پاڪستان: ھڪ
زرعي ملڪ، پر هارين سان ناانصافي ڇو! پاڪستان کي زرعي ۽ زرخيز
ملڪ سڏجي ٿو، ڇو تہ
هتي
جي زمينن مان ڪڻڪ، ڪپھ، سارين، ڪمند ۽ ٻين ڪيترين ئي فصلن جا انبار اپت ڏين ٿا. پر
افسوس جي ڳالهہ اها آهي تہ جيڪي ماڻهو انهن زرعي نعمتن کي پنهنجي پگهر
سان پوکن ٿا، انهن ئي مسڪين هارين کي هر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو
آهي. خاص طور تي سندن
لاءِ هن وقت جو وڏو مسئلو سارين جي فصل سان جڙيل
آهي.
جيتوڻيڪ سنڌ
۽ پنجاب جي وسيع تر علائقن ۾ هن سال بہ
سارين
جي فصل سٺي پيداوار لٿي آهي. جيڪا هارين
جي رات ڏينهن جي محنت کي ظاھر ڪري ٿي، جن
اوڄاڳا ڪري پنهنجي زمينن کي پاڻي ڏنو، ڀاڻ ۽ دوا تي وڏو خرچ
ڪيو، پر جيئن ئي فصل مارڪيٽ ۾ پھتو تہ
واپارين
۽ خريدارن طرفان ان جي قيمت زمين ڀر ڪيرائي
وئي آهي. جيڪو
ڪرڻ مسڪين ھارين جي محنت تي پاڻي ڦيرڻ ۽ ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر چئبو.
اهو منظر نئون
ڪونهي. هر سال جڏهن ڪو بہ
فصل
پچي تيار ٿئي ٿو، تہ مارڪيٽن ۾ هڪ ڄاڻي واڻي پاليسي تحت ان جي
قيمت گهٽائي وڃي ٿي، جيئن هارين کي نقصان ٿئي
۽ واپارين جا هٿ ڀرجن.
سارين جي لھندڙ
تازي فصل کانپوءِ پڻ ساڳيون حالتون
ظاھر ٿي پيون آهن. افسوس ان ڳالھ جو آهي تہ، هاري جيڪو سڄو سال محنت ڪري ٿو، آخر ۾ پنهنجي
ئي پيداوار سستي قيمت تي وڪڻي بي وسيءَ سان هٿ مٿي ڪري ٿو ويهي. نہ صرف ايترو پر ائين ٿيڻ سان مسڪين ھاري فصل جو خرچ ڇڏائڻ ۽ ڪجھ پئسا
منافعي طور ڪمائڻ بجائي اڪثر پاڻ قرضي بڻجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ
سندس
جي زندگيءَ جو گذر سفر ھارپي
سان ئي جڙيل رھي ٿي.
ان جي اصل وجھ
زرعي ملڪ هجڻ باوجود هارين لاءِ ڪو مضبوط نظام موجود نہ ھئڻ
آهي. سرڪار طرفان خريداري جا مرڪز وقت تي نٿا کوليا وڃن،
۽ جيڪي کلن ٿا تن ۾ بہ وڏيون سفارشون
۽ ڪرپشن آڏو اچي ٿي. نتيجي ۾ هاريءَ جي فصل جو مول گهٽجي وڃي ٿو.
ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ
حڪومت
سارين سان گڏ ۽ ٻين فصلن لاءِ مستحڪم قيمتي پاليسي تيار ڪري ۽
ان ڳالهہ کي يقيني بڻائي تہ جڏهن فصل مارڪيٽ ۾ اچي تہ هارين کي سندن محنت جو پورو معاوضو ملي. جيڪڏهن
هارين سان انصاف ڪيو وڃي تہ نہ صرف سندن زندگي سڌرندي پر ملڪ جي معيشت بہ مضبوط ٿيندي.