ڇا پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي؟ ـ اعجاز ممنائي

موجودہ بارشن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ جيئن ئي گرميءِ جو پد گهٽ ٿيو تہ اقتداري ڌر جا ڀائيوار ساٿي پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ گرما گرمي جاري ٿي ويئي ۽ ٻنهي سياسي پارٽين ۾ ويڙه ايتري تيز ٿي ويئي هئي جو ائين پئي محسوس ٿيو تہ ڄڻ ٻئي پارٽيون هڪٻئي سان ازلي دشمن هجن جڏهن تہ ٻئي پاسي مخالف ڌر جي بيان بازي جو سلسلو جاري رهيو۔ ٻنهي اقتداري پارٽين جي ڇڪتاڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ فائدو حاصل نہ ڪري سگهي ۽ آهستي آهستي ٻنهي جماعتن (مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي) وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ  نرم ٿيڻ لڳي. مريم نواز جي بيانن کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا اڳواڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وٽ ويٺا، جتي وزيراعظم جي درخواست تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، پيپلز پارٽي جي نويد قمر، اعجاز جکراڻي ۽ ٻين گڏجي ڳالهہ ٻولهہ ڪئي. ڳالهين دوران چيو ويو تہ اسان پاڻ ۾ اتحادي آهيون، اسان کي ائين نہ وڙهڻ گهرجي.

مريم نواز سخت بيان ڏنو هو تہ پنجاب تي آڱر کڄندي تہ مان اها آڱر ڀڃي ڇڏينديس، ان بيان تي پيپلز پارٽي سخت ردعمل ڏنو هو ۽ سينيٽ ۾ ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪندي مريم نواز کان معافي جو مطالبو ڪيو هو. قمر زمان ڪائرا لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ اتحادي هجڻ باوجود تنقيد ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ انهن جو جمهوري حق آهي، پر اهو پنجاب تي آڱر کڻڻ نہ آهي، سندس اشارو مريم نواز ڏانهن هو. هن چوڻ چاهيو تہ مان وڏو پنجابي آهيان جڏهن تہ مريم نواز جو خاندان ڪشميري آهي. جڏهن بہ ڳالهيون ٿينديون آهن يا معاملو ٺاه ڏانهن ويندو آهي تہ هڪ ڌر کي خاموش ڪرايو ويندو آهي يا موقف تان پوئتي هٽڻو پوندو آهي.

پيپلز پارٽي جو معافي جو مطالبو هو جيڪو ٿيڻو نہ هو ڇو تہ معافي وارو مطالبو بہ غلط هو. اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي تہ هاڻي ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ هڪٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪندا. جيڪڏهن نون ليگ پاڻ هلي پيپلز پارٽي وٽ وئي آهي تہ ان جو مطلب آهي تہ مريم نواز جي جارحاڻي پاليسي کي پوئتي وٺڻو پيو، يعنيٰ مريم نواز کي شڪست ملي. وزيراعظم يا نائب وزيراعظم چون ٿا تہ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ بند ڪريو تہ ان ۾ بہ پوئتي مريم نواز کي هٽڻو پئجي ويو ڇو تہ کاتو تہ ان کوليو هو ۽ هاڻي وڏا چئي رهيا آهن تہ اوهان خاموش رهو تہ اها چال مريم نواز کي ڳچي ۾ پئجي وئي. ان کان اڳ مريم نواز پير پاڳاري کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو. مريم نواز جو ڳالهائڻ جو انداز ڌمڪين وارو لهجو مستقبل جي وزيراعظم لاءِ ٺيڪ نہ هو. هن اهڙي نموني پاڻ کي محدود ڪري ورتو.

پيپلز پارٽي جو موقف هو تہ هو حڪومت جو حصو آهن پر پنهنجن مطالبن لاءِ دٻاءُ وجهڻ سندن حق هو. هن ڇڪتاڻ ۾ سياسي فائدو پيپلز پارٽي کي مليو، جڏهن تہ نون ليگ کي نرم موقف اختيار ڪرڻو پيو. هي پي پي پي ۽ ن ليگ جو سياسي تماشو هو عام ماڻهن کي هن راند ذريعي ٻڌايو ويو تہ اسان پاڻ ۾ ڪاوڙيل آهيون ۽ عوام جي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهيون جڏهن تہ سالن کان هڪٻئي سان هم آهنگ ٻئي پارٽيون ڪڏهن ميثاق جمهوريت يا ڪڏهن مفاهمت جو راڳ ڳائي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻنديون رهيون آهن، اها ٻنهي پارٽين جي ويڙه اڃا تائين پاڪستان جي غريب ماڻهن جي قسمت بدلائي نہ سگهي آهي. انهن ٻنهي پارٽين جي بزرگن جا خيال رڳو اهي آهن تہ ان ويڙه کانپوءِ، نوٽن جو مينهن وسندو ۽ سڀ ونڊي ورهائي کائينداسين، پر مريم نواز گهڻيون دانهون ڪري ٻوڏ جو مليل مال ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ هيءَ راند جيڪا انهن جي وچ ۾ شروع ٿي ان جو ڪو خاص نتيجو نہ ڏسي خاموش ٿي ويئي. جيڪڏهن ان کي غور سان جانچي ڏسجي، تہ اهو هڪ مداري راند جو تماشو هو۔ ان کي بدقسمتي چئو يا الميو، پاڪستان ۾، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي ويڙه جي صورت ۾ وري نئون سيٽ اپ ايندو، جيڪو ملڪ ۽ قوم  لاءِ پائدار نہ هوندو۔ هن مهل تائين ائين ٿيندو رهيو آهي تہ جڏهن ڪنهن بہ سياسي سيٽ اپ کي تبديل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويندو آهي، تہ اهڙا معاملا ۽ حالتون پيدا ڪيون وينديون آهن ۽ ٻين جي اچڻ جو جواز پيش ڪيو ويندو آهي. هن ملڪ ۾ اهو اڪثر ٿيندو رهيو آهي ۽ حيثيتون بدلجنديون رهنديون آهن. ڪالهہ جو باس اڄ جو ماتحت آهي ۽ ڪالهہ جو ماتحت اڄ جو باس بڻجي ويندو آهي.

پاڪستاني سياست ۾ ڪٿي بہ وزارت ۽ صدارت کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو نہ ڪيو ويو آهي. مخصوص سيٽن کان وٺي ضلعي ڪميٽي جي تڪراري فيصلن تائين، آپريشن بنيان المرصوص کان وٺي پاڪستان-سعودي عرب سيڪيورٽي معاهدي تائين. ٽرمپ جي 20 نقطن واري غزہ امن معاهدي کان وٺي آمريڪا جي پنهنجي ميزائل پروگرام ۾ پاڪستان جي حيرت انگيز شموليت تائين. خيبر پختونخواہ کان بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ تائين. آزاد ڪشمير کان گلگت بلتستان ۾ هٿياربندن تائين، ملڪ ۾ هر شيءَ داؤ تي لڳل آهي ان طرف ٻنهي پارٽين وٽ ڪو پلان ناهي باقي سياسي بيانن ذريعي هڪ ٻئي تي ڇوه ڇنڊڻ سان ملڪي حالات خراب ٿيندا ۽ ان ويڙه جو فائدو هميشہ دشمن ئي وٺندو رهندو۔


Previous Post Next Post