ڪامريڊ ولاديمير ايليچ لينن: انسانيت جو ضمير ـ نثار لغاري

هن وقت بہ اهو بحث جاري آھي تہ لينن دنيا جي مروج سماج بابت جيڪو جمهوري خاڪو پيش ڪيو اهو قابل عمل آھي يا نہ لينن جي فڪري تعليمات جو مقدر فقط تاريخ جو هڪ موضوع رهندو يا تاريخ جي هن عظيم اٿل پٿل واري دور ۾ لينن جو عملي ۽ فڪري ڪردار اڃا اڀري ايندو، اهو بحث ان وقت اڃا زور پڪڙي ويو آھي جڏھن اڳئين سال آمريڪا جي صنعتي شھر سياٽل جي ميونسپل ڪميٽي جي پورهيتن جي يونين لينن جي مجسمي کي وري انهي شھر جي مرڪز ۾ نصب ڪرايو آھي اها خبر جڏھن هتي جي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي عام ٿي تہ هتي بہ ڪجهہ دوستن کي اها ڳالهہ ڏاڍي ڏکي لڳي.

دنيا ۾ ڪي ڪردار اهڙا هوندا آهن، جن جي سموري تاريخ ۾ انسانذات احسان مند هوندي آهي، اهڙي ئي شخصيت اڄ يعني 22 اپريل 1870ع تي روس جي هڪ استاد جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن کي دنيا پوءِ ولاديمير ايليچ لينن جي نالي سان سڃاڻڻ لڳي.

لينن اهو ماڻهو هو، جنهن دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اهڙي پورهيت رياست قائم ڪئي، جنهن ۾ استحصال جون سموريون صورتون ختم ڪرڻ جي ڳالهہ نہ پر عملي قدم کنيا ويا.

مروج طبقاتي نظام درحقيقت سموري دنيا ۾ ذلتن، رسواين، بربادين ۽ هر قسم جي زلتن جو نالو آهي، جتي انسان کي هڪ اعليٰ ترين شعوري وجود مان هڪ جانور جي صورت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪم فقط 24 ڪلاڪ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جو رشتو برقرار رکڻ آهي.

اهو طبقاتي نظام جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان هر انسان ان نظام جي خلاف بغاوت جو الم بلند ڪيو آهي، ڪارل مارڪس ۽ اينگلس انهيءَ ڪري ڪميونسٽ مينيفسٽو ۾ لکيو تہ انسان ذات جي سموري تاريخ درحقيقت طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آهي.

ـ 1848ع ۾ پهريون ڀيرو ٻن مفڪرن ڪارل مارڪس ۽ اينگلس هن سموري طبقاتي نظام ۽ ان جي سمورين صورتن غلام داري دور جاگيرداري ۽ سرمائيداري توڙي ان جي سامراجي صورت کي رد ڪري چيو تہ دنيا ۾، انساني معاشري ۾ جيڪا بہ خرابي آهي، اها درحقيقت انهي طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ کان سواءِ انسان ذات سکي نٿي ٿي سگهي، غربت، بک، بدحالي ۽ هر قسم جو استحصال ان صورت ۾ ختم ٿيندو، جڏهن هي طبقاتي معاشرو ختم ڪيو ويندو، هنن پهريون ڀيرو سائنسي سوشلزم جو نظريو پيش ڪيو، هنن خيالن کان اڳ ۾ ئي برطانيا، جرمني ۽ فرانس ۾ پورهيت طبقي جون تحريڪون اڳ ۾ ئي هلي رهيون هيون، تنهنڪري سوشلزم جو نظريو مقبوليت ماڻڻ لڳو ۽ اهڙي ريت روس ۾ پڻ پورهيت طبقي جي دانشور حلقن ۾ گيورگي پليخانوف ۽ ويرازا سوليچ جيڪي روس جا پهريان ڪميونسٽ هئا، انهن جي معرفت ڪارل مارڪس ۽ اينگلس جا خيال پوري روس ۾ ڦهلجي رهيا هئا.

ان وقت جي روس ۾ پڻ اسان جي ملڪ جيان سرمائيداري نظام حاوي ٿيندو پئي ويو ۽ پراڻو جاگيرداري نظام ان سان مفاهمت ڪري چڪو هو، حڪمران بادشاه زار اعظم هو جنهن جي سموري حڪومتي رياستي مشينري ڪرپٽ، پورهيت دشمن ۽ غريب دشمن هئي، مزدورن جي هڙتالن کي سختي سان ڪچليو ويندو هو، جهڙي ريت هتي ڪي اي ايس سي، پي ٽي سي ايل ۽ ڊاڪٽرن، استادن توڙي ليڊي هيلٿ ورڪرس جي هڙتالن کي طاقت جي زور تي دٻايو ويندو آهي.

اهڙين حالتن ۾ ئي روس جي شهر اوليانو فسڪ ۾ پلجي جوان ٿيندڙ ڪامريڊ لينن ۽ اهڙا ٻيا نوجوان جنم وٺن ٿا ۽ مارڪسي فڪر کان آگاه ٿين ٿا، روس ۾ ان وقت سڌي ريت سياست ڪرڻ تي پابندي هئي، ان ڪري هي مارڪسي گروپ خفيہ طور محنت جي نجات جو گروپ جوڙين ٿا، هن گروپ روس ۾ مزدورن ۽ هارين اندر وڃي کين سماج جي اصل حقيقت کان آگاه ڪرڻ لاءِ اسٽيڊي سرڪلز جو قيام عمل ۾ آندو، ان وقت هي سرڪلز خفيہ هوندا هئا، جن خلاف خفيہ پوليس هر وقت متحرڪ هوندي هئي، اهڙين ڏکين حالتن ۾ روس جي انقلابي قوتن ڪم جاري رکيو.

يورپ جي ٻي سموري سرمائيدار دنيا کي اهو گمان بہ نہ هو تہ روس ۾ قائم هي ننڍا ننڍا اسٽيڊي سرڪلز جن رشين سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي قائم ڪئي هئي، اُهي روس ۾ زار شاهي جي بادشاهت کي ڪيرائي اتي هڪ جمهوري حڪومت ۽ پوءِ هڪ سوشلسٽ حڪومت قائم ڪري وٺندا.

روس ۾ جڏهن مارڪسي اسڪول ۽ اسٽيڊي سرڪلز قائم ٿيا تہ انهن ڪامريڊ لينن ۽ اسٽالن جهڙن اعليٰ ۽ عظيم ذهنن کي پڻ جنم ڏنو، ڪيترائي دانشور ۽ مفڪر پيدا ٿيا، ميڪسم گورڪي جهڙا ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا، جن روس جي روايتي غلامي ۽ ذلت واري زندگيءَ کي رد ڪري ڇڏيو.

مارڪس ۽ اينگلس جي فڪري سلسلي کي عمليءَ طرح تخليقي انداز ۾ سمجهندي روس جي مارڪسين ڪامريڊ لينن جي اڳواڻي ۾ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو، جنهنجي خلاف اڄ بہ پروپيڳنڊا جاري آهي تہ هي هارين ۽ مزدورن جو آندل آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب درحقيقت هڪ سخت تڪڙو فيصلو هو جيڪو لينن ڪيو هو، ان ڪري اهو انقلاب 1991ع ۾ ناڪام ٿي ويو.

ـ 1917ع ۾ آيل آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب در حقيقت انهن وڏن عظيم انساني خواهشن ۽ خوابن جو آغاز ۽ پهرين وک هو جيڪا وک روس جا پورهيت کڻي چڪا هئا، ڪامريڊ عاصم آخوند موجب انقلاب بہ درحقيقت تبديلين جو اهڙو سلسلو هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن عارضي طور پوئتي بہ هٽنديون آهن تہ ڪڏهن وري وڏو ڇال ڏئي آڪٽوبر انقلاب بڻجي پونديون آهن.

ڪامريڊ لينن جا تاريخي ڪارناما:

اسين جيڪڏهن ڪامريڊ لينن جي عظيم تاريخي ڪارنامن جو ذڪر ڪريون تہ سندس انسان ذات لاءِ ڪيل خدمتون اڃا واضح ٿي وينديون.

ڪامريڊ لينن تاريخ ۾ انقلابي تاريخي عمل ۾ انقلابي پارٽي جي تصور جو خالق آهي، جنهن عملن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ زار جهڙي ظالم حڪومت جي هوندي بہ نہ فقط جمهوري انقلاب آڻي سگهجي ٿو پر هي هاري ۽ پورهيت انقلابي تنظيم جي آڌار تي سوشلسٽ انقلاب بہ برپا ڪري سگهن ٿا، اڳ ۾ مارڪس ۽ اينگلس جي خيالن بابت اهو چيو ويندو هو تہ اُهي خوبصورت خيال آهن، اُهي ڪڏهن بہ عمل ۾ نہ ايندا ۽ اهو ٿيڻ ناممڪن آهي هڪ سوشلسٽ سماج جو قيام ناممڪن آهي، لينن ۽ بالشويڪ پارٽي انهيءَ خواب ۽ خيال کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

ڪامريڊ لينن جو هڪ ٻيو عظيم ڪارنامو اهو آهي تہ هن مارڪسزم ۽ ان ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙن يعني ترميم پسندن خلاف اعلان جنگ ڪيو، هن ان وقت مارڪسزم جي ان وقت جي وڏي ٺيڪيدا ڪارل ڪائوتسڪي جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو، ڪارل ڪائوتسڪي جو خيال هو تہ هاڻ سوشلزم يا پرولتاري انقلاب ڪنهن خونريز بغاوت وسيلي نہ ايندو ۽ پرولتاريہ ڊڪٽيٽر شپ جي ضرورت بہ نہ آهي، سرمائيداري نظام آهستي آهستي ارتقا ڪري ازخود سوشلزم ۾ داخل ٿي ويندو.

ڪامريڊ لينن چيو تہ هي خطرناڪ خيال آهي، جيڪو مارڪسزم لاءِ زهر قاتل آهي، هن ڪارل ڪائوتسڪي کي مارڪسزم جو غدار ۽ ڀڳوڙو چيو.

لينن جي اها فڪري مزاحمت هئي جنهن مارڪسزم کي هڪ دفعو وري هڪ زندهہ انقلابي نظريي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ٻي صورت ۾ هي ترميم پسند ڪڏهوڪو مارڪسزم کي دفن ڪري چڪا هئا، 1991ع ۾ اُهي سڀ رد انقلابي رجحان وري موٽي آيا آهن ۽ اڄ بہ هڪ دفعو وري لينن جي فڪر سان وڙهي رهيا آهن، اها ساڳي فڪري لڙائي اڄ بہ جاري آهي.

ڪامريڊ لينن روسي انقلاب ۽ عالمي مارڪسي تحريڪ جي عظيم ڪاميابيءَ ۽ پيش قدمي کان پوءِ هڪ ڀيري چيو هو تہ مارڪسز جي عالمگير ڪاميابيءَ کان پوءِ دشمن اسان تي اندارن حملو ڪندو ۽ ترميم پسنديءَ جي صورت ۾ اهو شديد حملو هوندو، واقعي تاريخ اهو ثابت ڪيو.

قومي تحريڪن جو رهبر:

ڪامريڊ لينن سرمائيداري نظام جي سامراجيت ۾ تبديل ٿي وڃڻ کان پوءِ اهو سمجهي ورتو هو تہ انقلابي عوامي تحريڪن جو رخ هاڻ يورپ ۽ آمريڪا جي مراعت يافتہ پورهيت طبقي کان ڦري سامراج طرفان قبضي هيٺ آيل ملڪن ۽ روس جهڙن پٺتي پيل ملڪن جي پورهيت طبقي ۽ مظلوم قومن طرف مڙي ويو آهي، ان ڪري ڪامريڊ لينن جو اهو خيال هو تہ سامراج ۽ سرمائيداري نظام خلاف لڙائي درحقيقت ترقي پذير ملڪن ۽ محڪوم قومن مان ٿيندي، ان ڪري ئي ڪامريڊ لينن، ڪارل مارڪس ۽ اينگلس جي خيالن کي اڳتي وڌائيندي اهو نعرو ڏنو تہ دنيا جا پورهيت ۽ مظلم قومون هڪ ٿيو!!!!

اهڙي ريت پهريون ڀيرو هڪ ظالم قوم جي فرد ڪامريڊ لينن ۽ سندس پارٽي فن لينڊ کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري عملي طرح اهو ثابت ڪيو تہ ڪميونسٽ قومي آزادين جا امين آهن، اڄ بہ فن لينڊ جي قومي آزاديءَ جو هيرو ڪامريڊ لينن آهي.

قومن جو حق خود اراديت“ نالي ڪتاب لکي ڪامريڊ لينن قومي آزاديءَ بابت ٻڏتر جو شڪار جرمن ڪامريڊ روزا لڪسمبرگ ۽ ٽراٽسڪيءَ کي ڀرپور جواب ڏنو آهي، لينن جو خيال هو تہ اسان جيستائين سامراج خلاف ويڙه ۾ قومن جي آزاديءَ جي ڳالهہ نہ ڪنداسين ۽ سندن غير مشروط حمايت نہ ڪنداسين، ان وقت تائين عالمي سامراجيت پختي سرمائيداري نظام جي ڀيانڪ شڪل کي شڪست نہ ڏئي سگهنداسين.

ڪامريڊ لينن جو قومي سوال تي هي شاندار مقالو اڄ بہ ايترو ئي نئون ۽ قابل عمل آهي، جيترو لکجڻ مهل هو، اُهي ڪميونسٽ جيڪي اڄ قومي آزادين جي خلاف آهن يا چونڪ چناچہ ۾ قومن جي آزادي واري سوال کي ڏنڊي هڻن ٿا، انهن لاءِ ڪامريڊ لينن جو ڪتاب ڀرپور جواب آهي.

اڄ افسوس ۽ ڏک جهڙي اها ڳالهہ پڻ آهي تہ 1991ع کان پوءِ جڏهن کان ڪميونسٽ تحريڪ ڪمزور ٿي آهي. تڏهن کان هڪ طرف نہ فقط نام نهاد ڪميونسٽ پر سامراج نواز قومپرست پڻ عالمي سامراج کان آزاديءَ حاصل ڪرڻ جي ڳالهہ ڪن ٿا، هو پنهنجي قومي آزاديءَ لاءِ ايتري خام خياليءَ جو شڪار ٿين ٿا جو آمريڪا جيڪو سموري دنيا کي غلام بڻايو ويٺو آهي ان کي آزادي لاءِ اپيل ڪن ٿا ۽ مختلف بهانن سان سامراج مخالف مظلوم طبقن ۽ قومن جي لڙائي ۾سامراج جو پاسو وٺي بيهن ٿا، اهو خطرناڪ لاڙو آهي، جنهن خلاف لينني انداز ۾ ويڙه جي ضرورت آهي.

اسين اڄ جيڪا سامراجي وحشت ۽ بربريت ڏسون ٿا مالياتي سرمايي جي صورت ۾ قومن ۽ خطن توڙي پورهيتن جو استحصال ٿيندي ڏسون ٿا، ان بابت پڻ ڪامريڊ لينن ”سامراجيت سرمائيداري جي آخري منرل“ نالي ڪتاب لکي ڪيترائي سال اڳ اڄوڪين حالتن جي اڳ ڪٿي ڪئي آهي.

پارٽيءَ جو جديد تصور ڏيندڙ لينن:

مارڪس ۽ اينگلس کي فڪري پورهئي جي ڪري اهو وقت ئي نہ ملي سگهيو هو تہ هو سماج ۾ انقلابي تبديليءَ لاءِ پارٽيءَ جو تصور ڏئي سگهن، ان ڪري هنن فقط ايترو لکيو هو تہ پورهيت طبقو انقلاب آڻيندو ۽ پورهيت طبقي جي نجات سندس پنهنجو فريضو آهي، ڪامريڊ لينن ڇاڪاڻ تہ عمليءَ طرح روس ۽ پوري يورپ ۾ سرگرم رهيو هن زار شاهي جهڙي رياست ڏٺي جيڪا هڪ پوليس اسٽيٽ هئي، ان خلاف ويڙه ڪرڻ لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ان بابت عمليءَ سوال ڪامريڊ لينن اڳيان اچي ويو هو، ان ڪري ڪامريڊ لينن جو خيال هو تہ هڪ انقلابي پارٽي رياست جيان هجي يعني رياست اندر هڪ رياست هجي، تڏهن ئي اها پورهيت انقلاب ڪري سگهندي.

ٻي صورت ۾ اها حڪمران طبقن ۽ رياست جي ظلم اڳيان نہ بيهي سگهندي، لينن سياسي قيادت ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ پيشہ ور انقلابي (Professional Revolutionary) لفظ استعمال ڪيو جن جو ڪم ئي انقلاب لاءِ حالتون پيدا ڪرڻ ۽ پارٽي ٺاهڻ هجي، هو پارٽي جا ملازم هجن يعني هول ٽائيمر!!!! اڄ اسان وٽ مروج سماج ۾ پارٽيءَ جو تصور ڪهڙو آهي؟؟ ان ڪري هزارن جي ميمبر شپ رکندڙ پارٽي بہ فقط حڪمران طبقن جي معمولي جبر جو مقابلو ڪرڻ جي اهل نہ آهي، هتي انقلابي ڪم يا ڪارڪن جو ڪم فقط نعرا هڻڻ، جلسا ڪرڻ ۽ چاڪنگ تائين محدود آهي، باقي اڳتي پارٽي زندگي ڇا هوندي آهي، سماج ۾ پنهنجو اثر ڪئين وڌائجي ان بابت ڪا آگاهي ناهي هوندي، ٻيون ڌريون تہ پري خود کاٻي ڌر سان وابسطا ڌريون بہ ڪامريڊ لينن جي پارٽيءَ تصور کان اڻ واقف آهن، يا ان کان ڪن لاٽا ڪن ٿيون.

حقيقت اها آهي تہ ڪامريڊ لينن جهڙو عظيم انسان جيڪڏهن 1917ع ۾ ڪميونسٽ انقلاب آڻي سوويت پورهيت ريست قائم نہ ڪري ها تڏهن بہ سندس ڪردار فڪري طرح بلند ۽ سگهارو هو پوءِ بہ هو بطور هڪ عالم مفڪر تاريخ ۾ هميشہ زنده رهي ها!! پر هي اهو پهريون شخص هو جنهن مارڪس ۽ اينگلس جي فڪري تحريڪ کي عملي شڪل ڏني ۽ ان بنياد تي هڪ رياست قائم ڪئي انهيءَ کان پوءِ مارڪسزم ليننزم جو اصطلاح هميشہ لاءِ تاريخ جو حصو ٿي ويو.

لينن جو فڪري سبق اڄ اوترو جديد نئون ۽ نڪور آهي، جيترو 1905ع ۾ هو يا 1924ع تائين، سندس تحريرن ۽ تجزين ۽ فڪري سلسلي جي آگاهيءَ کان سواءِ اڄ نہ دنيا جا پورهيت ۽ نہ مظلوم قومون ۽ خطا آزاد حاصل ڪري سگهندا، عالمي سامراج ۽ سندس ٻولڙيا دانشور اڄ بہ لينن جي نالي کان ڊڄن ٿا ان ڪري عام رواجي ميڊيا تي ڪڏهن بہ هو هن عظيم مفڪر جو ذڪر نٿا ڪن پر مظلوم پنهنجي رهبر کي نيٺ سڃاڻيندا.


Previous Post Next Post