سنڌ جي ڌرتي
هميشہ اهڙين شخصيتن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جن پنهنجي
ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي سماج جي بهتري لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن
مان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو ڪامريڊ اڪبر جتوئي جو نالو هڪ اهم ۽
قابلِ احترام نالو آهي، جيڪو پنهنجي سادگي، جدوجهد ۽ عوامي خدمت جي جذبي سبب سڃاتو
وڃي ٿو.
ڪامريڊ اڪبر
جتوئي جو تعلق ڳوٺ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، تعلقو لاڙڪاڻو سان آهي، جيڪو سنڌ جي سياسي،
ادبي ۽ انقلابي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙي ماحول ۾ پرورش وٺڻ سبب سندس فڪر
۾ بہ عوام دوستي، انصاف پسندي ۽ جدوجهد جا جذبا
شروع کان ئي شامل رهيا.
ڪامريڊ اڪبر
جتوئي پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سماجي مسئلن جي حل لاءِ وقف ڪيو آهي. خاص طور تي قبيلائي
تڪرارن جي خاتمي لاءِ سندس ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي
قبيلائي جهيڙا ڊگهي عرصي تائين هلندا رهن ٿا، اتي هن شخصيت ڪيترائي ڀيرا اڳتي وڌي صلح
ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو پاڻ متاثر علائقن ۾ وڃي ٻنهي ڌرين سان ڳالهہ ٻولهہ
ڪندو
رهيو، جرڳن ۽ مقامي معززين کي گڏ ڪري امن جا رستا هموار ڪندو رهيو. سندس ڪوششن جي نتيجي
۾ ڪيترن ئي جڳهن تي ڊگهي عرصي کان هلندڙ دشمني ختم ٿي ۽ ماڻهن ۾ ٻيهر ڀائيچارو پيدا
ٿيو.
ڪامريڊ اڪبر
جتوئي جو فڪر صرف قبيلائي مسئلن تائين محدود نہ
رهيو،
پر هن سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ بہ مسلسل جدوجهد
ڪئي آهي. هو سنڌ ھاري ڪاميٽي سان وابستہ
رهيو
آهي، جيڪا سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ هڪ تاريخي ۽ انقلابي تنظيم طور سڃاتي وڃي ٿي. هن
تنظيم ۾ هو نہ صرف هڪ سرگرم
ڪارڪن رهيو، پر مختلف موقعن تي قيادت جي ذميوارين ۾ بہ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ ھاري ڪاميٽي
جي پليٽفارم تان هن هارين جي زمينن تي حقن، سندن محنت جي تحفظ، ۽ ڳوٺاڻن جي سماجي مسئلن
کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. هن هميشہ
اهو
موقف اختيار ڪيو تہ هاري سماج جي
بنيادي طاقت آهن، ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافي ڪنهن بہ
صورت
۾ قبول نہ ٿيڻ گهرجي. سندس جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪيترن
ئي علائقن ۾ هارين ۾ شعور پيدا ٿيو ۽ انهن پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيو.
ڪامريڊ اڪبر
جتوئي جي شخصيت جو هڪ اهم پهلو سندس امن پسند سوچ آهي. هو هميشہ تشدد جي مخالفت ڪندي ڳالهہ ٻولهہ،
صبر ۽ مفاهمت کي مسئلن جو حل قرار ڏيندو رهيو آهي. سندس خيال آهي تہ نفرتون سماج کي تباه ڪنديون آهن، جڏهن تہ محبت، شعور ۽ اتحاد ئي هڪ بهتر سماج جي بنياد
آهن.
هو نوجوان نسل
کي هميشہ اهو پيغام ڏئي ٿو تہ پنهنجي طاقت تعليم، شعور ۽ تنظيم ۾ ڳوليو،
نہ ڪي تڪرار ۽ تشدد ۾. سندس خيال موجب جيڪڏهن
نوجوان مثبت رستي تي هلي پون تہ سماج ۾ وڏي
تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
سندس عملي زندگي
اهو ثابت ڪري ٿي تہ هو صرف لفظن
جو نہ پر عمل جو ماڻهو آهي. هو هر ان هنڌ تي وڃي
مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جتي تڪرار يا ناانصافي موجود هجي. سندس ڪردار ڪيترن
ئي ماڻهن لاءِ مثال آهي.

