اسلامي معاشي نظام، وياجي سماج ۽ ان جا اثر ـ ارشاد علي پنھور

”اللھ واپار کي حلال ۽ وِياج کي حرام ڪيو آهي.“ (سورة البقره: 275)

”جيڪڏھن وِياج نه ڇڏيو ته اللھ۽ سندس رسول ﷺ سان جنگ جو اعلان سمجهو.“ (سورة البقره: 279)

نبي ڪريم ﷺ فرمايو: ”وياج کائڻ وارو، کارائڻ وارو، لکڻ وارو ۽ شاهد، سڀ لعنت هيٺ آهن.“ (صحيح مسلم)

اڄوڪي دور ۾ وياج، اسانجي سماج ۾ ھڪ خطرناڪ ۽ تباھ ڪندڙ ناسور بڻجي چڪو آهي. جتي وياج خور غريب ۽ مجبور ماڻهن جي مجبوريءَ مان ناجائز فائدو کڻي کين قرضن جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏين ٿا، جتان نڪرڻ تقريباً ناممڪن ٿي پوي ٿو. وياج نه رڳو ماڻهن جي معاشي استحصال جو ذريعو آهي، پر اهو سماجي لاڳاپن، اخلاقي قدرن ۽ انساني وقار کي به سخت نقصان پهچائي ٿو. وياجي نظام سبب محنتي ماڻهو وڌيڪ غريب ٿيندا وڃن ٿا. جڏهن ته چند سرمائيدار، بنا محنت ڪرڻ جي دولت جا ڍير گڏ ڪري رھيا آهن. جنهن سان سماج ۾ ناانصافي، بي چيني ۽ توڙي ڏوھن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. جنهن لاءِ ضروري آهي ته سماج گڏجي وياج خلاف شعور پيدا ڪري، اسلامي ۽ انساني قدرن تي ٻڌل بغير وياج نظام کي هٿي ڏئي، جيئن معاشري ۾ انصاف، ڀائيچارو ۽ معاشي سڪون قائم ٿي سگهي. اسلام ۽ وياج جو معاملو بلڪل واضح ۽ بيحد سخت آهي. دين اسلام ۾ وياج کي قطعي حرامِ قرار ڏنو ويو آهي. ڇاڪاڻ تہ اهو انساني استحصال سان گڏ سماجي ناانصافي ۽ معاشي ظلم جو وڏو ذريعو بڻجي ٿو. قرآنِ پاڪ ۾ الله تعاليٰ وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ وارن خلاف سخت فرمان واضح ڪيا آهي ۽ ان کي الله ۽ سندس رسول ﷺ سان جنگ جي برابر قرار ڏنو آهي، جڏهن ته حلال واپار کي جائز ۽ برڪت وارو سڏيو ويو آهي. آخري نبي، حضورِ اڪرم ﷺ جن پڻ وياج وٺندڙ، ڏيندڙ، لکڻ واري ۽ شاهد بڻجندڙ سڀني تي لعنت فرمائي آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته دين اسلام جي تعليمات، معاشري مان هر صورت ۾ وياج جو خاتمو چاهين ٿيون. جڏهن ته اسلامي اصولن تي ٻڌل معاشي نظام جو بھترين طريقو پڻ ڏنل آهي. جيڪو سڀني ماڻهن سان انصاف، ڀائيچاري ۽ گڏيل ڀلائيءَ تي ٻڌل جوڙجڪ فراھم ڪري ٿو. جتي زڪوات، صدقا، قرضِ حسنہ ۽ بغير وياج واپار ذريعي دولت جي گردش کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، ته جيئن امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب نه ٿئي. اسانجي دين جو مقصد هڪ اهڙو پاڪيزه معاشرو قائم ڪرڻ آهي، جتي دولت چند هٿن ۾ قيد يا قابو نه رهي پر هر فرد جي لاءِ آسان حصول ھجڻ سان گڏ سندس عزت ۽ حق کي محفوظ بڻائي.

افسوس سان ان سڀ جي باوجود پوري ملڪ ۾، جيڪو قائم ئي اسلام جي نالي تي ٿيو، سان گڏ خاص ڪري اسانجي صوبي سنڌ ۾ وياج هڪ ڳڻتي جوڳي حد تائين پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيون آهن. جيڪو خاص طور تي پٺ تي پيل ڳوٺاڻن علائقن، هارين، پورهيتن ۽ ننڍن ڪاروبارين کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي. زرعي خرچن کي پورو ڪرڻ جو معاملو ھجي، ٻارڙن جي شاديءَ جي مجبوري، بيماري يا روزمرھ جي ضرورتن لاءِ ماڻهو وياجي کان قرض وٺڻ مجبوري بڻيل آهي. انتهائي وڌيڪ وياج جي وصولي سبب اهو قرض سالن تائين لهي نٿو سگهي. نتيجي ۾ هاري پنهنجي زمين، مال متاء يا محنت سان جمع ڪيل ضرورت جون باقي شيون، چند پئسن عيوض گروي رکڻ تي مجبور آهن. جنهن سان وڌيڪ غربت، بي وسي ۽ ذهني دٻاءُ جنم ورتو آهي. وياج سبب خانداني تڪرار، ٻارن جي تعليم کان محرومي ۽ ڏوهاري روين ۾ پڻ اضافو ڏسڻ ۾ ملي ٿو. وڌيڪ افسوسناڪ ڳالھ اها پڻ آهي جو سماج جي ڪجھ اثر رسوخ وارا ماڻهو به هن نظام کي هٿي ڏين ٿا. جنهن ڪري متاثرين کي گھربل انصاف نٿو ملي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ وياج جي ڪاروبار خلاف قانوني ڪارروائين کي بھتر بڻايو وڃي. اسلامي قدرن تي ٻڌل سماج لاءِ شعور ۾ واڌارو ڪيو وڃي ۽ بغير وياج قرضن، اسلامي بئنڪنگ ۽ اجتماعي سهڪار جهڙن نظامن کي فروغ ڏئي غريب ماڻهن کي هن استحصالي ڄار مان آزادي ۽ ڏياري وڃي.



Previous Post Next Post