ايران-آمريڪا جنگبندي: پاڪستان جي مصالحتي ڪاميابي ۽ عالمي سياست جو نئون موڙ ـ ارشاد علي پنهور

عالمي سياست جي پيچيدہ منظرنامي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اعلان ڪيل 20 ڏينهن جي جنگبندي هڪ اهڙو تاريخي موڙ آهي، جنهن نہ صرف خطي پر سڄي دنيا جي سياسي فضا ۾ هڪ ٿرٿلو مچائي ڏنو آهي. هن سڄي عمل ۾ سڀ کان اهم ۽ خوش آئند پهلو پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي آهي. ڄاڻ موجب، هيءَ جنگبندي پاڪستان جي خصوصي درخواست ۽ مخلصاڻين ڪوششن جو نتيجو ئي آهي، جنهن ثابت ڪيو آهي تہ پاڪستان اڄ بہ مسلم امت ۽ عالمي امن لاءِ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.

پاڪستان جو ڪردار هڪ امن جو سفير جيان سامھون آيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان پاران ايران ۽ آمريڪا جهڙين سخت حريف طاقتن کي ميز تي آڻڻ جو غير معمولي ڪم ڪيو آهي. تاريخي طور تي پاڪستان جا ايران سان برادراڻا ۽ آمريڪا سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن. موجودہ ڇڪتاڻ دوران جڏهن پوري دنيا هڪ وڏي جنگ جي ڪناري تي بيٺي هئي، تڏهن پاڪستان پنهنجي روايتي غير جانبداري ۽ امن جي ڀائيوار واري پاليسيءَ تحت اڳتي وڌيو. پاڪستان جي هن درخواست عالمي برادري کي اهو پيغام ڏنو آهي تہ ڳالهين ذريعي وڏي ۾ وڏا تڪرار حل ڪري سگهجن ٿا. هيءَ اڳڀرائي نہ رڳو پاڪستان جي عالمي وقار ۾ اضافو ڪندي، پر خطي ۾ اسلام آباد جي اهميت کي بہ ٻيهر اجاگر ڪندي.

ايران جي شرطن کي سندس مزاحمت جي سوڀ طور ڏٺو وڃي تہ ھرگز غلط نہ ھوندو، ڇاڪاڻ تہ ايران جي دعويٰ آهي تہ آمريڪا گھٽ ۾ گھٽ سندس ڏھ اهم شرطون قبول ڪيون آهن. جن ۾: ٻيهر جنگ نہ ڪرڻ جو واعدو، آبنائي هرمز تي ايران جي ڪنٽرول جي مڃتا، يورينيم افزودگي جي حق کي تسليم ڪرڻ ۽ عالمي معاشي پابندين جو خاتمو سر فھرست آهن.

جيڪڏهن اهي دعوائون حقيقت تي ٻڌل آهن، تہ اها ايران جي ڏهاڪن کان جاري مزاحمتي پاليسي جي وڏي سفارتي سوڀ آهي. آبنائي هرمز جهڙي عالمي توانائيءَ جي شهر تي ڪنٽرول برقرار رکڻ ايران جي اسٽريٽجڪ حيثيت کي ناقابلِ تسخير بڻائي ڇڏيندو.

ساڳي جاءِ تي آمريڪا جي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکجي تہ ضرور شڪ شبا وڌن ٿا:

ڇا آمريڪا پاران وقتي طور جنگ کان پاسو ڪيو ويو آهي يا ساھي پٽڻ جو بھانو...؟

ٻئي طرف، آمريڪا جي بار بار ڊيڊ لائنز کانپوءِ هن جنگبندي تي راضي ٿيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ واشنگٽن هن وقت هڪ مڪمل جنگ جو متحمل نٿو ٿي سگهي. جديد دور جي جنگ صرف بارود تائين محدود ناهي، پر معيشت ۽ توانائيءَ جي فراهمي بہ ان سان ڳنڍيل آهي. آمريڪا شايد اهو سمجهي چڪو آهي تہ ايران سان سڌو ٽڪراءُ وچ اوڀر ۾ سندس مفادن کي مڪمل طور تباھ ڪري سگهي ٿو.

هن جنگبندي جو هڪ ٻيو اهم رخ لبنان ۾ حزب الله خلاف ڪاررواين کي روڪڻ جو مطالبو آهي. اها ڳالھ واضح ڪري ٿي تہ ايران صرف پنهنجي سرحدن جو دفاع نٿو چاهي، پر هو پوري خطي ۾ پنهنجي اثر ۽ رسوخ کي برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن بہ معاهدي تي اثرانداز ٿيڻ جي قوت رکي ٿو. اهو معاملو وچ اوڀر ۾ طاقت جي توازن کي نئين سر ترتيب ڏئي سگهي ٿو.

ھاڻي ڏسڻو آهي تہ دنيا ان مان امن جو موقعو تلاش ڪري ٿي يا طوفان کان اڳ جي خاموشي ۾ گم ٿي وڃي ٿي...؟

تنهن ڪري ئي، هن 20 ڏينهن جي جنگبندي کي مڪمل امن سمجهڻ وقت کان اڳ هوندو. هي هڪ عارضي وقفو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کي اعتماد جي فضا پيدا ڪرڻي پوندي. پاڪستان پاران ٻاريل هي امن جو ڏيئو تڏهن ٻرندو رهندو، جڏهن عالمي طاقتون سنجيدگيءَ سان سفارتڪاريءَ جو رستو اختيار ڪنديون. ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ جو خاتمو صرف ٻن ملڪن جو معاملو ناهي، پر هي عالمي امن، توانائيءَ جي فراهمي ۽ معاشي استحڪام جو سوال آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي هن مخلصانا ڪوشش کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪيو ويو تہ دنيا هڪ تباهي ڪندڙ جنگ کان بچي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ هي رڳو هڪ عارضي خاموشي تباھ ڪن ثابت ٿي سگھي ٿي جنهن پٺيان ڪو وڏو طوفان لڪل هجي.


Previous Post Next Post