سنڌ ڌرتيءَ
پنهنجي ڪک مان ڪيئي انمول هيرا، جواهر، موتي، مڻيا، صوفي،
بزرگ، فقير، درويش، عاشق، معشوق ۽ سهڻا سپوت
پئي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت، وسيلن، دنگن، ننگن جي مالڪي ۽ سنڌي قوم
کي قومي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي سڄي ڄمار جدوجهد ڪندي گذاري آهي، اهڙن
ڌرتيءَ جي سچن عاشقن ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر کي سنڌ جي جهرجهنگ ۾ پهچانڻ ۾ اهم ڪردار
سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جو بہ آهي. جڏهن سنڌ
جي تاريخ، مزاحمت، عشق ۽ قومي سجاڳيءَ جو داستان لکبو، تڏهن شھيد بشير خان قريشي جو
نالو ڪنھن روشن تاري وانگر چمڪندو نظر اچي ٿو، هو رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نہ پر شھيد بشير
خان هڪ تحرڪ، هڪ جذبو، هڪ بغاوت جو نالو هو، جنھن پنھنجي وجود کي سنڌي قوم جي بقا سان
ڳنڍي ڇڏيو، هن جو هر ساھُہ، هر قدم ۽ هر لفظ سنڌي قوم جي آزاديءَ، سڃاڻپ ۽ عزت لاءِ
وقف ڪري ڇڏيو هو. شهيد بشير خان قريشي ان دور ۾ اڀريو، جڏهن سنڌي قوم اندر بي چيني،
احساس محرومي ۽ قومي سڃاڻپ جي بحران جو طوفان موجود هو. هن ان طوفان کي نہ صرف ڏٺو،
پر ان ۾ ٽپو ڏئي ان کي جدوجھد جي رخ ڏنو، سندس سياست ۽ جدوجهد ڪتابي نہ پر عملي هئي،
هو جلسن ۾، روڊن تي، جيلن ۾ ۽ قوم جي وچ ۾ بيٺل اڪليو شينھن وانگر گجگوڙ ڪندو هو. هن
جي سوچ جو مرڪز اهو هو تہ قومون صرف تقريرن سان نہ پر قربانين سان زندهہ رهنديون آهن،
هن پنھنجي زندگيءَ مان اهو سبق ڏنو تہ غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ همت، حوصلو
۽ قرباني ضروري آهي.
شهيد بشير خان
قريشي جي تقريرن ۾ هڪ انقلابي لھجو هوندو هو، جيڪو سڌو دلين تي اثر ڪندو هو، هو نرم
لفظن جو نہ، پر سچ جي سخت لھجي جو قائل هو. هن نوجوانن کي اهو سيکاريو تہ حق وٺڻا پوندا
آهن، ڏنا ناهن ويندا، پنهنجا حق ڇني وٺبا آهن.
شھيد بشير خان
قريشي بہ عشق کي جدوجھد جو بنياد بڻايو، پر اهو عشق ڌرتيءَ، قوم، حق ۽ سچ سان هو. سکر
کان ڪراچيءَ تائين پيادل مارچ سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي، جيڪو هميشہ ياد
رکيو ويندو. اهو مارچ رڳو هڪ احتجاج نہ پر هڪ انقلابي اعلان هو، اهو
اعلان ڌرتيءَ سان وفاداريءَ ۽ قومي وجود جي بقاءَ جو هو. شھيد بشير خان قريشي هن سڏ
کي صرف ٻڌو نہ پر ان تي عمل ڪيو هن پنھنجي پيرن سان تاريخ لکي، ۽ پنھنجي رت سان مزاحمت
جا باب رقم ڪيا. بشير خان قريشي نوجوانن جو اڳواڻ هو، ڇاڪاڻ تہ هو انھن جي ٻولي ڳالھائيندو
هو، انھن جي ڏک، سور، پيڙائڻ ۽ درد کي سمجھندو هو ۽ انھن کي رستو ڏيکاريندو هو، هن
نوجوانن کي غلاميءَ جي نفسيات مان ڪڍي، مزاحمت جي شعور سان روشناس ڪرايو،ان حوالي سان
ابراهيم منشي جا لفظ ياد اچن ٿا،
ھيءَ ڌرتي منهنجي
ماءُ آ، مان هن لاءِ سر بہ ڏيندس.
هيءَ شاعري
رڳو لفظ نہ پر هڪ انقلاب آهي ۽ شھيد خان بشير قريشي انھيءَ انقلاب جو سپاهي هو. شهيد
بشير خان قريشي جي زندگي قربانين سان ڀريل هئي، هن جيلون ڏٺيون، دٻاءُ برداشت ڪيو،
پر ڪڏهن بہ پنھنجي موقف تان نہ هٽيو، هو انھن اڳواڻن مان هو، جيڪي اصولن تي سوديبازي
نہ ڪندا آهن. سندس شھادت سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو صدمو هئي، پر ساڳئي وقت هڪ نئون عزم
بہ پيدا ٿيو، سندس رت سنڌ جي ڌرتيءَ کي وڌيڪ ذرخيز بڻايو مزاحمت لاءِ، جدوجھد لاءِ،
آزاديءَ لاءِ.
سنڌ جي تاريخ
۾ شاعري هميشہ انقلاب جو ذريعو رهي آهي، سنڌ جي قومي تحريڪ بہ ان روايت جو تسلسل هئي،
هن جي جدوجھد ۾ شاعري، ادب ۽ فڪر جو اهم ڪردار رهيو آهي، قومي شاعريءَ مزاحمت، اهو
ئي انڪار، اهو ئي بغاوت بشير قريشي جي جدوجھد جو مرڪز هو. شھيد بشير خان قريشي هميشہ
اهو سوال اٿاريو تہ سنڌي قوم جي سڃاڻپ ڇا آهي؟ ۽ ان کي ڪيئن بچائجي؟ هن چيو تہ جيڪڏهن
قوم پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ وساري ويھي تہ ان جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو. هن ان
حوالي سان عملي ڪم ڪيو، ثقافتي سجاڳي، سياسي شعور ۽ قومي اتحاد لاءِ.
شھيد بشير خان
قريشي جو داستان رڳو ماضي نہ پر حال ۽ مستقبل
جو بہ حصو آهي، هن جي عملي جدوجھد جو تسلسل اڄ بہ زندهہ آهي، هن جي جدوجھد اڄ بہ جاري
آهي ۽ هن جي جدوجھد اڄ بہ رهنمائي ڪري رهي آهي. هو
هڪ فرد هو پر هڪ تحريڪ بڻجي ويو هو، هڪ آواز هو، پر هڪ انقلاب بڻجي ويو. سنڌ جي ڌرتيءَ
تي اهڙا سپوت ۽ انمول هيرا صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ جڏهن پيدا ٿيندا آهن تہ تاريخ جو
رخ بدلائي ڇڏيندا آهن، سنڌ اڄ بہ سڏ ڪري رهي آ، سنڌ اڄ بہ انتظار ۾ آ، سنڌ اڄ بہ انھن
سپوتن جي ڳولا ۾ آهي، جيڪي شھيد بشير خان قريشي جي راھہ تي هلڻ پيا ۽ جيئن شيخ اياز
چيو
جيئنداسين تہ
سنڌ لاءِ، مرنداسين تہ سنڌ لاءِ
اهو ئي پيغام
آ اهو ئي انقلاب آهي اهو ئي شھيد بشير خان قريشي جو ورثو آ.اڄ بہ شهيد وڏي جو پڳدار
پٽ جسقم جو بهادر چيئرمين صنعان خان قريشي جدوجهد جي ميدان ۾ آهي، سنڌ کي آزادي ڏيارڻ
لاءِ هر وقت، هر پل جستجو ڪري رهيو آهي، ۽ اهو ڏينهن پري ناهي، جنهن ڏينهن سنڌ جي آزاديءَ
جو ڪهاڙي وارو ڳاڙهو جھنڊو گڏيل قومن جي عمارتن تي رقص ڪندو ۽ سنڌي قوم پنهنجي آزاد
وطن سنڌ ۾ ڪو سک جو ساھہ کڻي سگهندي.

