اسانجي ملڪ
جي نوجوانن ۾ خودڪشيءَ جو رجحان ڏينهون
ڏينهن وڌي رهيو آهي، ان جا  سبب ۽ خودڪشي جي خيالن جو حل ۽ مايوسي کي مات ڏيڻ
لاءِ اسان ڪابہ
حڪمت
عملي نہ ٺاهي آهي ڇوتہ خودڪشي جا سبب (Causes of Suicide) ڪيترن ئي عنصرن
تي ٻڌل هوندا آهن۔ مثال طور: ذهني، سماجي،
جذباتي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مالي يا طبي سبب بہ
ٿي
سگهن ٿا. هتي ڪجهہ عام سبب ڏنا
ويا آهن.
1.      
ذهني صحت جا مسئلا: ڊپريشن
سڀ
کان عام سبب آهي. ماڻهو مايوسي ۽ نااميدي جي اونداهي ۾ خودڪشي کي آخري رستو سمجهن ٿا. ذهني بيماريون: اسڪيزوفرينيا،
بائي پولر ڊس آرڊر، اينگزائٽي وغيرہ. لت يا منشيات
جو استعمال، ذهن جي قابو وڃائڻ سان
خطرناڪ فيصلا وٺڻ آسان ٿي وڃي ٿو.
2.      
سماجي ۽ جذباتي سبب: تعلقات
جا مسئلا: محبت ۾ ناڪامي، طلاق، ڌار ٿيڻ، يا خاندان جي بي پرواهي. دوستن، خاندان يا
سماج کان ڌڪ لڳڻ، بلڪنگ، تذليل، يا عزت وڃائڻ، احساسِ ڪمتري يا پنهنجو قدر گهٽ سمجهڻ،
بار بار موازنہ، تنقيد، يا مسترد ٿيڻ
جي ڪري.
3.      
مالي ۽ تعليمي دٻاءُ: بيروزگاري
يا ڪاروبار جي ناڪامي، مقابلي جي دور ۾ تعليمي دٻاءُ، خاص طور نوجوانن ۾، جتي گريڊ
يا ڪيريئر جي پريشاني خودڪشي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
4.      
ٻيا سبب: خانداني دٻاءُ
يا بدسلوڪي (Abuse)، جسماني، ذهني يا جنسي، گهريلو تشدد يا غير محفوظ
ماحول، سماج طرفان رد ٿيڻ خاص طور تي LGBTQ+ فردن سان، ڪو وڏو صدمو
يا حادثو، ڪنهن عزيز جي موت، يا عزت جو نقصان.
ڪڏهن ڪڏهن مالي
مسئلا، رشتن جو ٽٽڻ، بدسلوڪي، دوستيءَ
۾ بي وفائي ۽ ٻيا سماجي مسئلا ۽ انساني رويا ڪيترن ئي جانين جي نقصان جو سبب بڻجي ويندا
آهن. ان ۾ سڀ کان اهم ڳالهہ اها آهي تہ اهڙن مسئلن تي قابو پائڻ لاءِ سندن رهنمائي
ڪرڻ وارو ڪو بہ ناهي ۽ جذبات
۾ اچي نوجوان شديد ردعمل ڏيکاريندا آهن.
تازو لمس ۾
هاسٽل مان چوٿين سال جي شاگرد عبدالله جي مليل مڙه بابت جيتوڻيڪ پوليس خودڪشي ڄاڻائي
آهي پر ان جي پيِءَ چيو آهي تہ منهجي پٽ کي ڌمڪيون بہ ملنديون هيون ۽ هن کان مسلسل پئسا بہ ڦريا/کسيا ويندا هئا۔ ائين ڪجهہ وقت اڳ لاڙڪاڻي ۾ جڏهن هاسٽل ۾ نمرتا ۽ نوشين
جهڙين شاگردياڻين جا آپگهاتي واقعا ٿيا هئا.
تڏهن
بہ انهن واقعن کي جذباتي فيصلو چئي دٻايو ويو۔
هي ڪالم لکندي خبر آئي تہ ايس پي اسلام آباد عديل اڪبر پنهنجي ئي اهلڪار کان هٿيار
کسي خودڪشي ڪري ڇڏي. عديل اڪبر پي
ايس پي سول سروس جي 46 هين ڪامن سان تعلق رکندڙ هو. هن سي ايس ايس جي 2017ع ۾ ٻيو نمبر
پوزيشن حاصل ڪئي هئي. کيس پوليس سروس
آف پاڪستان جو گروپ الاٽ ڪيو ويو هو. ايس پي عديل اڪبر، جيڪو گجرات جو رهواسي آهي،
پروموشن نہ ملڻ سبب ڊپريشن جو شڪار بہ هو.
سندس
سڀني بيچ ميٽس کي گذريل سال ايس پي جي عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي. عديل
اڪبر اهڙو قابل آفيسر هو جو هن کي 2026 ۾ آمريڪا ۾ ماسٽر پروگرام لاءِ اسڪالرشپ بہ ملي وئي. پر هو ان کان اڳ ئي هي دنيا ڇڏي
ويو. اهڙي طرح گذريل ڏينهن وري، خيرپور ضلعي ۾، هڪ عورت پنهنجن 4 ٻارن کي ماري وري
پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. واقعي کان پوءِ پاڙي جي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس جو چوڻ آهي تہ عورت جيڪا پنهنجي
مڙس جي ٻي شادي جي ڪري انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي، هوءَ جسماني طور تي پريشان هئي، سندس
گهر ۾ روزانو جهيڙو ٿيندو هو، جنهن جو اثر چئن پٽن سميت سڄي خاندان تي پيو. پوليس جو
چوڻ آهي تہ خودڪشي ڪرڻ کان اڳ، مقتول پنهنجي مڙس سان
واٽس ايپ تي پڻ پوسٽون ڪيون. جنهن ۾ عورت چيو تہ
هن
پنهنجي مڙس جي ٻي شادي جي ڪري هي انتهائي قدم کڻي رهي آهي. جڏهن
تہ ٻيو واقعو ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد علائقي
ڪوثر نيازي ڪالوني ۾ پيش آيو. جتي قرضن کان
پريشان هڪ بيروزگار پيءُ پنهنجي ٻن ڌيئرن جا گلا ڪٽي کين قتل ڪري ڇڏيو. حيدري مارڪيٽ
جي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. سندس چوڻ هو تہ
هن
پنهنجي يارهن سالن جي ۽ ڏه سالن جي ڌيئرن کي چاقو سان ڪهي ڇڏيو۔ ان جو سبب سنگين مالي
قرض ٻڌايو پيو وڃي۔
انهن ٻنهي واقعن
جي پويان ظاهري طور تي مالي پريشاني نظر اچي رهي آهي. اسلام ۾، هڪ مرد کي ٻي شادي ڪرڻ
جي اجازت آهي، پر اسان وٽ عجيب قانون آهي.
جيڪڏهن
مڙس ٻي شادي ڪري ٿو، تہ گهرو ماحول
متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن سماجي طور تي ويجها مائٽ اهڙين عورتن يا مردن سان ان معاملي کي
سلجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تہ صورتحال مثبت
رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. ساڳئي طرح، هڪ مرد جيڪو ٻي شادي ڪري ٿو، ان کي بہ سڀني حالتن تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سوچڻ
گهرجي تہ اهڙو فيصلو ڪندي نتيجا ڇا ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن
خانداني نظام مضبوط آهي، تہ مرد مردانگي
سان سڀ ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهن
ٿا۔ ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ مڙس ۽ زال جا تعلقات تمام خراب هوندا آهن، جنهن تي مرد ٻين سان
دوستي ڪندو آهي يا ٻي عورت سان شادي ڪندو آهي. ان سان تڪرار پيدا ٿيندو آهي ۽ نتيجي
۾ بحث ۽ جهڳڙا شروع ٿيندا آهن. نفسيات جي ماهرن کي بہ
اهڙن
معاملن ۾ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ طبي مرڪز جو انتظام ڪرڻ
گهرجي تہ جيئن اهي اتي وڃي انهن نفسياتي بيمارين جو
علاج ڪري سگهجي. گهريلو معاملن جي بهتري لاءِ پاڙي ۾ عورتن جي گڏجاڻيون ٿيڻ گهرجي،
جنهن ۾ عورتن جي اهڙن مسئلن تي بحث ڪري سگهجي ۽ ڪارروائي ڪري بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
اهڙي طرح مالي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهو ناراض ٿي پاڻ کي يا پنهنجي ويجهن مائٽن کي نقصان
پهچائين ٿا.
ڪراچي ۾ پيءُ
پنهنجي ڪيل ناانصافي جي ڪري ٻہ ٻارن کي ذبح
ڪري ڇڏيو. حڪومت کي پنهنجي ادارن ذريعي اهڙن ماڻهن جي زڪوات، عشر،
بيت المال ۽ ٻين فنڊن مان مالي سهائتا ڪرڻ گهرجي. مهانگائي، ڪاروبار ۽ بيروزگاري انسان
کي بيچين ڪري ڇڏي ٿي. حڪومت ۽ مذهبي ادارا اهڙن ماڻهن جي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ انهن جي
مشڪلاتن کي گهٽائي سگهن ٿا.
خودڪشي روڪڻ
لاءِ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي: سڀ کان پهريائين ذهني مرض ۾ مبتلا متاثر ماڻهو
ساڻ ڳالهائڻ، ان جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ انهن کي سمجهڻ، ذهني صحت جي
ماهر کان مدد وٺڻ، سپورٽ ڏيڻ سان گڏ تنقيد کان پاسو ڪرڻ، سان اميد ۽ رشتن کي ٻيهر مضبوط
ڪري سگهجي ٿو۔
آگاهي مهم: جيڪڏهن
توهان يا توهان جي آسپاس ڪو ماڻهو مايوس آهي، تہ
سڀ
کان پهرين ساڻس ڳالهہ ڪريو، چُپ نہ رھو.
سندس مدد ڪريو، اُميد آهي تہ زندگي بهتر
ٿي سگهي ٿي ڇو تہ
ٿورين
سختين يا مسئلن ۾ الجهي پاڻ کي مارڻ ڪنهن بہ
مسئلي
جو حل ڪونهي۔

