ايران ـ آمريڪا ـ اسرائيل ڇڪتاڻ ۽ ٽرمپ جي ’غير واضح‘ پاليسي ـ ارشاد علي پنھور

موجودہ عالمي منظرنامي ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ رڳو علائقائي تڪرار ناهي رهي، پر اها عالمي امن لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي. وچ اوڀر، جيڪو ڏهاڪن کان سياسي مفادن، تيل جي سياست ۽ طاقت جي راند جو مرڪز رهيو آهي، اڄ هڪ اهڙي خطرناڪ موڙ تي بيٺل آهي، جتي هڪ معمولي غلطي بہ ڪنهن وڏي عالمي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ پهلو ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي آهي، جنهن کي دفاعي ماهر غير واضح ۽ تضادن جو مجموعو قرار ڏئي رهيا آهن.

ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ دشمني ڪا نئين ڳالھ ناهي، پر تازو ان ۾ آيل شدت اڳوڻن تمام رڪارڊن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. ايران پنهنجي مزاحمتي قوتن (Proxy Forces)ذريعي خطي ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ چاهي ٿو، جڏهن تہ اسرائيل پنهنجي بقا ۽ سلامتي جي نالي تي ڪنهن بہ قسم جي خطري کي پاڙ کان پٽڻ لاءِ ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي پيو. آمريڪا، جيڪو اسرائيل جو پراڻو ۽ مضبوط ترين اتحادي آهي، هن سڄي معاملي ۾ سڌي ريت ڌر بڻيل آهي. هاڻي صورتحال رڳو بيانن تائين محدود ناهي، پر ميزائلن جي ڏي وٺ ۽ سڌي فوجي ڪارروائين تائين پهچي وئي آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جو ٻٽو رويو:

ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪمت عملي کي سمجهڻ عالمي سياسي ماهرن لاءِ هڪ چئلينج بڻيل آهي. هن جي پاليسي ۾ هڪ واضح تضاد نظر اچي ٿو. جنهن ۾  هڪ طرف ٽرمپ ايران خلاف انتهائي سخت ٻولي استعمال ڪري ٿو، کليل ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ اسرائيل جي هر فوجي قدم جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن جي اهڙي رويي مان لڳي ٿو تہ آمريڪا ڪنهن بہ وقت ايران تي وڏي چڙهائي ڪري سگهي ٿو. ٻئي طرف، ٽرمپ اوچتو اهڙا بيان بہ ڏئي ٿو جنهن ۾ جنگ کان پاسو ڪرڻ، ڳالهين جا دروازا کولڻ ۽ صورتحال کي ٺارڻ جي خواهش ظاهر ٿئي ٿي.

اهو ئي اهو ٻٽو رويو آهي جيڪو عالمي برادري کي پريشان ڪري رهيو آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ ڇا اها ٽرمپ جي ڪا سوچيل سمجهيل نفسياتي جنگ آهي يا هو پاڻ فيصلي ڪرڻ ۾ منجهيل آهي....؟

ٽرمپ جون مجبوريون ۽ حڪمت عملي:

ٽرمپ جي هن غير واضح پاليسي جي پٺيان ڪجھ اهم عوامل ڪم ڪري رهيا آهن. جھڙوڪ

آمريڪي عوام جو دٻاءُ:

آمريڪي عوام هاڻي ٻاهرين جنگين کان بيزار ٿي چڪو آهي. ماضي ۾ عراق ۽ افغانستان جي جنگين آمريڪا کي جيڪو معاشي ۽ انساني نقصان پهچايو، ان کان پوءِ عوام نئين جنگ جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 معاشي اثر:

وچ اوڀر ۾ جنگ جو مطلب آهي تيل جي قيمتن ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اضافو، جيڪو عالمي مارڪيٽ سان گڏ آمريڪي معيشت کي بہ ٻوڙي سگهي ٿو.

 جديد جنگ جا طريقا:

ٽرمپ شايد اهو سمجهي ٿو تہ اڄ جي دور ۾ جنگ رڳو بارود سان نہ، پر معاشي پابندين ۽ نفسياتي دٻاءُ سان وڙهي ويندي آهي. هو طاقت جو ڏيک ڏئي ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

نتيجن هن وقت پوري دنيا هڪ غير يقيني صورتحال مان گذري رهي آهي. جيڪڏهن اها ڇڪتاڻ وڌي وئي تہ اها رڳو ٽن ملڪن تائين محدود نہ رهندي، پر پوري دنيا کي پنهنجي وڪوڙ ۾ وٺي سگهي ٿي. ٽرمپ جي غير واضح پاليسي ڪڏهن امن جي اميد ڏياري ٿي تہ ڪڏهن جنگ جو خوف پيدا ڪري ٿي.

آخر ۾ سوال اهو ئي رهجي وڃي ٿو تہ: ڇا ٽرمپ جي هيءَ تضادن سان ڀرپور حڪمت عملي عالمي امن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويندي يا وري دنيا کي هڪ اهڙي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيندي، جنهن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نہ هوندو...؟

ان جو فيصلو وقت ئي ڪندو، پر في الحال دنيا هڪ خطرناڪ انتظار واري ڪيفيت ۾ آهي.


Previous Post Next Post