ھو جيڪو اُتر
سنڌ جي گرم هوائن جي علائقي سان رتوديرو سان تعلق رکندڙ سنڌ ڌرتي جو يگانو الست عاشق
شھيد بشير خان قريشي جنھن جي مٿان تاريخ وڏي ٿيڻ جي پڳ رکي ڇڏي، جيڪو سنڌ جي پڳ جو ڀرم رکندي ادب، نياز نوڙت
۽ بي لوث سان پَنهنجو قد ڪاٺ وڌيڪَ اوچو ڪري ڇڏيو،
جنھن
سبب ھُن کي سنڌ جو ھر ٻار ٻچو عزت ۽ احترام سان وڏو چئي مخاطب ٿيندو هو، ھو جيڪو لکين
ماڻهن جي ھجوم ۾ پري کان پَنھنجي سادگي ۽ سچائي سان سُڃاتو ويندو ھو ھُن وٽ ميھار جيان
ڪا بانسري ڪونہ ھئي، نہ وري ڀٽائي جيان تنبورو ھو، جو ھو اُنھن سُرن
۽ سازن سان سنڌي قوم کي گڏ ڪري، ھو سنڌ جو ڌنار ھو ڇاڪاڻ تہ هِن سنڌي قوم کي هڪ ڌڻ وانگر سنڀاليو. شھيد
بشير خان قريشي کي سنڌ جو ڌنار اُن ڪري سڏيو ويندو هو، جو هو پَنهنجي سنڌي قوم کي هڪ
ڌنار وانگر سنڀاليندو ھو، اُنهن جي رهنمائي ڪندو ۽ اُنهن کي هڪ هنڌ گڏ رکڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. سندس ڪيترائي نوجوان اھڙين خوبين کي ڏسي قومي تحريڪ سان جُڙيا ۽ پَنهنجي حقن
لاءِ آواز بُلند ڪرڻ لڳا. هِن هميشہ پرامن جدوجهد
تي زور ڏنو ۽ چيو تہ سنڌي قوم جي
آزادي علم، شعور ۽ اتحاد سان حاصل ٿيندي آهي. سندس تقريرن ۾ هڪ عجيب جادو هوندو هو،
جيڪو ٻڌندڙن جي دلين کي ڇُهي ويندو هو. هو سادي لفظن ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندو هو ۽ عام
ماڻهوءَ کي سمجهڻ جهڙو انداز اختيار ڪندو هو. هو تقريرون ضرور ڪندو هو، پر اُنهن تقريرن
۾ صرف نعرا نہ هوندا هئا،
پر سوال هوندا هئا اهڙا سوال، جيڪي هر ماڻهوءَ کي پَنهنجي اندر جهاتي پائڻ تي مجبور
ڪندا هئا. هو پڇندو هو: ”اسان ڪير آهيون؟ اسان جو حق ڇا آهي؟ ۽ اسان پَنهنجي ڌرتيءَ
لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون؟“ اُهي سوال رُڳو لفظ نہ
هئا،
پر هڪ فڪري انقلاب جي شروعات هئا.
سندس سياسي
۽ فڪري سفر جيئي سنڌ قومي محاذ ”جسقم“ نالي قومي تحريڪ سان جُڙيل رهيو، جتي هِن سنڌي
قوم جي ترجماني ڪندي قومي تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪي هڪ نئون فڪري لاڙو پيدا ڪيو. هو سائين
جي ايم سيد جي نظريي جو فڪري جو سچو وارث هو، جنهن سنڌ جي قومي سڃاڻپ کي هڪ نظرياتي
بُنياد ڏنو پاڻ عدم تشدد جي واٽ تي ھلندي سنڌي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي حامي ڀري هئي.
شھيد بشير خان قريشي اُن فڪر کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري پيرين پنڌ جھر
جھنگ نڪري نوجوانن تائين سنڌ جو پيغام ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني کي سنڌي
ماڻهن تائين پُهچايو جيڪي سنڌ جو مستقبل ھئا. هِن سنڌي ماڻهن کي پَنهنجي سڃاڻپ، ٻولي،
ثقافت ۽ تاريخ سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو. سندس نظر ۾ سنڌ صرف هڪ جاگرافيائي علائقو نہ، پر هڪ زنده تهذيب ۽ هڪ الڳ قوم هئي. هو ماڻهن
کي گڏ رکندو هو، اُنهن کي حوصلا ڏيندو هو، ۽ کين سنڌ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سيکاريندو
هو. ھو ڪنهن هڪ علائقي يا طبقي جو اڳواڻ نہ
هو،
پر سَڄي سنڌ جو اڳواڻ هو. هو هر ماڻهو کي پَنهنجو سمجهندو هو، چاهي اُهو غريب هجي يا
امير، شهري هجي يا ڳوٺاڻو ھجي. ھُن وٽ سنڌي قوم کي ڏيڻ لاءِ عزت، احترام، پيار، چميون
۽ ڀاڪر ھوندا ھئا، جيڪي نوجوان
۽ پوڙهي جي ڳل تي سنڌ جي نقشي جيان چٽجي وينديون هيون. ھو مائرون جو سھارو، نياڻين
جو فخر ۽ مظلومن جو ساٿي هو ھِن وٽ ڪا وڏي ملڪيت نہ
هئي،
نہ ئي هُن پَنهنجي زندگي ۾ دولت گڏ ڪئي ھِن
وٽ سنڌي قوم ئي ملڪيت ۽ دولت ھئي جنھن جي آڌار تي سنڌ ڌرتي جو عالمي ڪيس وڙھي پيو.
هو هڪ سادو انسان هو، جيڪو عام ماڻهن سان گڏ ويهندو هو، اُنهن سان ڳالهائيندو هو،
۽ سندن مسئلا ٻڌندو هو. سندس ڳالهائڻ جو انداز سادو پر اثرائتو هو. هو وڏن لفظن بدران
سڌيون ڳالهيون ڪندو هو، جيڪي سڌو دل تي اثر ڪنديون هيون. هو ماڻهن کي اُميد ڏيندو هو،
کين همٿائيندو هو، ۽ کين پَنهنجي حقن لاءِ بيهڻ سيکاريندو هو. ھُن کي ڏسندي ڪڏهن ڪڏهن
ائين لڳندو هو ڄڻ قديم يونان جو فلسفي سقراط سچ، سوال ۽ شعور جو علمبردار هو. جيئن
سقراط پَنهنجي يونان جي ماڻهن سماج کي جاڳائڻ لاءِ سوالن جو سهارو ورتو، ماڻهن کي سوچڻ
سيکاريو ۽ ڪوڙ ۽ منافقت کي بي نقاب ڪيو. اهڙيءَ طرح شھيد بشير خان قريشي بہ سنڌي قوم ۾ شعور جي روشني ڦهلائڻ لاءِ پنهنجي
زندگي وقف ڪري ڇڏي. هِن بہ ماڻهن کي صرف
ٻڌڻ نہ، پر سوچڻ سيکاريو.
سنڌ جو سقراط
هجڻ جو مطلب صرف علمي يا فلسفيانہ ڳالهين ڪرڻ
نہ آهي، پر سچ جي راه تي هلڻ آهي ڀلي اُن لاءِ
ڪيتري بہ تڪليف ڇو نہ سهڻي پوي. سقراط کي بہ سچ چوڻ جي سزا ملي ھئي، ۽ شھيد بشير خان
قريشي بہ سنڌ جي آزادي ۽ پَنهنجي موقف تان نہ هٽيو، کيس رياستي اداران طرفان ڪيترائي ڀيرا
قاتلاڻا حملا ڪيا ويا، گھر تي ڇاپا هنيا گرفتاريون ۽ ڌمڪيون ڇو نہ مليون ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو پر ھُن سنڌ
ڌرتيءَ جي خاطر ھر تڪليف کي مرڪندي مُنھن ڏنو. هِن هر حال ۾ سچ جو ساٿ ڏنو.
شھيد بشير خان
قريشي جو اندازِ بيان نهايت منفرد هو. هو عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندو
هو. سندس لفظن ۾ فلسفو بہ هوندو هو ۽
سادگي بہ ھئي هو پيچيدہ ڳالهين کي بہ اهڙيءَ طرح بيان ڪندو هو، جو هر عام ماڻهو
بہ اُن کي سمجهي سگهي. اُهو ئي انداز سقراط
جو بہ هو، جيڪو سادي سوالن وسيلي وڏيون حقيقتون
ظاهر ڪندو هو. سندس شخصيت ۾ هڪ خاص ڳالهہ
اُها
بہ هئي تہ
هو
پَنهنجي قومي ساٿين کي صرف پيروڪار نہ
بڻائيندو
هو، پر اُنهن کي سوچڻ جي آزادي ڏيندو هو. هو چاهيندو هو تہ هر ماڻهو پاڻ فيصلو ڪري، پاڻ سمجهي ۽ پاڻ
پنهنجي راه چونڊي. اُهو ئي حقيقي شعور آهي، جيڪو ڪنهن بہ قوم کي مضبوط بڻائي ٿو. سنڌ جي نوجوانن لاءِ
شھيد بشير خان قريشي هڪ استاد، هڪ رهنما ۽ هڪ فڪري اڳواڻ هو. هِن اُنهن کي سيکاريو
تہ تعليم، شعور ۽ سچ سان محبت ئي اصل طاقت آهي.
هِن نوجوانن کي جذباتي نعرا ڏيڻ بدران فڪري بُنيادن تي بيهڻ جي تلقين ڪئي. سندس جدوجهد
۾ اَمن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام نمايان هو. هو نفرت جي سياست کان پري رهيو هميشہ ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڳالهہ ڪئي. سندس نظر ۾ سنڌ جي آزادي صرف سياسي
مسئلو نہ، پر هڪ اخلاقي ۽ فڪري سوال بہ هو. شھيد بشير خان قريشي جي زندگي هڪ عام
زندگي نہ هئي. اُها هڪ جدوجهد هئي اهڙي جدوجهد، جنهن
۾ سڪون گهٽ ۽ طوفان وڌيڪَ هئا. هُن جڏهن قومي تحريڪ سان پَنهنجو ناتو جوڙيو، تڏهن کيس
بہ خبر هئي تہ
هي
رستو گلن سان نہ، پر ڪنڊن سان ڀريل آهي.
پر عشق ڪرڻ وارا ڪڏهن بہ رستن جي سختي
کان ناهن ڊڄندا. هِن جو عشق سنڌ سان هو اهڙو عشق، جيڪو ڪنهن محبوب سان ٿيندو آهي. هو
سنڌ کي صرف ڌرتي نہ سمجهندو هو،
پر پَنهنجي روح جو حصو سمجهندو هو. جڏهن هو ڳالهائيندو هو، تہ لڳندو هو ڄڻ ڪو عاشق پنهنجي محبوب سان پَنهنجا
راز ونڊي رهيو هجي. سندس لفظن ۾ سوز هوندو هو، هڪ اڻڪٿيل درد هوندو هو. پر هر عشق جيان،
هِن عشق ۾ بہ امتحان هئا.
شھيد بشير خان قريشي جي زندگي تڪليفن سان ڀريل هئي. کيس بار بار روڪيو ويو، دٻايو ويو،
سندس آواز کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. کيس جيلن جون اونداهيون ڏسڻيون پيون، روپوشي
واري زندگي گذارڻي پئي اڪيلائيءَ جا لمحا ڀوڳڻا پيا. گھرڀاتين ۽ سنڌي قوم کان پري رھڻو
پيو پر تنھن ھوندي بہ ھُن سائين جي
ايم سيد جي فڪر ھٿ نہ کنيو ڪيترائي
قومي تحريڪ ۾ رھندڙ ماڻھو پنھنجيون قيمتون لڳائي اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجي زر ۽ ضمير
جو سودو ڪيو پر شھيد بشير خان قريشي اُنھن سَمورن شين کان پاسيرو رھيو، هو ڪڏهن بہ مايوس ڪونہ
ٿيو
نہ ٽٽيو، نہ
جهڪيو.
ڪيترين ئي راتين ۾، جڏهن دُنيا ستل هوندي هئي، تڏهن ھو جاڳندو هو سنڌ ڌرتي لاءِ سوچيندو
هو، پَنهنجي ماڻهن لاءِ فڪر ڪندو هو. اُهي راتيون شايد تمام ڊگهيون هونديون، جن ۾ نہ ننڊ هوندي، نہ سڪون رُڳو هڪ اوسيئڙو هوندو، هڪ انتظار هوندو.
اُهو انتظار ڪنهن هڪ شخص جو نہ، پر هڪ خواب
جو هو اھڙي سنڌ جو، جتي انصاف هجي، جتي محبت هجي، جتي هر ماڻهو آزاد هجي. پر ڪُجهہ خواب اڌورا رهجي ويندا آهن، ۽ اُنهن جي اداسي
نسلن تائين پکڙجي ويندي آهي. ھو سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ ھر اُن ناانصافين لاءِ اُٿي کڙو
ٿي بيهندو ھو. ھُن جي سَموري جدوجھد جو نالو ھئي ھو ڪراچي کان ڪيٽي بندر، ڪارونجهر
کان ڪشمور تائين، سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ، وستي ۽ شهر ۾ هِن پنهنجي رهبر سنڌ سائين
جي ايم سيد جي فڪر جي پرچار ڪئي هو رُڳو مسافر نہ،
پر ماڻهن ۾ اُميد، سُجاڳي ۽ جدوجهد پيدا ڪندڙ لکين دلين جو ترجمان جو. ھو سنڌ سان ھر
اُن ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف هر مسئلي تي سندس آواز بُلند ڪندو رهيو سنڌ ۾ ڌاري
آبادڪاري، آدمشماري، ڇانوڻيون، وسيلن ڪوئلو، تيل، گيس، نوڪريون ۽ شهرن تي ڌارين ماڻهن
جو قبضو هجي تہ ھو هر محاذ
تي بي خوف بيٺو سنڌو درياءَ تي ڊئم، ذوالفقارآباد ۽ ٻيٽن جي نيلامي ۽ سنڌ دشمن منصوبي
جي خلاف بہ هِن ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ جي حقن جو دفاع
ڪيو. جڏهن سنڌ اندر جڏهن قبيلائي جهيڙا ٿيندا هئا ۽ ماڻهو هڪ ٻئي جي رَتُ جا پياسا
بڻجي ويندا هئا، تڏهن هو اَمن جو سفير بڻجي ميدان ۾ لهندو هو. هو ماڻهن کي پرچائڻ،
قرآن پاڪ، شاھ جو رسالو ۽ نياڻيون وٺي ميڙ منٿ ڪري قبيلائي جھيڙن جي نفرتن کي ختم ڪرڻ
۽ محبت جو پيغام ڏيڻ لاءِ هميشہ سڀ کان اڳڀرو
هوندو هو. هو اهڙو اڏول مسافر هو، جيڪو ڪڏهن بہ
نہ ٿڪيو، نہ
جهڪيو،
۽ سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ بيھندو رھيو. جيڪو سنڌ دشمن قوتن جي اکين ۾ ڪنڊي
جيان چڀندو ھو جنھن سبب ھُن کي ھڪ سازش تحت 7 اپريل 2012ع واري اڀاڳي راتِ ۾ ھڪ سازش
تحت سنڌ ارڏي پُٽ شھيد بشير خان قريشي ھِن رياست سقراط جيان زهر ڏئي، منصور جهڙو گونجندڙ
آواز اسان کان ھميشہ لاءِ کسي ڇڏيو.
تُنهنجي وڇوڙي کانپوءِ اڄ بہ سَڄي سنڌ روئي
رهي آهي هر ڪو تُنهنجي واپس ورڻ جون راهون تڪي رهيو آهي، پر تون اهڙي پار هليو وئين
جتان ڪوبہ بہ
موٽي
ناهي آيو سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ اڄ بہ سڏڪن ۽ ڳوڙهن
۾ آلي آهي، هر واهڻ، هر وستي، هر شهر ۽ ٻهراڙي تُنهنجي ياد ۾ اداس آهي. تون ھر اڄ توکان
جدا ٿيندي 14 سال گذري ويا آهن، پر هي 14 سال انتظار ۾ گذريا آهن هر ڏينهن ۽ هر گهڙي
اسان تُنهنجي واپس اچڻ جي اُميد جو ڏيئو ٻاري رکون ٿا تون نہ هئين، پر تُنهنجي ياد اسان سان گڏ هر پل
جيئري رهي آهي. اسان اڄ بہ تُنهنجي تصويرون
سامهون رکي توسان ڳالهيون ڪيون ٿا، پَنهنجا ڏک سور ونڊيون ٿا، ۽ تُنهنجي مسڪراهٽ ۾
پَنهنجو سڪون ڳوليون ٿا تُنهنجي غيرموجودگي باوجود، تون اسان جي دلين، سوچن ۽ احساسن
۾ زنده آهين. اڄ تُنهنجي چوڏھين ورسي تي موقعي تي اِھو وچن ورجايون ٿا تہ تُنهنجي جدوجھد، تُنهنجي عظمت کي سلام ڪيون
ٿا ۽ سنڌ جي آزادي واري تُنهنجي ڇڏيل مقصد کي پورو ڪنداسين.

