دنيا جي هن
رنگين پر پيچيده ميلي ۾ جتي رشتن ناتن جا نوان روپ روز ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اتي حقيقي دوستي
هڪ اهڙو ٻرندڙ ڏيئو آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ زندگيءَ جا اونداها رستا روشن ٿيو وڃن.
شاعريءَ جي هن لافاني سٽن ۾ زندگيءَ جي هڪ عظيم سچائيءَ کي تمام سادي پر پر اثر انداز
۾ بيان ڪيو ويو آهي:
”مشڪل ۾ ساٿ ڏيڻ وارو، حقيقي آهي دوست پيارو.“
هي سٽون صرف
لفظن جو مجموعو ناهن، پر انساني رشتن جي پرک جو هڪ مڪمل معيار آهن. زندگي هميشه هڪجهڙي
ناهي رهندي، ڪڏهن بهارن جي پر بهار فضا ۽ ٿڌڙي هوائن جو پرسرور سمو هوندو آهي ته ڪڏهن
خريف جي گرم هوائن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. خوشيءَ جي محفلن ۾ ته هر ڪو شريڪ ٿيڻ چاهيندو
آهي، پر اصل ماڻهو اهو آهي جيڪو تڪليف جي گهڙين ۾ اوهان جي ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺو
رهي.
آزمائش جي گهڙين
۾ ئي حقيقي رشتي جي صحيح پرک ٿيندي آهي۔
دوستي جو ٻج
ته هر ڪو پوکي ٿو، پر ان کي وفا جو پاڻي ڏيڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو. جڏهن حالتون
سازگار هجن، ته هر شخص سچو ۽ وفادار نظر ايندو آهي، پر جڏهن مشڪلاتن جو طوفان گهلي
ٿو، تڏهن رڳو اهي ئي ثابت قدم رهن ٿا جن جي دلين ۾ خلوص ۽ محبت جو سچو جذبو هجي.
·
وقت جي ڪسوٽي: سچي دوستي
ڪنهن به لالچ يا غرض کان پاڪ هوندي آهي.
·
سهارو: جڏهن دنيا پٺي ڏئي
ڇڏي، تڏهن هڪ سچي دوست جو ساٿ پوري ڪائنات جي طاقت بڻجي ويندو آهي.
·
پيار جو روح: شاعريءَ جي
هن سٽ ۾ پيارو لفظ ان لڳاءُ کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو رڳو رت جي رشتن تائين محدود ناهي،
پر روح جي گهرائين تائين پهچي ٿو.
اسان کي پنهنجي
زندگيءَ ۾ اهڙن هيرن جهڙن انسانن جو قدر ڪرڻ گهرجي جيڪي خاموشيءَ سان اسان جي ڏکن کي
پنهنجو ڏک سمجهي انهن ڏکن کان نجات ڏيارن ٿا ۽ وقت سر مدد ڪن ٿا. ياد رکو، حقيقي دوست
اهو ناهي جيڪو صرف اوهان سان کلندو هجي، پر اهو آهي جيڪو اوهان جي اکين مان لڙڪ وهڻ
کان اڳ انهن کي روڪڻ جي سگهه رکندو هجي. اها ئي اها دوستي آهي جيڪا هن فاني دنيا ۾
انسان کي زندگيء جو اڙانگو سفر جاري رکڻ ۽ وڙهڻ جو حوصلو ڏئي ٿي.
جيڪو ڏک سک
جو ساٿي آ،
سچو سو دوست، حقيقي آ۔
جو وقت مشڪل
ساٿ ڇڏي،
ان سان ناتو، ڪٽي
ڇڏجي۔
دوستي معني'،
ٻه طاقتون
سدا دور رهن
سڀ آفتون۔
پر ڪنهن به
دوست کي اجايو آزمائش ۾ نه وجهڻ گهرجي ته بهتر آهي۔

