سيڪيولرزم بابت
تمام گهڻي پروپگينڊا ڪئي وئي آھي تہ هي مذھبن جي
خلاف نظريو آھي پر اها ڳالهہ غلط آھي.
سيڪيولرزم
دنيا کي سمجهڻ جو نظريو آھي. سيڪيولرزم جديد
سائنسي سماجن جي جنم وٺڻ کان پوءِ پيدا ٿيو. هن نظريي جو باني برطانيا جو هڪ پادري جارج
هولي اوڪ هو. جنهن  برطانيا ۾ سيڪيولر سوسائٽي پڻ قائم ڪئي.
هنن جو خيال
هو تہ
انسان
جي سچي رهنما سائنس آھي. هر هڪ
ماڻھو پنهنجي خيالن ۾ آزاد آھي. عقل اسان جو
رهنما آھي، سائنسي تنقيدي عقل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڪنهن تي بہ
جبر
ڪري کيس ڪي نظريا خيال ۽ عقيدا قبول نٿا ڪرائي سگهجي. انسان
آزاد ڄائو آھي کيس ڪي بہ عقيدا رکڻ يا
ڇڏڻ جو مڪمل اختيار آھي.
هن دنيا کي
خوبصورت بنائڻ گهرجي، سيڪيولرزم بابت
هن وقت تمام گهڻي پروپگينڊا ڪئي پئي وڃي تہ
اهو
دهريت جو نظريو آھي پر اهي سڀ ڳالهيون انسان عقل شعور ۽ فهم جي سفر کي دٻائڻ لاءِ ٿي رهيون آھن ۽ ھتي خاص هڪ مخصوص سوچ ۽ ڪند
ذھنيت کي حاوي ڪيو ويو آھي. جيڪا سوچ هن
وقت هاڻ مري رهي آھي عقل جي حڪمراني قائم ٿي چڪي آھي.
مطلب
تہ دنيا مسلسل وهڪري ۾ آھي. جنهن جي ڪري خيالن فڪرن جو بہ وهڪرو جاري آھي.
افسوس اسان
وٽ حڪمران طبقا ٽي وي ريڊيو ويڪائو دانشورن ملن
جي هٿان اها پروپگينڊا ڪرائيندو رهندو آھي تہ
سيڪيولرزم
خراب آھي اسلام ۽ ٻين مذھبن جو دشمن آھي.
جهڙي
ريت هو سوشلزم ۽ ڪميونزم کي بہ اسلام دشمن
ڪافرن جو نظريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آھي.
حڪمرانن جي
اها ڪوشش ھوندي آھي تہ عوام ۽ پڙھيل
لکيل نوجوان دقيانوس سوچن ۾ ڦاٿل رهي،
هن
سماج جي مسئلن تي نہ سوچي بس اجاين
خيالي هوائي توائي ڳالهين ۾ غرتان هجي. نشي
۾ ڪريل هجي عقيدت جي خيالي خول کي سنڀاليو ويٺو هجي ڪجهہ بہ
نہ ڪري، مهانگائي
بيروزگاري غربت افلاس تي خاموش ھجي بس جيڪو بہ
ڪجهہ ٿي رهيو آھي. بغير ڪنهن سوچ ۽ تنقيد جي سڀ ڪجهہ قبول ڪري ڇڏي.
هن وقت عوام
اندر سائنسي سوچن ۽ سيڪيولرزم جو پرچار وڌ کان وڌ ڪرڻ گهرجي جيترو ماڻھو سيڪيولر ٿيندا
اوترو فهم عقل ۽ سمجهہ وارا ٿيندا
وڌيڪ سائنسي ايپروچ حاصل ڪندا. افسوس اسان
جي حڪمران طبقن ۽ انهن جي روحاني فوج عوام کي خاموش ڪرائي ڇڏيو آھي.

