روسي انقلاب جي باني لينن لکيو هو تہ هي تاريخ جو هڪ معمولي
قدم آھي پر هي عظيم قدم آھي. هن غيرمعمولي
قدم بابت اڳم بہ لکيو ويو ۽ هن وقت بہ لکجي رهيو آھي پر هن وقت سموري سرمايادار دنيا
۽ سائنسدان هن انقلاب بابت هر ياد ۽ تصور گم ۽ ختم ڪرڻ چاهين ٿا هنن کي تمام گهڻو خوف
آھي تہ هن انقلاب جون حاصلاتون ۽ اهو سمورو منظر وري عوام اڳيان آيو تہ هڪ دفعو وري
تاريخ جي اسٽيج تي پورهيت طبقو نروار ٿي ايندو اهو ئي خوف آھي، جيڪو هن وقت وڌي رهيو
آھي.
جمهوريت جي منهن تي جيڪا دانگي ملجي رهي آھي، اها آمريڪا
سميت يورپي قومون ملي رهيون آھن جنگ جنگ جو جنون هر طرف لامارا ڏئي رهيو آھي، چين روس
آمريڪا وچم سرد جنگ ڪنهن وقت بہ گرم ٿي سگهي ٿي امن ڪٿي بہ ناهي.
هي ڪهڙو مهذب پڻو آھي جتي طالبان اڄ بہ سماج تي حاوي ڪيا
وڃن جنگ ۽ حالت جنگ بربريت ۾ رهن پيا.
هن وقت بہ انقلاب بابت اهي غلط مفروضا موجود آھن تہ لينن
۽ بالشويڪ پارٽي غير جمهوري طريقي اقتدار تي قبضو ڪيو هو اها آمريت هئي وغيرہ پر اهو
لڪايو وڃي ٿو تہ هي انقلاب مڪمل طرح جمهوري ۽ تاريخ جو پرامن انقلاب هو جنهن جي تاريخي حقيقت موجب فقط يارنهن ماڻھو قتل ٿيا ۽ ھارين
توڙي مزدورن هي تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو .
هيٺ عوام مان چونڊجي آيل جمهوري سوويتن يا پنچائتن ۾ بالشويڪ
پارٽي جي اڪثريت هئي انهن سڀني سوويتن منشويڪن جي انهي ڳالهہ کي رد ڪيو تہ روس ۾ جمهوريت
قائم ٿي وڃي ان کان پوءِ سوشلزم جي تعمير ڪجي پر ڪامريڊ لينن ۽ سندس پارٽي اهو سمجهي
ورتو هو تہ اقتدار زارشاهي ۽ حڪمران طبقي جي هٿن مان نڪري عوام جي چونڊيل پنچائتن سوويتس
وٽ اچي چڪو آھي ۽ عوام جو مجموعي ارادو انقلاب طرف راغب آھي عوام پراڻي رياست ۽ انجي
حڪمران طبقن جي اقتدار کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
ڪامريڊ لينن اخبار عوام جو ارادو ربوچايامسل ۾ لکيو تہ اسان
عوام جو مجموعي ارادو تشڪيل ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو انقلاب آڻڻ آھي عوام هنن جي انهي ارادي
کي پنهنجو ڪري ان کي عملي صورت ڏني. امن ماني زمين اهي عام پاپولر نعرا هئا جن جي بنياد
تي عوام جو ارادو تشڪيل ڏنو ويو.
زمين ڪارخانا ۽ ٻيا ڪل پيداواري ذريعا عوام جي ملڪيت قرار
ڏنا ويا. تاريخ جي باسعادت گهڙي هئي جو انقلاب جي هيڊ ڪوارٽر سمولني جنهن جي حفاظت
انقلاب جا سڀ کان وفادار جٿا هاري ۽ ملاح ڪري
رهيا هئا. فرمان جاري ٿي رهيا هئا، فرمان زمين سڀ کان پاپولر فرمان هو جنهن سان فوري
طور بالشويڪن کي ٻھراڙي جي هاري جي مڪمل حمايت ملي.
روسي انقلاب تاريخ ساز واقعو هو جنهن انسانيت جي اعليٰ قدرن
کي بحال ڪيو سموري دنيا جي مظلوم قومن مجبور غريب طبقن کي آزادي جي راه ڏيکاري.
روسي انقلاب جو فڪري محرڪ مارڪسزم هو مارڪسزم دنيا کي هڪ
نئين اک سان ڏٺو مارڪسزم جو چوڻ آھي تہ هن سموري انساني سماج جي خرابي جي جڙ طبقاتي
نظام آھي، جيستائين طبقاتي نظام هوندو دنيا ۾ ڪٿي بہ پرامن سماج جو قيام ناممڪن آھي
طبقاتي سماج جو عروج سرماياداري نظام ۽ ان جي سامراجيت آھي. جنهن ۾ دنيا جا ڪل وسيلا
۽ دولت فقط چند هٿن ۾ سڪڙجي محدود ٿي وڃي ٿي دولت جو ارتڪاز يا جمع ٿيڻ هن وقت ايتري
وڏي پئماني تي ٿي چڪو آھي جو ست ارب انسانن جي اڪثريت وٽ ھن وقت ٻہ ويلا ماني ناهي
پر دنيا جي فقط چند سئو ماڻھن وٽ ايتري دولت آھي جو هو اسان جهڙا ملڪ بہ سموري جا سمورا
خريد ڪري سگهن ٿا بلڪہ ملٽي ۽ ٽرانس نيشنل ڪمپنين وسيلي خريد بہ ڪري رهيا آھن. ھنن آءِ ايم ايف ورلڊ بينڪ جهڙا ادارا ٺاهي ڳرن
وياجن ۽ شرتن تي قرض ڏئي ٽين دنيا جي ملڪن خطن ۽ کنڊن کي غلام بنائي ڇڏيو آھي.
اڄ انهن غريب ملڪن ۾ ڳرا ٽيڪس بجلي گئس پيٽرول جي قيمتن
۾ واڌ بہ انهن سرمايادار سامراجي ملڪن جي چوڻ تي ڪئي ويندي آھي. تهذيبن وچم جنگ مذھبن
وچم جنگ جا ڪوڙا نظريا گهڙي جنگي جنون پيدا ڪري انهن غريب ملڪن ۾ جنگ پکيڙي ويندي آھي.
عراق، شام، لبيا، افغانستان ان جو مثال آھن.
ماڻھو هڪ طرف بکن ۾ پاه آھن تہ ٻئي طرف ڪروڙين اربين کربين
رپين جا جديد هٿيار ٺاهيا وڃن ٿا. ماڻھن کي هن جديد سائنسي دور ۾ بہ روزگار، صحت، تعليم
۽ امن ناهي. جنگين سبب هڪ ڪروڙ کان مٿي ماڻھو
بي گهر آھن، هن وقت وري افغانستان ۾ جنگ ڇڙڻ واري آھي جنهن جي ڪري هي سمورو خطو عدم
استحڪام جو شڪار ٿيندو. هي سڀ انهي عالمي سرماياداري نظام جون برڪتون آھن.
انهي ڪري ڪافي سال اڳ مارڪس اينگلس ۽ لينن چيو هو تہ سرماياداري
سامراجي نظام قائم رهيو تہ دنيا ۾ فقط بربريت هوندي ۽ اسان پهرين ٻين عالمي جنگ سرد
جنگ ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين جنگ جاري آھي.
پورهيتن جي هن عالمي انقلاب سامراجي والار جي ستر سال روڪٿام
ڪئي پر ان جي 1991ع ۾ عارضي ناڪامي وري سرمائي جي شديد استحصال ۽ جنگي جنون کي عروج
تائين پهچائي ڇڏيو آھي.
ڀلي روسي انقلاب ختم ٿي چڪو هجي پر هن طبقاتي سرماياداري
سامراجي نظام جو لکين ڪروڙين انسانن کي اجرتي غلامي جو شڪار ڪرڻ کين بدترين زندگي گذارڻ
تي مجبور ڪرڻ وري اهڙي پورهيت انقلاب جي افاديت کي اجاگر ڪري ٿو جهڙو روس ۾ آيو هن
وقت يقينن ان جي نوعيت ٻي هوندي پر هڪ بهتر ظلم استحصال کان آزاد سماج ڏانهن هڪ ٻي
وک ضرور هوندو غير طبقاتي سماج ئي انسانيت جي اعليٰ ترين منزل آھي. پورهيتن جو سوشلسٽ
انقلاب ان طرف وڏي پيش قدمي هوندو سوشلزم ڪميونزم ئي ايشيا ۽ ٻين سماجن جي ڪروڙين مجبور
انسانن جو سهارو بنبو.