سنڌ جي ساهتيءَ
پرڳڻي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، اوترو سماج جي هر شعبي ۾ هتان جي رهواسين پنهنجو پاڻ
ملهايو آهي. جنهن ۾ علم، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ موسيقي جهڙا شعبه اچي وڃن ٿا. موسيقي
جي دنيا ۾ ساهتيءَ پرڳڻي جا تمام وڏا نالا جن فنون لطيفه ۾ هڪ بهترين تاريخ رقم ڪئي
آهي. جن ۾ سونا خان بلوچ، ماسٽر چندر، محمد يوسف ماڇي، استاد غلام قيوم وسطڙو ۽ ٻيا
ڪيترائي اهڙا فنڪار جن ساهتيءَ علائقي ۾ موسيقي جي بنيادي سکيا ۽ تربيت ڏني، انهيءَ
دور کان پوءِ 70 جي ڏهاڪي کان پوءِ جن فنڪارن نالو ڪمايو انهن ۾ انور حسين وسطڙو، ڦوٽو
زرداري، امام بخش زرداري، الھ داد زرداري، بخشل ماڇي ۽ جلال چانڊيو اچي وڃن ٿا.
راڳي فنڪار
جلال چانڊئي جو جنم سال 1944ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال ۾ حاجي فيض
محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان سندس وڏڙا درزڪو ڪم ڪندا هئا. سندس والد
کيس نوان جتوئي شهر ۾ هڪ درزڪي دوڪان تي درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو، پر اتي سندس
دل نه لڳي ۽ ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لڳو ۽ ٺڪريون وڄائي جهر جهنگ ۾ جهونگاريندو هو ۽ آهستي
آهستي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو سندس ڪابه تعليم نه هئي،
پر قدرتي طرح سندس ذهن جو حافظو تمام بهترين هو، سندس ذهن پختو ۽ حافظو ڪمال جو هو،
جو ڪنهن به ڪلام کي ٻه دفعا ڪير به کيس پڙهي ٻڌائيندو هو ته کيس بر زبان ياد ٿي ويندو
هو. پهريون ڪلام ڦل شهر ڀرسان مقامي ميلي ۾ ڳايائين. لڙي لنگهجان متان نظر لڳئي، تون
ٿو لڇڪين اڳئي.
هن راڳ
سرلئه جي سکيا ميرپور ماٿيلي جي راڳي فنڪار علي گل مهر کان ورتي. جيڪو ڳوٺ جاني
گبول گهوٽڪي جو رهواسي هو. ان دور ۾ ٽيپ رڪارڊر نئون نئون آيو هو ۽ جلال چانڊيو پاڻ
ميلن، ملاکڙن، شادين ۾ ڳائيندو هو ۽ سندس راڳ جا ٻڌندڙ ٽيپ رڪارڊ ڪيسٽون ڀريندا هئا
۽ هوٽلن تي پڻ سندس رڪارڊ هلندا هئا.جلال چانڊئي پنهنجو راڳ چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائڻ
شروع ڪيو. سنڌي موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ چپڙي ۽ يڪتاري جو استعمال اڪثر ڪري سنڌ جي صوفي درگاهن
تي صوفي راڳي استعمال ڪندا هئا. ان دور ۾ فقير خادم حسين، ڍول فقير، فقير عبدالغفور
۽ ٻيا يڪتاري تي ڳائي محفلن ۾ رونقون بخشيندا هئا، اهڙيءَ طرح ٻيا به ان ئي دور ۾ درگاهن،
خانقاهن ۽ اوتارن تي چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائيندا وڄائيندا هئا، جلال جي راڳي جي پهرين
ڪيسٽ پارس ڪمپنيءَ طرفان 1970ع ڌاري جاري ٿي، جيڪا شاعري افضل سولنگي جي هئي،
جلال چانڊئي
جي سنڌي راڳ ٻڌندڙن ۾ خاص طرح سنڌ جو پورهيت ڪلاس هاري ناري، مزدور بسن، ٽرڪن ۽ ٽريڪٽرن
جا ڊرائيور ڪنڊيڪٽر ۽ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ عام ماڻهون وڌيڪ رهيو آهي.
عوامي انداز
۽ عام ماڻهن جي راڳ واري ذوق کي جلال چانڊئي پورائي ڪري سنڌيءَ ۾ جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو
ته انهن ئي ميلن ملاکڙن ۾ ايندڙ هزارين ماڻهو جلال کي بيحد ٻڌڻ پسند ڪيو ۽ سندس مداح ٿي پيا. سندس چواڻي ته منهنجي مقبوليت
جو سبب مان عام ماڻهن جو عشق ۽ سور انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳايان ٿو، ان ڪري ماڻهون
پسند ڪن ٿا. هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ براهويءَ زبان ۾ پڻ ڳايو.
جلال چانڊيو
1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن لاءِ پهتو، کيس راڳ نه پر مقبوليت ڪري
پير اسحاق جان سرهندي پاس ڪيو ۽ مرحوم غلام حسين شيخ پروڊيوسر ۽ محمد انور بلوچ پروڊيوسر
جي حيثيت سان موسيقار نياز حسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا، ڪيترن ئي ماڻهن خط
لکي ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد وارن کي سندس رڪارڊ وڄائڻ کان منع ڪيو. سنڌ ۾ ڀٽائي جي فقيرن
کانپوءِ يڪتاري کي عوامي ساز جلال بنايو، جلال سينگاريل يڪتارو، سنڌي ٽوپي، شهپر، کليل
گلي جو نمونو اڳتي هلي هڪ نمونو عرف ڪٽ سڃاڻپ طور مشهور بڻجي ويا.
جلال ڪٽ يڪتارو،
جلال ڪٽ شهپر، جلال ڪٽ ٽوپي جيڪا سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي فنڪار پائين ٿا. سندس نالي پٺيان
ڪيترائي فنڪار ننڍو جلال، وڏو جلال، صفا جلال، جوڳي جلال ۽ پٽ جلال سڏرائڻ لڳا. پاڻ
ڏھ هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪڍيائين ۽ 30 کان 40 هزار ڪلام ڳايائين، هن ڪيترن ئي شاعرن
جن ۾ شاھ ڀٽائي رح، بلي شاھ، جانڻ فقير، استاد بخاري، علي حسن ٻٻر، ميهر فقير، عبدالغفار
تبسم، راشد مورائي، غلام حيدر گجو، انور قمبراڻي، دادن فقير، خوش خير محمد، سيد سليمان
شاھ، سيد علي گوهر شاھ کي پڻ ڳايو.
1999ع ڌاري کيس
اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد عظيم دائود پوٽي کيس لطيف ايوارڊ ڏنو. ان سان گڏوگڏ کيس قلندر
لعل شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ پڻ مليا. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر به فن جو مظاهرو ڪيائين،
1985ع ڌاري سندس زندگيءَ تي شاھ اسد هڪ فلم پڻ ٺاهي. ٽي شاديون ڪيائين، جنهن مان کيس
چار پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هئس.
جلال جي عام
ماڻهن واري ٻڌندڙ حلقي جو وسيع تعداد ڏسندي ڪيترن ئي ڪيسٽ ڪمپنين مالڪن فائدو ورتو
۽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر افسوس جلال جي موڪلائي وڃڻ بعد انهن ڪابه سار سنڀال
نه لڌي. جن ۾ پارس پروڊڪشن، لوڪ فنڪار پروڊڪشن، ٿر پروڊڪشن، سچل پروڊڪشن، ناز پروڊڪشن
سندس هزارين ڪلام ۽ ڪيسٽون جاري ڪيون. سڌي پڌري راڳي ڳائندو هو. جيترو ٿلهو آواز اوترو
مٿي ڳائيندو هو، ڀيروي، ڪلياڻ، تل، سورٺ، ڪوهياري، سهڻي راڻو ۽ ٻين سرن ۾ ڳايائين.
قدرت جي مڻيا رکيل هئس. جلال چانڊيو جڏهن مستقل طور ڦل شهر ۾ اچي رهيو ته ڦل شهر جي
غريب آباد محلا ۾ هڪ پلاٽ وٺي اتي پنهنجي گهر جي جڳھ ٺهرايائين ۽ گهر سامهون هڪ اوطاق
پڻ اڏايائين پاڻ چوپائي مال جو شوقين هيو ۽ سندس وٽ مختلف بهترين نسلن جون مينهون هروقت
سندس وٿاڻ تي موجود هونديون هيون ۽ کيس گهوڙن جو پڻ شروع کان شوق هيو سندس هڪ گهوڙو
ڪانگل نالي سندس جي وفات بعد به اولاد وٽ موجود هيو جلال چانڊيو سٺو راڳي هجڻ سان گڏوگڏ
هڪ بهترين يارويس انسان پڻ هيو ۽ سندس طبعيت ۾ مزاح پڻ شامل هيو ۽ هر ملندڙ سان هيٺ
جهڪي ملڻ سندس جي خاص خصوصيت هئي ۽ هرهڪ سان ملڻ بعد انهن سان ڪچهري ۾ کل ڀوڳ ۽ پنهنجائپ
ايتري ته ڏيکاريندو هيو جو اهو کيس کي پراڻو دوست سمجهندو هيو ,جلال چانڊيو هڪ همدرد
رحمدل انسان پڻ هيو ۽ پاڻ ڪيترن ئي غريب ماڻهن جي لڪ لڪوٽي ۾ مدد پڻ ڪندو هيو سندس
اوطاق تي هروقت ماڻهن خاص طور ٻاهران ايندڙن سندس جي پرستارن ۽ شهرواسين جي رش هوندي
هئي ۽ انهن کي پنهنجي مينهن جي خالص کير جنهن ۾ گلقند ملائي چانھ پياريندو هيو ۽ ٻاهران
آيل مهمانن کي وقت تي ماني پڻ کارائيندو هيو
جلال چانڊيو
ڪيترائي دفعا بيماري جي سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو، پر هن دفعي بيماري جو ڄمي مقابلو ڪيو،
پر بعد ۾ هن جي بيماري ڏانهن بي توجهي سبب سندس گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ آخر 10 جنوري
2001ع ۾ سول اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو کيس جي آخري آرام سندس اوطاق سان لڳولڳ
آهي جتي سندس مزار ۽ مزار مٿان مقبرو پڻ ٺهيل اٿس ۽ سندس مزار تي پرستار روزانه پيا
حاضري ڀريندا آهن . جلال چانڊيو جي وفات بعد سنڌي موسيقي ۾ هڪ منفرد گائڪي جي هڪ انداز
جي پڄاڻي ٿي پر ان جي باوجود جلال جي وڇوڙي سان گڏ سنڌي راڳ جي هڪ منفرد انداز جو بنياد
ٿيو. هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي جلال جي ڇڏيل ورسي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محفلون
ڪري جلال جي انداز واري راڳ کي وڌيڪ هٿي ڏني جن ۾ گل شير تيوڻو، محمد يوسف پنهور، نورل
ماڇي، دلشير تيوڻو، جڏهن ته سندس اولاد مان قلندر بخش چانڊيو ۽ دلبر چانڊيو راڳ ڳائي
سنڌي موسيقيءَ جي هن انداز کي زنده رکيو پيا اچن.
سگا ڦل شاخ
۽ سندس اولاد هر سال 10 جنوري تي ڦل شهر ۾ سندس
ورسي جي مناسبت سان مزار تي سنگ سميت چادر چاڙهي سادگي سان ملهائيندا ورسي ملهائيندا
آهن پر سنڌ ثقافت کاتي هن مهل تائين سندس ورسي ناهي ملهائي جنهن جو جلال چانڊيو ۽ سندس
پؤنئيرن کي افسوس آهي ان لاء سنڌ ثقافت کاتي وارن کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ سنڌ جي هن
سريلي آواز جي مالڪ جلال چانڊيو جي ورسي سندس مزار تي ملهائڻ گهرجي

