مٺڙا ٻول، مصري آهن ـ حڪيم پريم چاندواڻي

انسان جي زبان رب پاڪ طرفان مليل وڏو عطيو آهي، پر اهو عطيو ڪڏهن رحمت تہ ڪڏهن زحمت بڻجي ويندو آهي۔ ڳالهائڻ هر انسان ڄاڻي ٿو، پر شيرين زبان سان ڳالهائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهہ نہ آهي۔ زبان سان نہ رڳو لفظن ڳالهائڻ جو سلسلو قائم رهي ٿو، پر دلين جي درين کي کولڻ جو هڪ اوزار بغ آهي۔ مٺڙا ٻول ماڻهوءَ جي شخصيت کي نکاريندا آهن، محبت وڌائيندا آهن، جڏهن تہ تيز تلخ لفظ دلين ۾ نفرت، اختلاف ۽ فاصلا پيدا ڪندا آهن۔

مٺڙا ٻول، مصري آهن،

ٻاڙا ٻول، ڦٽڪي آهن۔

اڄ جو هي دؤر ظاهر ۾ ترقي يافتہ پر، ڇڪتاڻ، اڻسهپ، اُٿل پُٿل ۽ جذبات جو دؤر آهي۔ ماڻهو ذهني دٻاءَ سان ڀرپور سماجي ٿڪاوٽ ۾ مبتلا ۽ گهڻن تڪرارن جو شڪار آهن۔ اهڙي ماحول ۾ مٺڙا ٻول مرهم جو ڪم ڪن ٿا۔ هڪ نرم جملي سان دلين ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿئي ٿي۔ ذهن کي سڪون ملي ٿو ۽ سارو ڏينهن خوشيءَ ۾ گذري وڃي ٿو۔ وري ڪي ٻاڙا ٻول يا گٿا لفظ سڀ رشتا ٽوڙي سگهن ٿا، بي آرامي، بي سڪوني وڌائي سگهن ٿا۔

اسان وٽ گهڻا ماڻهو بنا سوچ جي ڳالهائيندا رهن ٿا، نتيجي ۾ دل آزاري ٿيندي رهندي آهي۔ بزرگ چئي ويا آهن تہ زبان جي زخم جي ڪا مرهم ڪونهي۔ اڄ هر گهر، هر آفيس، هر وستيءَ ۽ هر دوستيءَ ۾ اها سچائي صاف نظر اچي ٿي۔ مٺي ڳالهہ نہ رڳو ٻڌندڙ لاءِ پر ڳالهائيندڙ لاءِ بہ عزت جو سبب آهي۔ جنهن جي ٻولي نرم، ان جي دل بہ نرم هوندي ۽ اهو هر دل ۾ جاءِ ٺاهي سگهي ٿو۔

اسان کي اها ڄاڻ آهي تہ: ڳالهائڻ هڪ فن آهي۔ فن اهو سيکاري ٿو تہ لفظ ڪلفت ڪدورت تي نہ، پر محبت تي ٻڌل هجن۔ فن اهو بہ سيکاري ٿو تہ ڳالهيون وڌائڻ نہ، پر رشتا نباهڻ لاءِ ڪيون وڃن۔ اچو تہ پنهنجي ٻوليءَ مان ڦٽڪيءِ جهڙا تيز ۽ تلخ لفظ ڪڍي ڇڏيون۔ اچو تہ هر هڪ سان اهڙي ڳالهہ ڪيون، جيڪا ٻڌندڙ کي وڻي۔ اڪثر هڪ مرڪ، هڪ سلام، يا محبت ڀري ڳالهہ ڪنهن جي سڄي ڏينهن کي خوشگوار بڻائي ڇڏيندي آهي۔ هن ڪالم جو حاصل مقصد اهو آهي تہ: مٺڙا ٻول دلين کي ملائين ٿا، ۽ ٻاڙا ٻول دلين کي الڳ ڪن ٿا۔ زبان کي محبت جي روشني ڏيو، تہ زندگي پاڻمرادو خوبصورت ٿي پوندي۔

الله پاڪ ڪري اسان جي زبان ٻين جي دلين ۾ سڪون ۽ خوشيءَ جو باعث بنجندي رهي۔ اسان جو هر لفظ، ماکيءَ مصريءَ جيان مٺو هجي۔ ڪي بيحث شخص اجايو بحث ڪري رنجشون وڌائڻ جو سبب بنجندا آهن. اهي بي وڙا ۽ نادان آهن۔ تنهنڪري بحث کان هميشہ پري رهڻ گهرجي۔

بيحس جيڪي ڪن بڪواس،

عزت نہ تن کي، ايندي راس۔


Previous Post Next Post