بشير خان قريشي: سنڌ جي سجاڳيءَ جو اڻ وسرندڙ باب ـ ارشاد علي پنھور

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي صرف پنهنجي دور تائين محدود نہ رهيون، پر سندن فڪر، جدوجهد ۽ قربانيون ايندڙ نسلن لاءِ راھ روشن بڻجي وڃن ٿيون. بشير خان قريشي جي شخصيت پڻ اھڙي ئي هڪ اڏول، بهادر ۽ بااصول اڳواڻ واري هئي، جنهن پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ سڃاڻپ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

رتوديرو جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هن دلير نوجوان پنهنجي تعليم دوران ئي اهو محسوس ڪيو تہ سنڌ جا وسيلا تہ موجود آهن، پر انهن تي سنڌي عوام جي مالڪي ناهي. زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهندي سندس اندر جو سياسي شعور جاڳيو، جنهن کيس شاگرد سياست ڏانهن آندو.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ، هن جوان مرد پنهنجي محنت ۽ سچائي سان جلدي ئي پاڻ کي هڪ سگهاري آواز طور مڃرايو. سنڌ جي ڏاھي ۽ آزاد سنڌ جي فڪر رکڻ واري شخصيت سائين جي ايم سيد جي فڪر کان متاثر بشير خان قريشي، اڄوڪن صرف نعرا هڻندڙ اڳواڻن جيان ھرگز نہ هو، پر ھو مڪمل عملي جدوجهد تي يقين رکندو هو. جڏهن کيس جيئي سنڌ قومي محاذ جي قيادت ملي، تڏهن هن تنظيم کي نئين توانائي، نئون رخ ۽ نئون عزم ڏنو. سندس نعرو سنڌ گهري ٿي آزاديرڳو گونجندڙ لفظ ئي نہ، پر هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ احساس بڻجي سنڌ جي هر ڪنڊ تائين پهتو.

بشير خان قريشي جي سياست جو مرڪز سدائين سنڌ جا وسيلا هئا. سندس کليل لفظن ۾ چوڻ ھو تہ سنڌ جو گئس، تيل، ڪوئلو ۽ پاڻي سنڌ جا آهن ۽ انهن تي پهريون حق پڻ سنڌي قوم جو آهي. ڪالا باغ ڊيم جهڙن منصوبن خلاف سندس آواز سڀ کان وڌيڪ سگهارو رهيو. هن نہ رڳو سگھارا احتجاج ڪيا، پر سنڌي عوام ۾ شعور پڻ پيدا ڪيو تہ پنهنجي حقن لاءِ بيهڻ ئي بقا جو واحد رستو آهي.

ان سان گڏ، سندس شخصيت جو هڪ اهم پاسو امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام هو. هن سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي سنڌي سڏيو ۽ لساني، مذهبي يا ثقافتي فرقن کان مٿانهون ٿي هڪ گڏيل سڃاڻپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ جڏهن سماج ورهاست جو شڪار نظر اچي ٿو، تڏهن بشير خان قريشي جو اهو پيغام وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو. سندس جدوجهد بلڪل آسان نہ هئي، کيس ڪيترائي ڀيرا جيل وڃڻو پيو، جيلن جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون، پر هن ڪڏهن بہ پنهنجي اصولن جي سوديبازي نہ ڪئي. اهوئي سبب آهي جو هو رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نہ، پر مزاحمت جي علامت بڻجي ويو.

مارچ 2012ع جو آزادي مارچ سندس سياسي زندگيءَ جو عروج هو، جنهن ۾ لکن ماڻهن شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو تہ سنڌ جو شعور جاڳي چڪو آهي. پر ان عظيم لمحي کان ٿوري ئي عرصو پوءِ، 7 اپريل 2012ع تي سندس اوچتو ۽ پراسرار لاڏاڻو سنڌ لاءِ هڪ وڏو صدمو بڻجي سامھون آيو. اڄ بہ جڏهن سنڌ جي حقن جي ڳالھ ٿيندي آهي، تہ بشير خان قريشي جو نالو عزت، فخر ۽ جذبي سان ورتو ويندو آهي. هن جيڪو شعور ڏنو، جيڪا همت پيدا ڪئي، اها ڪنهن هڪ دور تائين محدود ناهي.

بشير خان قريشي اسان کي اهو سيکاري ويو تہ قومن جي بقا خالي نعرا هڻڻ سان نہ، پر شعور، اتحاد ۽ مسلسل جدوجهد سان ٿيندي آهي. سندس زندگي هڪ مڪمل سبق جيان آهي، هڪ تحريڪ جيان آهي، جھڙوڪ اهڙي ڏيئي جيان، جيڪو اڄ بہ سنڌ جي شعوري راهن کي روشن ڪري ويٺو آهي.


Previous Post Next Post