مسجد جي سامھون واري عمارت جي ٻئين منزل واري گھر
مان روڄ راڙي جو اُڀ ڏاريندڙ آواز محلي ۾ ڦھلجي رھيو ھو. بي حال شبنم جا ڊگھا ڪارا
وار وکريل ۽ بي ترتيب لڳا پيا ھئا ۽ سندس نيڻن مان نير وھي رھيا ھئا. سندس پيءُ جو
لاش گھر جي اڱڻ ۾ کٽ تي پيل ھو — رت سان رڱيل ڪپڙا، ڪٿان ڪٿان ڦاٽل. گھر جي سامھون
واري مسجد جي ڇت تي اڇي لباس ۾ چاليھن ڄمارن جو سائينءَ ڏنو بيٺو ھو — چھري تي
ڪاري ڏاڙھي، اکين ۾ سرمو، چپن تي ھلڪي مسڪراهٽ ۽ ھٿ ۾ تسبيح … ڏاڍي شائستگيءَ سان جنھن جا مڻيا سوري رھيو ھو.
چوويھن سالن جي ڪنواري شبنم کي سندس دريءَ مان
جڏھن پھريون ڀيرو سائينءَ ڏني ڏٺو ھو، تہ پنھنجون نگاهون سندس اڀريل ۽ گول ڇاتين
تي کُپائي ڇڏيون ھئائين… پوءِ تہ ھو روزانو جي بنياد تي مسجد جي ڇت تي وڃي،
سامھون واري عمارت جي ٻئين منزل واري گھر جي رھاڪو شبنم کي شڪاري نظرن سان گھايل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندو هو. شروعاتي ڏينھن ۾ شبنم کي سندس نگاھون پنھنجي جوان بدن ۾ تير
جيئان آر پار ٿيندي محسوس ٿينديون ھيون ۽ ھوءَ منھن لڪائي، مٿي تي رئو پائي دريءَ
جا طاق بند ڪري ڇڏيندي ھئي. ڪيتريون ئي گھڙيون ھوءَ اھو محسوس ڪندي ھئي تہ انھيءَ
شخص جون نظرون سندس تپيل ۽ اڻڇھيل جسم کي لڳاتار ڇھي رھيون ھجن ۽ ھوءَ حياءَ جي
ساگر ۾ ٻڏي ويندي ھئي. پر سائينءَ ڏنو تہ روز شام جو ٽيپھريءَ جي نماز کان پوءِ
سندس ديدار ڪرڻ لاءِ ڇت اچي بيھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن مسجد جي ھڪ طالب کي سڏائي، لفافي
۾ ڪجھ پيسا وجھي، ان جي ذريعي شبنم ڏانھن اماڻيندو ھو. سائينءَ ڏني کي اھو يقين ھو
تہ ڇوڪرو سندس راز ٻاھر نہ ڪڍندو… مھينو ڏيڍ گذرڻ کان پوءِ ڳاڙھن ڳلن ۽ لچڪدار چيلھ واري
شبنم بہ دريءَ وٽ اچي ساڻس اشارن جي راند ڪرڻ شروع ڪئي ھئي. جوانيءَ جي نشي ۾ ھوءَ
ڇا ڪري پئي، اھا کيس بہ ڄاڻ نہ ھئي.
ھڪ ڏينھن سائينءَ ڏني ڪاغذ تي ڪجھ لکي، ويڙھي
سيڙھي ساڳئي ڇوڪري کي ڏنو تہ ھو اھو خط شبنم تائين پھچائي. ڪاغذ جو ٽڪرو جڏھن شبنم
جي سنھڙين آڱرين وارن ھٿن ۾ پھتو تہ ھن پڙھڻ شروع ڪيو:
”منھنجي شھزادي، مونکي تہ تنھنجو نانءُ بہ خبر
ناھي. آخر مان توکي ڪھڙي نانءَ سان سڏيان؟ منھنجي شھزادي، توکي ڏسڻ کانپوءِ منھنجي جسم مان
سيسراٽ نڪري ويندا آھن، ڄڻ منھنجي جسم مان بجليءَ جو ڪرنٽ گذري ويو ھجي. مان توسان
ملڻ چاھيان ٿو. تنھنجي نرم ۽ گرم ڇاتين ۾ پناھ وٺڻ چاھيان ٿو. منھنجي شھزادي، مسجد
جي کاٻي پاسي وارو ڪمرو منھنجو آ، جتي مان پنھنجي تنھائيءَ سان رھندو آھيان. فجر
جي نماز کان اڳ گھٽي بلڪل سنسان ھوندي آھي. تون سڀاڻي گھران نڪري اتي اچ، مان
دروازي تي پنھنجون ٻانھون کولي تنھنجو استقبال ڪندس.“
ڪاغذ جي ٻئي پاسي تي نماڻي شبنم ڏڪندڙ ھٿن سان
جواب ۾ فقط ايترو لکي ٻار کي کڻايو: ”سائين مونکي بابا ڏسي وٺندو. مونکي ڀائر بہ ناھن ان
ڪري بابا ئي منھنجو ۽ امان جو خيال رکندو آهي. ان کي خبر پئي تہ مونکي اڦٽ ماري
وجھندو.“
انھيءَ کانپوءِ ٻہ ڏينھن سائينءَ ڏنو، شبنم جي
شباب کي ڏسڻ ڇت تي نہ آيو. ٽئين ڏينھن تي، جڏھن شبنم جي گھر ۾ روڄ راڙو متل ھو ۽
پراسرار روڊ اڪسيڊنٽ ۾ وڇڙي ويل شبنم جي پيءُ جو لاش گھر ۾ پيو ھو، تنھن وقت سائينءَ ڏنو
مسجد جي ڇت تي چڙھي آيو ۽ شبنم جي گھر ڏانھن نھاري، مسڪرائي رھيو ھو.
ان دردناڪ واقعي جي ٻئي ڏينھن تي، جڏھن لاش
دفنائجي چڪو ھو، سائينءَ ڏني جو خط کڻي ساڳيو ڇوڪرو شبنم وٽ آيو. ويڙھيل ڪاغذ ڏئي،
ڇوڪرو ھليو ويو. اداس دل ۽ آلين اکين سان شبنم خط پڙھڻ لڳي:
”منھنجي شھزادي، اميد آهي تہ ھاڻي توکي ڪنھن جو بہ
خوف نہ ھوندو. تنھنجي رستي جي رڪاوٽ بڻيل پٿر، ھن وقت تنھنجي اڳيان پري ڪيو ويو
آهي. پوءِ ھاڻي ڪڏھن اسان جي آشياني تي پنھنجا قدم ڀري ٿا اچو؟ منھنجو جسم اوھان
جي قربت لاءِ تڙپي رھيو آھي!“

