استادن جي عالمي ڏينهن ـ نظام دراني

هر سال دنيا ۾ 05 آڪٽوبر تي استادن جو عالمي ڏينهن ملهائجي ٿو. هي ڏينهن انهن عظيمن شخصيتن جي نالي تي وقف ڪيو ويو آهي جيڪي علم جي مشعل هٿ ۾ کڻي نسلن کي اجالا ڏين ٿا. استاد اهو انسان آهي جيڪو نہ رڳو پڙهائي ٿو پر شاگردن جي سوچ اخلاق ۽ مستقبل کي بہ سنواري ٿو.

استاد سماج جو بنيادي ۽ محترم فرد آهي. جيئن هڪ مستري  سرن کي گڏ ڪري عمارت ٺاهيندو آهي تيئن استاد علم جي سرن سان انسانيت جي عمارت ٺاهي ٿو. جيڪڏهن استاد نہ هجن تہ ڪو بہ قوم ترقي نٿي ڪري سگهي ڇو تہ تعليم ئي ترقيءَ جي ڪنجي آهي ۽ استاد ئي ان ڪنجيءَ جو محافظ آهي.

استادن جو ڪردار رڳو ڪتابي علم تائين محدود ناهي بلڪہ هو شاگردن جي شخصيت عمل ۽ سوچ کي بہ ترتيب ڏين ٿا. سٺو استاد اهو آهي جيڪو شاگرد کي سوال ڪرڻ سوچڻ ۽ سچ ڳولڻ سيکاري.

استاد شاگرد لاءِ ٻئي ماءُ پيءُ جهڙو هوندو آهي۔ جيڪو پيار سان نصيحت ڪري ۽ سختيءَ سان بہ ڀلائيءَ لاءِ راه ڏيکاري ٿو.

استادن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي تہ سماج ۾ استادن جي خدمت ڪردار ۽ قربانين کي ساراهيو وڃي. هي ڏينهن اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو تہ علم ڏيڻ وارن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچجي ۽ سندن قدر ڪجي.

استاد انسانيت جو راه ڏيکاريندڙ آهي۔ جنهن جي محنت سان دنيا روشن آهي. اچو تہ استادن جي احترام جو عهد ڪريون ۽ هر ڏينهن کي علم ۽ سچائي سان ڀرپور بڻايون. استادن کي سلام جن جي محنت سان اسان جو مستقبل روشن ٿئي ٿو. استاد روشنيءَ جو اهو ڏيئو آهي جيڪو پاڻ ساڙي ٻين کي اجالو ڏئي ٿو.

Previous Post Next Post