هيلو
عاقل فهيم پيو ڳالهايان ڇا حال آ؟
حال
بهتر آ توهان ٻڌايو ؟ عاقل
ڳالهايو.
ڀاء
عاقل اڄ ڪلھ
ڇا لکو پڙھو پيا فهيم سوال ڪيو.
ادا اڄ
ڪلھ فيسبڪ
وڏي ادبي دنيا آھي،
پنهنجي فيسبڪ تي چوويھ
ڪلاڪ گهري نظر هوندي آھي.
فهيم.ڀاء عاقل ڳالھ
صحيح آھي هن وقت ادبي تنظيمون ادبي رسالا ادبي ڪتاب سڀ ختم سمجھ ڪير پڙھڻ وارو
ڪونهي اڄ ليکڪ پنهنجي ذاتي خرڇ تي ڪتاب ڇپرائي ٿو ۽ ذاتي خرچ ڪري اعزازي ڪاپيون
پڄائي ٿو .پر پوءِ
به ڪو ڪتاب ڪونه پڙھي.
فيسبڪ
ادب ۾ وڏو انقلاب آندو آھي .
ڏسو نه
هڪ پوسٽ تي هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا لائيڪ ڪنينٽس ٿا اچن اهو هڪ وڏي ليکڪ جو ثبوت آھي.
پر ادا
فهيم جيڪي فيسبڪ تي لابيون ٺھيل آھن هڪڙا هڪڙن کي آسمان تي کڻي ٿا وڃن تعريف ۾.ٻيا
ذاتي تنقيد ۾ آسمان تان زمين تي ڦٽو ٿا ڪن اهو ادب ۾ تمام غلط ۽ادب جو وڏو نقصان
آھي.
عاقل. صحيح آھي ڪجھ مخالفن کي به بڇڙو ڪجي ته بهتر نه ته مٿي تي
چڙھي ويندا.
سوري ڀاء عاقل جنهن مقصد جي لاء ڪال ڪيم سا ڳالھ ڪرڻ وسري وئي.
پنهنجي
مخالف جميل جانيء ھينئر هڪ غزل پوسٽ ڪيو آھي .مون پنهنجي سنگت کي ڪال ۽ ميسيج ڪيو
آھي .تون به پنهنجي سنگت کي ڪال ۽ ميسيج ڪر ته مخالف سان گهٽ ناهي ڪرڻي باقي پنهجي
سنگت جي پارت اٿئي اوڪي عاقل .اوڪي فهيم ائين ئي ٿيندو.
No comments:
Post a Comment