
نظر، جيڪو ڪنھن بہ
رخ، سمت يا فڪري منظر Perspective متعلق هجي، تنھن
۾ اعتدال پسندي هئڻ ۾ ئي زندگيءَ ۽ سماج جي توازن جي ضمانت لڪل هوندي آھي. ان ڪري، منھنجو خيال آھي تہ
سائنس، فلسفي يا تنقيد کي زندگيءَ، آرٽ، ادب
۽ سماج مان ڪارج سميت خارج ڪرڻ، انساني فڪر، ويچار
کان انڪار ڪرڻ جي برابر آھي، جيڪا ”تخيلاتي
خودڪشي“ آھي. ادب توڙي حقيقي دنيا کي ادبي ٿيوريءَ بعد بہ تنقيد جي ضرورت آھي. خود
ادبي ٿيوري، عملي تنقيد جي موت جو اعلان ڪونہ آھي، پر
ان جو خام مال آھي، ائين سائنس، بنا
فلسفياڻي قياس جي مدد کان سواءِ مؤجد بڻجڻ کان معذور آھي. تاريخ
جو ڪوبہ سائنسدان، دور
جي Episteme، اجتماعي
ڇانيل سماجي نفسيات کان الڳ ٿي ايجاد ڪري  سگهي ٿو؟ ائين آھي تہ
پوءِ تاريخ ۾ سائنسدانن جي پيدا ٿيڻ ۾ ايترو Paradigm Shif ڇو آھي؟
اڄ، جديد
کان جديد  ترين، جنھن
اولهہ جي فلسفي توڙي جديد سائنس کي وڏي فخر سان پيش
ڪيو وڃي ٿو، تنھن سائنس ۽  فلسفي جي
”بنيادي فطرت“ ۽ اُن جي ”سَمجهہ جي
ڪيمسٽريءَ“ جو جوهر سُقراط جهڙي اهم فلسفي کان بہ
اڳ جي، قديم يوناني فلسفين جي فلسفي ۾ ملي ٿو. اڄوڪي
سائنس، جَن بُنيادي اُصولن ۽ قانوننَ کي دريافت ڪري آئي آھي، تنھن
جو بنيادُ سُقراط کان اڳ، ڪيترائي يوناني فلسفي وجهي چُڪا هئا. جيئن
تہ سائنسي فڪر توڙي مُشاھدو ۽ تجربو ٻُڌائي ٿو تہ هَر شيءِ کي هڪ تسلسلُ آھي ۽ هَر شيءِ پنھنجي
اتهاسي روايتن سان ڳنڍجي، وڌيڪ تسلسل جو ڪارڻ بڻجندي آھي. اُن رُخ کان ڏِسبو تہ جديد سائنس، فزڪس، نيوٽن
جي حرڪت جي قانون Newton's Laws of Motion ۽ آئن
اسٽائين جي نسبتي نظريي Theory of realtivity توڙي
ڪوانٽم ميڪنڪس  Quantum Mechanics جا بنياد
پڻ قديم پري سوڪريٽڪ Pre- Socratic فلسفي ۾ لِڪل هئا. فزڪس
۾ رياضيءَ جو بنياد بہ سقراط کان
اڳ جا فلسفي رکي چُڪا هئا. جنھن ۾
پئٿاگورس جي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي.ٿ يلز، پاڻيءَ، انيڪسمينس
هوا، هيراڪليٽس باھ، ڊيموڪريٽس
ايٽم کي ڪائنات ۽ مادي جو جوهر سَڏيو هو. جنھن
جي بنياد تي، سائنس اُنهن مُحرڪن پُٺيان اڳتي وڌي آھي. اولهہ اندر سترهين صديءَ ۾، جنھن جديد فلسفي جو
بنياد پيو، جنھن ۾ ريني ڊيڪارٽ، جان
لاڪ، ڊيوڊ هيوم ۽ ڪانٽ جا اهم نالا کڻي سگهجن ٿا. تَن
فيلسوفن جي فلسفي ۾ بہ، قبل
سقراط، يوناني فلسفين جي ڏنل تصورن يا نظرين، جيڪي
عقليت، اخلاقيات، انساني
آزاديءَ ۽ انساني اختيار کي پنھنجائڻ وارن نظرين جا اولڙا آھن. نہ رڳو اُھو، پر
مادي ۽ حالتن جي تغير، تبديليءَ جي سائنس، دنيا، فطرت، حقيقت، انسان
جي متعلق علميت ۽ فلسفي جي پيڙھ، سقراط کان اڳ جا يوناني فلسفي رکي چُڪا هئا. اُنهيءَ
سَڀ جي تَسلسلَ ۾، جديد عِلم، جديد مغربي فڪر ۽ فلسفي جي شعوري ارتقا ٿي آھي. اڄ
جا سائنسي مفڪر ڪيترو بہ فلسفي کي
مرده قرار ڏين، پر جنھن جديديت ـ پُڄاڻان ـ دَور ۾ اُهي موجود
آھن ۽ جنھن جديديت ـ پُڄاڻان فلسفي جي اڄوڪي فڪري بحران کي مُنھن ڏئي رهيا آھن، تنھن
جا بنيادَ بہ، سُقراط کان اڳ جي
فلسفي ۾ ”تشڪيڪ پرستيءَ“ جي روپ ۾ سمجهي سگهجن ٿا.
انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ
جديد ترين ڪنھن بہ فلسفي کي
اُن جي اتھاسَ / پس منظرَ يا ماضيءَ کان سواءِ مُڪمل طور سمجهي نٿو سگهجي. فڪري
مغالطو هتي اھو بہ رهيو آھي تہ قديم فلسفي سان فڪري رشتيداري ٽوڙي، رڳو جديد
فلسفي کي سمجهڻ جو سعيو ڪيو ويندو آھي، جنھن ڪري،
جديد فلسفي جي، اصلوڪي جوھر تائين پھچ ناممڪن بڻجي ويندي آھي. پوءِ
اُها شڪايت ڪئي ويندي آھي تہ فلسفو سمجهہ ۾ ڪونہ
اچي ٿو. اُنهيءَ ڳالهہ
جو شديد ـ ترين احساس، تڏهن وڌي
وڃي ٿو، جڏهن قديم يوناني فلسفي متعلق پڙھجي ٿو. جيئن مشتاق جروار جو هيءُ ڪتاب
”يوناني ڏاھپ جي تاريخ“ آھي. هن ڪتاب ۾ جتي، ٻوليءَ جي آساني فلسفي جي ذھن ـ
نشينيءَ ۾ معاون ۽ ڪار آمد آھي، اُتي ليکڪ
جو مادي نڪتہ ـ نظر نھايت مُتاثر
ڪندڙ آھي. مشتاق جروار جيتوڻيڪ ڏاھپ جي تاريخ کي يونان
کان شروع ڪري ٿو. پر اُنهيءَ تاريخ جي
اڳيان مختلف دَورن ۾ ڪي تضاد پڻ سامھون پئي آيا آھن. جن
طرف اشارو ڪرڻ  ضروري آھي. مثال
طور مسلم مفڪر، فلسفي جي ابتدا يوناني ٻيٽ مائي ليٽس جي ٿيلز فلسفي کان ڳڻپ ۾ نٿا
آڻين. سندن خيال ۾ ٿيلز کان اڳ، قديم
مصري تھذيب ۾ بابل، نينوا ۾ فلڪيات جي
پيدائش ۽ ساخت ۽ طبيعيات Physics تي مادي نظريا ڏئي چڪا
هئا. ايشيائي ڪوچڪ جي شھر ڪپٽل هربوڪ ۾ مادي علم
موجود هو. ائين سندن دعويٰ آھي تہ يوناني فلسفين کان اڳ مصر، چين
۽ هندستان ۾ فلسفي جي شروعات ٿي چُڪي هئي. پر
سائنسي ـ ذھن سوچ ـ ويچار رکندڙ تجزئي ـ نگارَ، يعني ماديت ۽ عقليت جا پيروڪارَ، سامي
۽ آريائي تھذيڀن ۾ پلجندڙ فلسفي کي”ديومالائي نظام“ سان مَنسوب رهڻ ڪري، رد ڪَن
ٿا. هندستان ۾ چار واڪ: مِصر جي احرامن مان ملندڙ تختين تي موجود مابعد الطبعيات
تصورن، رگ ويدن، مھاڀارت ۽ هومر جي
ايليڊ ـ اوڊيسي ۾ موجود مواد، دُعائن ۽ دِيوتائن جي جنگين وارين ڳالهين ۾ موجود
الهيات ڪري جديد مفڪر فلسفي جي ابتدا ـ ارتقا يا اوسر، يوناني قديم ماديت پرست
فلسفي سان جوڙين ٿا. صرف لوڪايت ۽  ٻُڌ ـ مذھب کي اُهي ڪنھن حد اندر فلسفي جي ارتقائي شعور جو
حصو قرار ڏين ٿا، سو بہ انهيءَ ڪري جو انهن ۾ موت بعد واري دنيا جا
تصور موجود نہ آھن. منھنجي خيال
موجب بہ سائنس ۽ فلسفي جي ابتدا يونان کان ئي شروع ڪرڻ
گهرجي، ڇاڪاڻ تہ
ٻئي طرف، ديوتائي ۽ ديومالائي فڪري نظام ۾ الوهيت جي تصورن واري لباس ۾ اوڙھيل
فلسفي جي پنھنجي الڳ اصلوڪي انفراديت صدين ـ پُڄاڻان سواليہ رهي آھي. جنھن
ڪري فلسفي جي ابتدا ٿيلز کان ئي ڪرڻ گهرجي.
مشتاق
جروار جي هن ڪتاب ۾، اڪثر فلسفين جي نالن کي سنڌيائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جيڪا
ڳالهہ ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ سُٺي ڪوشش آھي، پر
ساڳئي وقت اُنهن فلسفين جي نالن جا اُچارَ، اڪثر مختلف ڪتابن ۾ مختلف انداز ۾
لِکيا وڃن ٿا. اسان هتي، سندس ڪتابَ ۾ ڏنل ساڳين اُچارن ۽
لِکتن جي نمونن تي اڪتفا ڪريون ٿا. ٻيو تہ، هِن ڪتابَ ۾ ضروري ڪونهي تہ پري ـ سوڪريٽڪ دَور جي، سڀني فلسفين جو  ذڪر موجود ملي. ڪِي فلسفي
نظر انداز ٿيل آھن. جن جي تفصيل ۾ وڃڻ سان
طوالت ٿي ويندي. تنھن هوندي بہ، هيءُ هڪ مختصر ـ ڪتاب آھي، پر
ذھني ـ وسعت جي ڪري مون لاءِ تہ گھٽ ۾
گهٽ، بيحد ويچارڪ ـ گوناگونيت،  لُطف،
مَزو، ذھني تَسڪين، رسُ
چَس، سادگيءَ جي خوبصورتي، اڪيلائيءَ
جي رحمت، ڄاڻ جي زاوين ۽ تصورن جي ويرائٽي کڻي آيو آھي. هن
ڪتاب ۾ ليکڪ جي موقف ۾ توڙي جو اڃان بہ
تجزيي برعڪس ڄاڻ تي فوڪس وڌيڪ ملي ٿو، جيڪي پاسا
اُساٽ، تشنگيءَ ۽ کوٽ جا احساس جنمين ٿا. ادبي
تنقيد توڙي فلسفي ۾ اسان وٽ، هونئن بہ
هِن دَور ۾ تجزيي جي قوت، اطلاع ۽ ڄاڻ کان اڳيان هارائي وئي آھي. جيڪو
هن صديءَ جو عظيم ڏک آھي. مشتاق
جروار جي هن ڪتاب جي اندروني فڪري منظرن جو سير حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. جيڪو
نڪتہ نظر ۽ مطالعو، ڪتاب
۾ موجود ڪجهہ بابن تي منحصر هوندو!
انهيءَ ۾
ڪو شڪ نہ آھي تہ
مشتاق جروار جي هن ڪتاب ۾، فلسفي جي مواد جي ترتيب ۾ هڪ فڪري تنظيم آھي. مُوضوع
جي تھذيب جي درجہ بندي ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟
هِن ڪتاب مان سِکي سگهجي ٿو. جيئن
ٻوليءَ کي هڪ منطقيت هوندي آھي، جنھن جي
شعورَ کان، اڪثر تخليقڪارَ اڻ ـ واقف ٿين ٿا، تيئن
فلسفياڻن پيچيدگين مان اُڪري علميت ۽ عقليت کي قابلِ فھم Comprehensible ڪيئن بڻائجي؟ اُهو
آرٽ، هن ڪتاب جي معاوضي ۾ آھي. ڪتاب جي پھرين باب ۾
مضمون جي پھرين قسط ۾ پاڻ ڳالهائي آيا آھيون. ڪتاب جي ٻئين باب ۾ مادي وحديت پسند
فلسفين جو ذڪر ڪيو ويو آھي. جَن ۾ اھم
پنج صدي قبل مسيح فلسفي ٿاليس  Thales آھي. جنھن
ڪائنات جي مادي ۽ سائنسي تشريح ڪندي Water theory ڏيندي چَيو هو تہ ڪائنات جو بنيادي جوهر پاڻي آھي. پوءِ
سائنس بہ اُهو ثابت ڪيو تہ
ڪائنات جي هر شيءِ هائڊروجن جي ائٽمن جي ٺھيل آھي. ڪتاب
جي ليکڪ نہ صرف ٿاليس جي مختلف ذھني رجحانن تي روشني وڌي
آھي ۽ سندس سائنسي فڪر جي  پاسن جي
اکيل بہ ڪئي آھي، پر
ٿاليس جي بابلي/ مصر جي نَوَن خيالن کان متاثر ٿيڻ واري پاسي بابت ڄاڻ ڏئي ويو
آھي. ديوتائن جي پُوڄا پاٺ ،خاص طور سج کي ديوتا
سمجهڻ واري دَور ۾، ٿاليس جي عقلي اھميت ان ڪري بہ
وڌيڪ هئي، ڇاڪاڻ تہ
هُن انهيءَ دَور ۾ سج گرھڻ بابت سائنسي نظريو پيش ڪندي کين ٻڌايو تہ ڌرتيءَ جي گردش ڪري سج گرھڻ ٿئي ٿو. آھي. جنھن
قبل مسيح دَور ۾ سج سان ماڻهو عقيدا جوڙي ويٺا هئا. اِهڙي
دَور ۾ ٿاليس جي ڳالهہ، واقعي
فلسفي ۽ سائنس ڏانھن هڪ زبردست اڳڀرائي هئي. ٿاليس
کان پوءِ هن ڪتاب ۾ هڪ ٻئي قبل مسيح فلسفي اناڪسيماندر Anaximander جو ذڪر ملي
ٿو. اناڪسيماندر، جنھن
چيو تہ پاڻي، صورتون تبديل ڪندڙ شيءِ آھي. مادو
لامحدود آھي، جنھن ڪري صرف پاڻي نہ پر مِٽي، هَوا
بنيادي مادي يا جوهر جا عنصر آھن. هُن مادي
کي لامحدود، ازلي، ابدي
۽ انساني حواسن کان ٻاھر موجود بہ قرار ڏنو
هو.
ان کان
ٽئين يوناني ڏاھي انيڪسيمينز جو ذڪر ڪيل آھي. انيڪسيمينز،
هَوا کي ڪائنات ٺھڻ جو جوهر سَڏيو هو، هُن ٻئي
ڪنهن لامحدود مادي جي تصور کي قبول نہ
ڪيو ۽ چَيو هو تہ پاڻي پڻ، واحد
ڪائناتي جوهر ڪونهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ نہ صرف يوناني ڏاھن جي فلسفن جي نظرين کي وصفي
انداز ۾ پُوئيو آھي، پر ان دَور ۾ يونان جي
اُن ماحول جي پڻ عڪاسي ڪئي آھي، جنهن ڏُکئي
۽ ناگوارا حالتن ۾ اُنهن ڏاھن جي پيدائش ٿي ۽ سندن فلسفي لاءِ ڪا مُوزون سماجي فضا
موجود ڪونہ هئي. ڪتاب ۾ چوٿين اهم ڏاھي هيراڪليٽس جو ذڪر بہ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. جيڪو
جدليات جو ابو هو. جنھن ڪائنات جي ٺھڻ جو
محرڪ باھ کي قرار ڏنو هو. هُن
تبديليءَ جو بنيادي ڪارڻ تضاد کي سَڏيو هو. سندس
خيال موجب، ڪائنات ۾ مختلف شَين جو ٽَڪراءُ ۽ هم ـ آھنگي
ئي بدلاءَ کي جنم ڏِئي ٿي. ڪتابَ ۾
هيراڪليٽس جي ٻين فلسفياڻن تصورن جهڙوڪ عقل جي حڪمراني ۽ رُوح جي تصور بابت مختصر
ترين ڄاڻ ڏني وئي آھي. هن ڪتاب جي
ٽئين باب ۾ اُنهن فلسفين جو ذڪر آھي. جيڪي
ڪائنات متعلق مادي ڪثرت ـ پسندي فلسفي هئا. جيئن
ايمپيڊوڪليس Empidocles هو، جنهن بابت
ليکڪ (مشتاق جروار) لِکي ٿو تہ ”ايمپيڊوڪليس
چيو تہ ڪائنات چئن عنصرن مان جُڙي آھي. جيڪي
آھن پاڻي، هوا، باھ ۽
مِٽي. هُن چيو تہ
ڪائنات جو نہ آغاز آھي نہ ئي ڪو انجام، نہ ئي اُن جو خاتمو ٿيندو.هي ازل کان آھي. هميشہ رهندي.“
ان کان
پوءِ ڪتاب ۾ ”انيڪساگورس Anagagoras متعلق ڄاڻ ڏنل آھي. انيڪساگورس
ڪائنات جو جوهر اُنهن ننڍڙن ذرڙن يا جزن کي سڏيو، جيڪي
سندس خيال موجب لامحدود هئا. ڊيموڪريٽس
انهن ننڍن جزن کي بعد ۾ ائٽم قرار ڏنو هو. انيڪساگورس
سج گرھڻ ۽ چنڊ گرھڻ جو ڪارڻ ڌرتي ڄاڻايو. هن
چَيو تہ ڌرتي، سج چنڊ جي وچ ۾ اچڻ ڪري، اُهي گرهڻ جنم
وٺن ٿا. روشنيءَ جي ڌنڌلي ٿيڻ جو اُهو مادي سبب آھي. ليکڪ
ڄاڻايو آھي تہ ”انيڪساگورس اُهو بہ چَيو تہ
اڻ ـ ورهائجندڙ ۽ اڻ ـ ٽٽندڙ کي عام اکين سان نٿو ڏِسي سگهجي. هر
باريڪ ذري ۾ ٻين جزن جو ”ڪجهہ نہ ڪجهہ“
شامل رهي ٿو. جينيٽڪ انجنيئرنگ جي تشڪيل ۾ اُهو سندس بنيادي
ڪردار هو. ڇو تہ
جينيٽڪ جو عِلم پڻ، اُهو پڌرو ڪري ٿو تہ
”جسم جي ڪنھن بہ حصي مان حاصل ڪيل جيو
ـ گھڙي Cell جي مرڪز Necleous جي ڊي ـ اين ـ اي
(DNA) ۾، نہ رڳو حصي
جو Genes جينز شامل هوندو آھي، پر
اُن سان گڏوگڏ، اُن ۾ نڪ، ڪن، اک
جو ڊول ۽ رنگ جو تعين ڪندڙ جينز بہ شامل
هوندو آھي.“ انيڪساگورس جي فڪر ۽ فلسفي جي اُپٽار ڪندي ليکڪ اڳتي لِکي ٿو تہ ”سندس خيال هو تہ
ذھن ( Noun) کان سواءِ، هر
شيءِ ۾ ٻين شين جا جزا شامل هوندا آھن.“ ليکڪ پاران ذھن Noun مان مراد ڇا ٿو وٺي؟
روح، سمجهہ؟
يا خارجي قوت؟ اُن جو تفسير نظر ڪونہ
اچي ٿو. ڪٿي ليکڪ، ڪِن
فلسفين جي ٽڙيل ـ پکڙيل خيالن جي اضافي ـ اپٽار ڪئي آھي، جيڪا
موجودہ دَور ۾ اهميت نٿي رکي،ي عني
فلسفين جي زندگين ۾ مابعد الطبيعاتي ڪرامتن جو قيام، يا
ڪنھن فلسفي جي وجود هجڻ نہ هجڻ بابت
ڪَچيون پَڪيون ڳالهيون وغيرہ، جيڪي فلسفي
جي ارتقا واري فڪري سلسلي ۾ فڪري رڪاوٽ بڻجن ٿيون، تَن
جي ڪتاب ۾ ضرورت ڪونہ هئي.
هونئن بہ ضروري ڪونهي تہ
فلسفين جي زندگيءَ ۽ خيالن جي بيڪار پاسن کي کولي رکجي. سائنسي
جي موجودہ عهد ۾، ايمپيڊوڪليس سميت ڪن ٻين يوناني فلسفين
جي انهن ڳالهين جي ڪرڻ جي ضرورت ڪونہ
هئي، جَن کي جديد سائنسي دَور رد ڏئي آيو آھي. ڪنھن
بہ فلسفيءَ جي نظرين جي اوسر تائين اڪتفا ڪافي
هئي. سندن سموري زندگي جي ڪن بي فائدي ڳالهين تي
پڙھندڙ بوريت محسوس ڪري سگهي ٿو.
هن ڪتاب جي
هڪ خاصيت هيءَ بہ آھي تہ هيءُ ڪتاب اڪيڊمڪ انداز ۾ قديم يوناني ڏاھپ
متعلق ڄاڻ ڏِئي ٿو. ٻي خُوبي هيءَ آھي تہ ٻوليءَ جو اسلوب نھايت، سادو، سهنجو
۽ خوبصورت آھي، جنھن ڪري هر ذھني سطح وارو پڙھندڙ هن ڪتاب کي
آسانيءَ سان پڙھي سمجهي سگهي ٿو. ڪتاب ۾ هڪ
ٻيو اهم ذڪر ڊيموڪريٽس Democritus جو آھي. هيءُ
ڪتاب ٻُڌائي ٿو تہ ڊيموڪريٽس
ائٽم جو نظريو ڏنو. ڊيموڪريٽس جو خيال هو تہ ڪنھن بہ
شيءِ آخري حد جي وقت ان کي وڌيڪ ورهائي نٿو سگهجي. اها
آخري حد ائٽم آھي. هُن ائٽم جي ٺاھيندڙ
توڙي اُن کي فنا ڪندڙ کان بہ انڪار ڪيو
هو. هُن ٻن شين کي حقيقت قرار ڏنو هو. هڪ
ائٽم Atoms ٻي خلا Space.هِن ڪتاب ۾ ڊيموڪريٽس
کان ڪتاب جي چوٿين باب جو عنوان ”مابعد الطبيعات جو بنياد“ آھي. جنھن
۾ پھريان پيٿاگورس فلسفيءَ تي لِکيو ويو آھي. پئٿا
گورس جي آواگون نظريي جي سھڻي عڪاسي ڪتاب ۾ موجود آھي. پئٿاگورس
جا خيال صوفياڻا ۽ مذھبي نوعيت جا هئا. پئٿاگورس
بابت ڄاڻ ڏيندي چَئي ٿو تہ رُوح بابت
سندس عقيدو آرفيئس عقيدي، مصري ۽
هندساتي مذھب وارو هو. پئٿاگورس
ڪائنات کي عددن ۽ موسيقي جي بنياد تي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن ڪتاب جي
پنجين باب ۾ ”ايليائي مابعد الطبيعاتي فلسفي“ ۾ زينو Xenophanes جو ذڪر ملي ٿو، جنھن
ماديت پسندي فلسفين سان اختلاف ڪيو هو. زينو فينز،
خدا جي وحدانيت جو تصور پيش ڪندي چَيو تہ
خدا ۽ ڪائنات جي وچ ۾ هيڪڙائي آھي. زينوفينز
جي متعلق ليکڪ، سندس علم آڪاس، ڪونيات ۽
حياتيات بابت خيالن جي پڻ نشاندهي ڪئي آھي. زينوفينز
جي دلچسپ ڳالهہ آھي تہ هُو هڪ جوڳي فقير مثل هو ۽ پنھنجي فلسفي جو
اظھار شاعريءَ ۾ ڪيائين، جڏهن تہ هن ڪتاب ۾ زينو فينز جي شاعريءَ جو حوالو بہ ڪافي نہ، پر
مذڪورہ شاعري ڏيڻ جي ضرورت بہ هئي آھي. مابعد الطبيعاتي فلسفين جو ذڪر نھايت
دلچسپ لڳي ٿو. سندن ڪِن ڳالهين تي حيرانگي ٿئي ٿي. ڪِن
ڳالهين تي ماڻهو ”ڏندين آڱريو اچي وڃي.“ ڪِي قديم يوناني فلسفي سائنس ۽ ماديت پرست
فلسفي جا بنياد رکن ٿا تہ ڪِي فلسفي
تصوف جي فڪري زمين تي. ويچارن جو
ٻج ڇٽيندي نظر اچن ٿا. ايليائي
فلسفين حواسن وسيلي ملندڙ عقليت تي شڪ جو بنياد رکي، مابعد
فلسفي جو بنياد رکن ٿا، جتان ماديت
پرستيءَ جون حَدون ڇِڄي ڌار ٿي وڃن ٿيون. هن
ڪتاب ۾، مابعد الطبعيات جو اصل باني پارمينائيڊز Permenides کي قرار ڏنو ويو آھي. پارمينائيڊر
جي فلسفي موجب، ڪائنات ساڪن ۽ نہ تبديل
ٿيندڙ آھي. سندس خيال هو تہ
سموري ڪائنات خدا آھي، جيڪا روحاني
نہ، پر هڪ زندہ فطرت چَئي سگهجي ٿي. هُن
بہ حواسن مان حاصل ڪيل علم کي ناڪافي قرار ڏئي،
عقل ۽ وجدان تي زور ڏنو. هُو ۽ هُو
ڪافي ماديت پرست بہ هو. ڪتاب
۾ پارمينائيڊر جو شھري حڪومت لاءِ قانون ترتيب ڏيڻ، سندس
عام ماڻهن کان نفرت ۽ اشرافيہ طبقي واري
ذھنيت عجيب ۽ غريب لڳي ٿي. سندس هڪ
خاصيت شاعري بہ هئي، هُن
پنھنجي نظم On Nature ۾ پنھنجي نظريي جو اظھار ڪيو. هُن
Being and non being جا اصطلاح پيش ڪيا. هُن
مافوق ـ الفطرت ـ هستيءَ کي مادي شڪل جي تصور ۾ پيش ڪري، اُن
کي دائمي ـ حقيت سَڏيو ۽ حواسن مان پيدا ٿيندڙ علم تي شڪَ ۽ دوکي جو الزام ڏنو. اڳتي
هلي سائنس بہ مادي کي غير فاني
سَڏيو. سندس خيال ٿورا مابعد الطبعياتي هئا، پر
گهڻو تڻو مونوازم جي مادي تصور ڪري سائنسي هئا. ٻيو
تہ پارمينائيڊر جي متعلق لِکيو ويو آھي تہ هن چَيو تہ
ڪائنات ساڪن آھي، جڏهن تہ هيڪڙائيءَ جي تصور ۾ لِکيل آھي تہ هُو ڪائنات، فطرت
۽ سماج کي مسلسل تبديل ٿيندڙ سَڏي ٿو.اهي ٻئي ڳالهيون پنھنجي وسعت ۾ تضاد پيدا ڪَن
ٿيون. هڪ ٻئي ايليائي ڪتب فڪر جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ پڙھڻ وٽان آھي. زينو  Zenoجي حرڪت، خلا
بابت تصورن توڙي تير واري پيراڊڪس تائين ڄاڻ ملي ٿي. جنھن
تير واري مثال سان زينوءَ حرڪت جي وجود کان انڪار ڪيو هو. ليکڪ
اُن کي ٻن تيز رفتار ڪارين جي اسپيڊ سان ڀيٽي درست قرار ڏئي ٿو. انهِيءَ
کان سواءِ، زينوءَ خلا جي وجود کان بہ انڪار ڪيو. سندس
خيال هو تہ حقيقت زمان مڪان کان ماورا آھي.
ايليائي
فلسفين کان پوءِ، ڪتاب ۾ ڇھين باب ۾ ”سوفسطائي
داخليت پسنديءَ“ جو ذڪر آھي. سو فسطائي
فلسفين جي خيالن جي عڪاسي ڪندي ليکڪ، هنن داخليت
ـ پسند فلسفن جي زبردست تشريح ڪئي آھي. هُو ڄاڻائي
ٿو تہ هُنن سقراط کان بہ اڳ، آسمان تان
لاھي زمين تي آندو. جديد دَور ۾
Humanism جا
بنياد بہ سوفسطائين ڏنا هئا. اظھار
جي آزاديءَ جو تصور سان گڏوگڏ، هُنن نسبتي Relativism  ۽ تشڪيڪي Scepticism جا نہ صرف نظريا ڏنا، پر
سچ ۽ حقيقت جي جي اصلوڪي حقيقت کي بيان ڪيو. منھنجي
خيال ۾ سو فسطائي فلسفين جي اِهڙن خيالن کي پوسٽ ماڊرنزم جو پھريون بنياد چَئي
سگهجي ٿو. اُنهن فلسفين ۾ پروٽاگورس Protagoras جو ذڪر، هن ڪتاب ۾،
دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. يونان ۾
توڙي جو جمهوري آزادي هئي، پر
پروٽاگورس جي ڪتاب On The Gods جي ڪري مٿس ڪفر جو
الزام لڳو. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آھي تہ هر معاملي جو حل، يوناني
ان دور ۾ ديوتا وٽ ڳوليندا هئا. سندس نڪتہ نظر اگنان وادي نقطہ نظر هو. هُن
عقيدي کي موضوعي قرار ڏنو. هن انساني
مسئلن کي فلسفي ۾ بنيادي ۽ مرڪزي حيثيت ڏني. هُو
چوندو هو تہ ”ماڻهو ئي هر شيءِ جو
پئمانو آھي“ پوءِ افلاطون اُن جي تشريح ۾ چَيو هو تہ
هر ماڻهوءَ وٽ پنھنجو الڳ سچ آھي. منھنجي
خيال ۾ مابعد ـ جديديت جو فلسفو بہ اُهو
ساڳيو آھي تہ سچ جي ڪا بہ آفاقي يا ڪُليت پسند حيثيت نہ آھي. جديديت
ـ پُڄاڻان جو فلسفو، توڙي جديديت پڄاڻان ادب جي لکڻ جون Techniques پڻ پراڻي توڙي جديد
ادب جو گڏيل آچار آھن. پروٽاگورس
جا اُھي خيال اڳتي هلي ديوتائن ۽ آسمانن جي ڳالهين واري دور ۾، مثال ماڻهوءَ جي
داخليت ۽ جمھوريت جا نظريا اولهہ جي ملڪن ۾
وڏي حيثيت ماڻڻ لڳا.
هن ڪتاب ۾
اُنهيءَ کان پوءِ، جارجيئس
Gorgias جو
ذڪر آھي. جارجيئس علم جي سچائيءَ تي شڪ ڪيو. هُن
هڪ ڪامياب سياستدان وٽ تقرير يا گفتگوءَ جي فن کي لازم قرار ڏيندي، معنيٰ
کي نسبتي ڪوٺڻ، ڄاڻ کي ٻئي تائين پھچائڻ کي نسبتي هئڻ ڪري
ناممڪن سمجهيو ۽ شين بابت ڄاڻ کي حواسن جي دوکي سان منسوب ڪيو ۽ شين جي تبديل
ٿيندڙ صورتن جي ڪري شين جي حتميت توڙي انهن بابت ڄاڻ کي حتمي سمجهڻ کان انڪار ڪيو. هن
ڪتاب ۾ قبل مسيح سقراط جي دَور جي فلسفين کي پڙھي سمجهي سگهجي ٿو تہ سائنس توڙي جديديت ـ پُڄاڻان جي فلسفي جا
اصلوڪا بنياد ڪِٿي ڪِٿي هئا، سچ، حقيقت، معروضي
ڄاڻ بابت، جديديت ـ پڄاڻان جو فلسفو بہ
ساڳي ڳالهہ ڪري ٿو. بحرحال
هن ڪتاب جي ستين کان نائين بابت تائين تجزيو / نڪتہ
نظر ٽين قسط ۾ ڏنو ويندو، جنھن ۾
سقراط، سقراط جي ڄاڻ بابت نظريو، جدلياتي
طريقو، زندگي، سقراط
جو اثر، ڪلبيت Cynicism، ديوجانس، سيريني
مڪتب فڪر Cyrenic، ميگرائي
مڪتب فڪرMegrains، اٺين
باب ۾ افلاطون Plato، افلاطون جا
فڪري ماخذ، افلاطون سياسي فلسفو، هڪ
فلسفي حڪمران جي چونڊ، سندس ڄاڻ
بابت نظريو Plato's Epistomology، سندس تصورن جو نظريو Theory
of Ideasx، لافاني روح ۽ افلاطون جي ادب بابت نظريي بابت پاڻ ڳالهائينداسين
۽ ساڳئي وقت مضمون جي ٽين قسط ۽ هن ڪتاب جي نائين باب ۾ ليکڪ پاران ارسطوءَ Arstotile، سندس
مابعد الطبعيات Metaphsics، افلاطون تي
تنقيد، سندس مادي ۽ روح بابت ويچارن، منطق، اخلاقيات، سياسي
فلسفي، جماليات توڙي ڏهين باب ۾ اخلاقي تحريڪن
ايپيڪوريہ  Epicurus، طبعيات، مسرت
جي فلسفي ۽ ويراڳت Stoics بابت خيالن جي اپٽار
تي غور ويچار ڪنداسين!

