تعليم انساني سماج جي ترقيءَ جو بنيادي اوزار آھي۔ ڪو بہ
معاشرو ان وقت تائين ترقيءَ جي منزل تائين نٿو پھچي، جيستائين ان جو تعليمي ڍانچو مضبوط،
منصفاڻو، ۽ سڀني طبقات لاءِ برابر موقعا مهيا ڪندڙ نہ ھجي۔ پاڪستان جھڙي ترقي پذير
ملڪ ۾، جتي سماجي ۽ معاشي تفاوت تمام گهڻي آھي، اتي تعليم بہ ان فرق جي عڪاسي ڪري ٿي۔
شھري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي وچ ۾ ھڪ وڏو تعليمي فرق موجود آھي، جيڪو نہ صرف شاگردن جي
علمي صلاحيتن تي اثر وجھي ٿو، پر سماج جي ترقيءَ ۽ معاشي سڌاري تي بہ سڌو سنئون اثرانداز
ٿئي ٿو۔
سنڌ ۾ بہ اھڙي صورتحال تمام واضع آھي۔ ڪراچي، حيدرآباد،
۽ سکر جھڙا وڏا شھر جتي جديد اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون موجود آھن، اتي تعليم جديد
طرز تي ھلي ٿي۔ پر ٻئي طرف لاڙ، ٿرپارڪر، ڪشمور، قمبر، بدين ۽ ٻين ضلعن ۾ شاگرد اڃا
تائين بنيادي سهولتن کان محروم آھن۔ نتيجي طور، ھن تعليمي تفاوت سبب ”پٺتي پيل شاگرد“
جديد شھري زندگيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۾ پاڻ کي پوئتي محسوس ڪن ٿا۔
تعليم جي اهميت ۽ ان جو سماجي ڪردار:
تعليم رڳو ڪتابي ڄاڻ نہ پر انساني شعور، شعبي ۽ ترقيءَ جو
مرڪزي ذريعو آھي۔ ھڪ تعليم يافتہ فرد سماج ۾ ذميواريءَ سان ڪردار ادا ڪري ٿو، جڏھن
تہ غير تعليم يافتہ طبقا سماجي مسئلن جو حصو بڻجن ٿا۔ تعليم جي ذريعي نہ رڳو معاشي
موقعا وڌن ٿا پر ماڻهوءَ جي سوچ، روين ۽ رويي ۾ بہ مثبت تبديلي اچي ٿي۔ سنڌ ۾ تاريخي
طور تي تعليم کي وڏي اهميت ڏني وئي آھي۔ شيخ اياز، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، ۽ ٻين علمي شخصيتن
سنڌ جي تعليم لاءِ ڪم ڪيو، پر اڄ بہ سنڌ جي ڪيترن ضلعن ۾ اسڪولن جو حال اھڙو آھي جو
شاگردن لاءِ پڙهڻ جي جاءِ، استاد، يا بجليءَ جو بندوبست بہ ناھي۔
شھري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جو تعليمي فرق:
پاڪستان ۾ تعليم جو نظام ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. شهري تعليمي
نظام ڳوٺاڻو يا پٺتي پيل علائقن جو نظام. شھري علائقن ۾ جديد پرائيويٽ اسڪول، انگريزي
ميڊيم ادارا، ۽ ڊجيٽل سکيا جو رجحان وڌي رھيو آھي۔ شاگردن کي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ليبارٽريز،
۽ تجربي تي ٻڌل سکيا ملي ٿي۔
ٻئي طرف، ڳوٺاڻن علائقن ۾ اڪثر اسڪول عمارتن کان محروم، بغير
استاد، يا صرف نام نهاد ادارا آھن۔ ھن فرق جا نتيجا تمام گهڻا سنگين آھن۔ جڏھن ڳوٺاڻا
شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ شهرن ۾ اچن ٿا، تڏهن انهن کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو
پوي ٿو:
·       
انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪمزوري
·       
ٽيڪنالاجي سان واقفيت جي کوٽ
·       
اعتماد جي گهٽتائي
·       
مقابلي ۾ پوئتي رھڻ
·       
سماجي ۽ معاشي سبب
تعليمي فرق صرف اسڪولن جي سهولتن تائين محدود ناھي، پر ان
جي پويان معاشي ۽ سماجي سبب بہ آھن۔ ڳوٺاڻن علائقن ۾ گهراڻا اڪثر غريب آھن، جيڪي ٻارن
کي اسڪول موڪلڻ بدران مزدوري يا مال پالڻ ۾ لڳائين ٿا۔ ٻارن جي تعليم کي خرچ سمجھيو
وڃي ٿو، سيڙپڪاري نہ۔
شهرن ۾ وري والدين کي تعليم جي اهميت جو وڌيڪ احساس آھي،
۽ انهن وٽ وسيلن جي کوٽ بہ نہ آھي۔ ان کان علاوہ، ڳوٺاڻن علائقن ۾ لڙڪندڙ اسڪول، غير
حاضري وارا استاد، ۽ غير فعال انتظاميا بہ تعليمي نظام کي ڪمزور ڪن ٿا۔
ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل دور جو فرق:
اڄ جو دور ”ڊجيٽل ايج“ سڏيو وڃي ٿو، جتي تعليم ٽيڪنالاجيءَ
سان ڳنڍيل آھي۔ شهرن جا شاگرد آن لائين ڪورسز، يوٽيوب، اي آءِ ٽولز، ۽ موبائل ايپس
ذريعي سکيا حاصل ڪن ٿا۔ پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ نہ انٽرنيٽ جي سهولت آھي، نہ ڊيوائسز،
۽ نہ ئي تربيت۔ نتيجي طور، جديد شهري شاگرد عالمي مقابلي لاءِ تيار ٿي رهيا آهن، جڏهن
تہ ڳوٺاڻا شاگرد پنهنجي علائقي جي محدود وسيلن ۾ رهجي وڃن ٿا۔
نفسياتي اثرات:
جڏھن پٺتي پيل علائقن جا شاگرد شھري ادارن ۾ پڙهڻ اچن ٿا،
تڏهن انهن ۾ احساسِ ڪمتري، شرم، ۽ ڊپ جا جذبا پيدا ٿين ٿا۔ اهي پاڻ کي ٻين شاگردن کان
گهٽ سمجهن ٿا، جنهن سبب انهن جي تعليمي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي۔ نفسيات جي ماهرن مطابق،
سماجي دٻاءُ، ٻوليءَ جو فرق، ۽ نئين ماحول جي ڇڪتاڻ شاگردن جي اعتماد کي ٽوڙي ڇڏين
ٿا۔
صنعتي ۽ تعليمي پاليسين جي ناڪامي:
پاڪستان جي تعليم پاليسين ۾ هميشہ شهري ترقي تي ڌيان ڏنو
ويو، پر ڳوٺاڻن علائقن جي تعليم کي نظرانداز ڪيو ويو۔ سرڪاري اسڪولن ۾ بجٽ جي کوٽ،
استادن جي غير موجودگي، ۽ احتساب جي کوٽ هن خال کي وڌايو۔ تعليم کاتي جون پاليسيون
رڳو ڪاغذن تائين محدود رهن ٿيون، نتيجي طور سنڌ جي ڪيترن ضلعن ۾ اسڪول عمارتن کان محروم،
يا ”گهوڙي اسڪول“ بڻيل آھن۔
تعليمي برابريءَ لاءِ تجويزون:
·       
استادن جي تربيت: ڳوٺاڻن استادن کي جديد طرز تعليم، ڊجيٽل سکيا، ۽ نفسياتي تربيت
ڏيڻ لازمي آھي۔
·       
انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين پهچ: هر اسڪول ۾ سولو انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر، ۽ جديد
مواد فراهم ڪيو وڃي۔
·       
تعليمي وظيفا: غريب شاگردن لاءِ وظيفا، ڪتاب، ۽ سفري سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔
·       
ماڻهن جي آگاهي: والدين ۾ تعليم جي اهميت بابت آگاهي مهم هلائجي۔
·       
ڊجيٽل اسڪول ماڊل: هر ڳوٺ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ڊجيٽل اسڪول قائم ڪيو وڃي، جتي آن
لائين سکيا ۽ جديد مضمون پڙهايا وڃن۔
سنڌ جي مستقبل لاءِ اميد:
سنڌ جا شاگرد غير معمولي صلاحيت رکن ٿا۔ ٿرپارڪر، مٺي، سجاول،
۽ قمبر جا ڪيترائي نوجوان اڄ عالمي سطح تي پڙهي رهيا آهن۔ جيڪڏهن انهن کي مناسب موقعا،
سهولتون، ۽ تربيت ڏني وڃي، تہ اهي سنڌ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪري سگهن ٿا۔ تعليم رڳو
نوڪري لاءِ نہ پر شعور، سڃاڻپ، ۽ ترقيءَ لاءِ آھي۔ جيڪڏهن سنڌ ۾ تعليمي انصاف قائم
ڪيو وڃي، تہ نہ صرف پٺتي پيل علائقا ترقي ڪندا، پر سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي ۾ بہ
نئين روح پيدا ٿيندي۔
آخرڪار، اهو چوڻ بلڪل درست آهي تہ پٺتي پيل شاگرد في الحال
جديد شهري زندگيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا، پر اهو سندن غلطي نہ، پر نظام
جي ناانصافيءَ جو نتيجو آهي۔ تعليم سڀني لاءِ هڪجهڙي ۽ منصفاڻِي هئڻ گهرجي. ڇوتہ جتي تعليم برابريءَ تي ٻڌل نہ هوندي، اتي ترقي بہ اڌوري
هوندي۔
سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي ان وقت ممڪن ٿيندي، جڏهن هر ٻار، ڀلي
هو ٿر مان هجي يا ڪراچي مان، هڪجهڙا تعليمي موقعا حاصل ڪري۔ اها ئي اصل آزادي، ۽ اها
ئي قومي ترقيءَ جي ڪنجي آھي۔

