دشمن جو دشمن فيج - وائرس (قسط 05) ـ دريا خان سنڌي

انسان جي وائرس سان واقفيت پراڻي آهي. اهي اسان کي بيماريءَ جي صورت ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريندا رهيا آهن. ويهين صديءَ جي شروعات تائين اسان انهن کان سڌو سنئون واقف ٿيڻ شروع ڪيو هو پر وائرولوجي جو دائرو گهڻو محدود هو. ان جو ڌيان ان تي هو تہ انهن مان ڪهڙا اسان کي پريشان ڪن ٿا. وائرولوجسٽ وائرس کي اسان جي پنهنجي گهڻي محدود واسطي کان ٻاهر گهٽ ڏسندا هئا.

انهن تي نئين طريقي سان پهرين نظر عالمي جنگ کان اڳواٽ جي دوران ۾ پئي. فرانسيسي فوجي وڏي انگ ۾ مري رهيا هئا. نہ رڳو جرمنن جي هٿان پر بيڪٽيريا جي سبب پڻ. اهي مائڪروپ انهن جي زخمن تي حملا ڪندا هئا. کاڌي پيتي جي شين تي. عالمي فلو جي وبا انهن جي مدد ڪئي ۽ اهي ماڻهن جي ڦڦڙن تي حملا آور ٿيا.

اهو اهو دور هو جڏهن اينٽي بايوٽڪ موجود نہ هئي. اها 1930ع واري ڏهاڪي ۾ دريافت ٿيڻي هئي. ان وقت زخمن کي صاف ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن ناڪام ٿيا تہ هٿ يا ٽنگ کي ڪٽيو ويندو هو ۽ عام طور تي مريض پوءِ بہ فوت ٿي ويندو هو.

هن سڀ جي وچ ۾ فيلڪس ڊي هيريل 1917ع ۾ هڪ نئين دريافت ڪئي جيڪا هڪ معجزو لڳي رهي هئي. هڪ طاقتور شيءِ جيڪا بيڪٽيريا کي ماريندي هئي. هيريل اهو دريافت ڪيو هو جنهن جو ڪنهن بہ تصور نہ ڪيو هو. هڪ وائرس جيڪو انسان يا جانور تي نہ پر بيڪٽيريا تي حملا آور ٿيندو هو. هيريل اها دريافت فرانسيسي فوجين ۾ پيچش جي وبا جي دوران ڪيل تجربن مان ڪئي. انهن مان حاصل ڪيل مواد مان شيگيلا (پيچش ڪرڻ وارو بيڪٽيريا) الڳ ڪيو. هن بيڪٽيريا کي صاف ٿيل محلول ۾ داخل ڪيو تہ ڏٺائون تہ وڌڻ کان پوءِ ڪيترن ئي هنڌن تان بيڪٽيريا جو صفايو ٿي رهيو آهي. هنن اندازو لڳايو تہ هي جنگ جو ميدان آهي ۽ بيڪٽيريا جا لاشن جا ڍير لڳائڻ وارا وائرس آهن. انهن جو نالو هنن بيڪٽيريو فيج رکيو.

بيڪٽيريا کي بيمار ڪرڻ واري وائرس جو تصور ايترو عجيب هو جو ڪيترن سائنسدانن کي اها ڳالھ هضم نہ ٿي. ان جي سخت مخالفت ڪرڻ وارن ۾ فرانس جي نوبل انعام يافتہ سائنسدان جولس بورڊي بہ هئا. هنن اهو تجربو اي ڪولائي تي ورجايو. نتيجو اهو نہ نڪتو. هيريل ۽ بورڊي جي سخت بحث سالن تائين هلندي رهي. 1940ع واري ڏهاڪي ۾ سائنسدانن اليڪٽران مائڪروسڪوپ اچي وڃڻ کان پوءِ ڏٺو تہ هيريل صحيح هئا.

جنهن سبب بورڊي جا تجربا مختلف نتيجا ڏئي رهيا هئا، ان جو سبب اهو هو تہ بورڊي جيڪو تجربو ڪري رهيا هئا، اتي هڪ ٻي قسم جا فيج هئا. ٽيمپريٽ فيج، جيڪي بيڪٽيريا کي انفيڪٽ تہ ڪندا هئا، ان کي ماريندا نہ هئا.

هيريل فيج جو عملي استعمال ڏسي رهيا هئا. ڇا ان کي مريضن جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ فيج ڏئي نقصانڪار بيڪٽيريا ماري سگهجن ٿا؟ سڀ کان پهريون تجربو پاڻ پنهنجي مٿان ڪيو. ان مان معلوم ٿي ويو تہ فيج وٺڻ محفوظ آهي. ان کان پوءِ پيچش ۽ حيضي جي مريضن تي تجربا ڪيا. سوئز ڪينال تي ڪم ڪندڙ چار مريض جن کي طاعون ٿيو هو، اهي ان مان صحتياب ٿي ويا.

هن طريقي سان چمڙي جي زخم ۽ آنڊي جي انفيڪشن جي مرض جو علاج ڪيو.

زندھ وائرس سان علاج جو تصور ڪيترن ڊاڪٽرن لاءِ پريشان ڪندڙ هو. اينٽي بايوٽڪ جي اچڻ کان پوءِ 1940ع تائين فيج سان علاج جو طريقو پس منظر ۾ هليو ويو. اينٽي بايوٽڪ فنگس ۽ بيڪٽيريا مان پيدا ٿيندڙ پروٽين ۽ مصنوعي ڪيميڪل هئا ۽ گهڻا اثرائتو هئا. انهن جي ڪاميابي جو مطلب اهو نڪتو تہ فيج ٿراپي تي ڪم ختم ٿي ويو.

هيريل جي طريقي تي سوويت يونين ۾ هڪ تحقيقاتي ادارو ايلياوا انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو. هن 1963ع ۾ فيج ٿراپي جو سڀ کان وڏو ٽرائل ٽيهہ هزار ٻارن تي ڪيو. ڪجھ ٻار شيگيلا جي فيج جي دوا هفتي ۾ هڪ دفعو کائيندا هئا. ٻين کي مٺي گوري ڏني ويندي هئي. 109 ڏينهن جاري رهڻ واري هن ٽرائل ۾ جن ٻارن کي مٺي گوري ملي هئي، ان ۾ پيچش جو اثر 6.7 في هزار رهيو. جن فيج واري گوري ورتي هئي، ان ۾ اثر 1.8 في هزار رهيو. فيج وٺڻ جي سبب امڪان ۾ سوا چار ڀيرا جو فرق پيو.

سوويت لوهي پردي جي پاليسي جي سبب هن ڪامياب تجربي جي ڄاڻ جارجيا کان ٻاهر گهٽ ماڻهن تائين پهتي. 1989ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ اها خبر ٻاهر نڪتي.

فيج ٿراپي متنازع آهي. ان جا حامي چون ٿا تہ اهي هر طرف آهن. اسان جي ڏهي، اچار ۽ ڪباب ۾ بہ. اسان جو جسم انهن سان ڀريل آهي. هر روز اهي اسان جي جسم جي اندر بيڪٽيريا جو وڏي انگ ۾ شڪار ڪندا آهن. اسان کي زندھ وائرس کي علاج جي طور تي استعمال ڪرڻ ۾ فڪرمند ٿيڻ جي ضرورت ناهي. گهربل عارضي جي علاج لاءِ فيج جي ڪاڪٽيل ٺاهي سگهجي ٿي ۽ عام بيڪٽيريا ختم ڪري سگهجن ٿا.

ان جي مخالفن جو چوڻ آهي تہ ڄاڻي واڻي ٻاهرين وائرس جسم ۾ داخل ڪرڻ خطري کان خالي ناهي. ۽ جيڪڏهن اهو ٿي بہ وڃي تہ ارتقاء هن علاج کي گهڻو جلد بيڪار ڪري ڇڏيندو. انفيڪشن جلد واپس اچي ويندي. ان جا حامي ان جو جواب ڏين ٿا تہ ارتقاء جو هٿيار تہ فيج وٽ بہ آهي. اينٽي بايوٽڪ جي برعڪس مزاحمت حاصل ڪرڻ وارا بيڪٽيريا سان پاڻ نبڙندا.

بوسٽن يونيورسٽي جي بائيولوجسٽ جيمس ڪولنز ۽ ايم آئي ٽي جي ٽم لو 2008ع ۾ پهريون مصنوعي فيج ٺاهڻ تي پيپر پڌرو ڪيو. جينياتي انجنيئرنگ سان تيار ڪيل فيج بيڪٽيريا جي اينٽي بايوٽڪ ۽ فيج جي خلاف سڀ کان وڌيڪ اثرائتو دفاع بايوفلم کي بي اثر ڪري سگهيو. انهن جي ٺاهيل فيج ۾ اها جين هئي جيڪا بايوفلم کي حل ڪرڻ واري اينزائم-خمير ٺاهيندي هئي. انهن جو اثر عام ٿراپي کان سئو ڀيرا بهتر هو.

ڪولنز ۽ ٻيا سائنسدان هڪ طرف فيج کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ جا طريقا ڳولي رهيا آهن تہ ٻئي طرف اينٽي بايوٽڪ جي خلاف مزاحمت رکندڙ بيڪٽيريا ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪري رهيو آهي تہ ڊاڪٽرن کي قيمتي ۽ آخري هٿيار جي طور تي استعمال ٿيندڙ دوائن جي طرف وڃڻو پوي رهيو آهي جيڪي نقصانڪار سائيڊ ايفيڪٽ منفي اثر بہ رکن ٿيون. نئين اينٽي بايوٽڪ ٺاهڻ جي ڊوڙ بہ جاري آهي پر ليبارٽري کان مارڪيٽ تائين ڪنهن بہ دوا کي اچڻ ۾ ڏهن سالن کان وڌيڪ لڳي وڃن ٿا. بيڪٽيريو فيج مستقبل جي ميڊيسن جو اوزار ٿي سگهن ٿا.

اهڙي صورت ۾، ڇا هيريل جي دريافت کان هڪ صدي کان پوءِ ڇا اينٽي بايوٽڪ سان گڏ بيڪٽيريا سان وڙهڻ جو اسان جو ايندڙ هٿيار فيج هوندا؟ اسان وائرس کي بيماري ۽ موت جي وسيليءِ سان ڄاڻيو آهي. ڇا اسان پنهنجي صحتمند رهڻ لاءِ پنهنجي دشمن جي دشمن کي استعمال ڪرڻ سکنداسين؟

Previous Post Next Post