خون ۾ رڱجي ويل سنڌ جي مھمان نوازي: پورھيت عرفان جي ڏکوئيندڙ ڪهاڻي ـ قادر ملاح

سنڌ ايڏي لھو لھان لڳي پئي آھي جو ڪيترائي ھانءُ ڏاريندڙ واقعا منظر عام تي اچڻ کان اڳ ئي دٻجي ٿا وڃن۔ ان ۾ منھنجو خيال اھو بہ آھي تہ اھڙا واقعا ميڊيا تي درست انداز سان رپورٽ ئي نٿا ٿين، تنھنڪري سنڌ واسي انھن شين کان آگاھ ئي نٿا ٿين۔ اڄ مان سنڌ جي ماڻھن آڏو سنڌ جي روايتن ۽ مھمانوازيءَ جو ھڪ سچو پر ڏکوئيندڙ واقعو بيان ڪيان ٿو۔ ڳالھہ ھيئن آھي تہ 13 جولاءِ 2025 تي پورھيت عرفان گائنچي وٽ سندس ئي ڳوٺ جا ماڻھو مھمان ٿي اچن ٿا۔ عرفان ھنن جا ھٿ ڌوئاري انھن کي ماني کارائي ٿو ۽ انھن سان گڏ خوش ٿي ڳوٺ جا حوال ڪري ٿو پر ٿئي ڇا ٿو، جڏھن عرفان کان اھي موڪلائين ٿا تڏھن عرفان بہ گھر جي گھٽيءَ ۾ پھچي مس ٿو تہ کيس پويان گولين جي بُڇاڙ ڪري ان کي قتل ڪري ٿا ڇڏين۔ جڏھن حيرت، ڪاوڙ، ڏک جي انداز ۾ مالڪ جاچ ٿا ڪن تہ اُھي دھشتگرد چون ٿا ڪيترائي سال اڳ ھڪ جھيڙو ٿيو ھو۔ اسان اھو پلاند ڪيو آھي 23،24 سالن جو عرفان ان جھيڙي ۾ ڪُل ڏھن سالن جو بہ مس ھوندو ان معصوم کي ڪھڙي خبر تہ ھنن جھيڙن ۾ سڀاڻي مونکي بہ قتل ڪيو ويندو۔ عرفان جي مالڪن جو واضع چوڻ آھي تہ اسان جو ان وقت بہ اُن جھيڙي سان ڪو تعلق نہ ھو۔ ھي سراسر دھشتگردي، ناحق ۽ سفاڪي ٿي آھي۔ ھاڻ ھي سوال اسان سنڌ جي ماڻھن ڏانھن آھي تہ ڇا ھي بربريت قتل و غارت اسان جو حصو بڻجي وئي آھي؟ اسان کي ائين ڪچليو ۽ ماريو ويندو؟

عرفان جو بنيادي تعلق وارھہ سان ھيو۔ سندس مامو دلبر خان گائنچو ان کي ڪوٽڙي وٺي آيو تہ تون پنھنجو روزگار ۽ پنھنجي گھر جي ڪفالت شھر ۾ رھي ڪري چڱي طرح ڪر۔ عرفان گائنيچو گھر جو اڪيلو سھارو ھو ۔ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي اکين جو نور ھو۔ ھو انھن لاءِ اُس ۾ ٿڌي ڇانوَ جيئن ھيو۔ سندس وني ۽ ٻچڙا ھن پوري جھان ۾ اڪيلا بڻجي ويا آھن ڇو تہ سنڌ ھن ملڪ جي حڪمرانن جي خوشحالي ۽ امن واري ايجنڊائن جو حصو ئي ناھي ھا ايجنڊائن جو حصو آھي تہ ڌاڙيل ڪيئن پيدا ڪجن، سنڌ جو گيس ڪيئن چوري ڪجي، سنڌ جو پيٽرول، زمين، درياھ ڪيئن ڦرجن اھي تہ ھنن جي گڏجاڻين جي ايجنڊائن جو حصو آھن پر سنڌ جي ڪروڙين انسانن جو جياپو ۽ تحفظ ھنن وٽ ڪا بہ معنيٰ نٿو رکي جو معصوم عرفان جھڙا ماڻھو وارھہ مان رڳو ان ڪري نڪري آيا تہ شھرن ڏانھن رخ ڪنداسين تہ ڏک لھي پوندا! امان ۽ ابو ٻيھر ٻھڪي پوندا۔ ھنن کي ڪھڙي خبر تہ ھنن جي دنيا ئي اجڙي ويندي۔ سنڌ ۾ ڪيترائي عرفان ائين بي يارو مددگار ماريا پيا وڃن۔ اھو جواز ئي ھاڻ مري ويو آھي تہ سنڌ جي اتر ۾ باھ ٿي ٻري پر اھو درست ناھي پوري سنڌ ۾ باھ رتو ڇاڻ آھي اھو وارھہ ھجي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ھجي خيرپورناٿن شاھہ ھجي يا وري ڪراچي حيدرآباد ڪوٽڙي، ھُجي جڏھن قاتل جي ھٿ ۾ لرزش پيدا ٿيندي اھو اوھان کي قتل ڪري ڇڏيندو۔ سنڌ ۾ حڪمرانن، پوليس، ڌاڙيلن، سردارن، قاتلن ۽ لوفرنن جي شڪل اسان لاءِ ھڪجھڙي آھي۔ ھن معاملي تي بہ اسان ڪنھن حڪمران ڌر جي ماڻھو کي اپيل ڪرڻ مناسب نٿا سمجھون، اسان ھن ملڪ ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس ڀڳوانداس جھڙن معتبر ججن کي ڳوليون ٿا۔ ھائڪورٽ جي چيف جسٽس محترم ظفر احمد راجپوت کي گذارش ڪيون ٿا۔ ھن معاملي جو نوٽيس وٺي۔ انھن قاتلن کي گرفتار ڪرائي جن عرفان گائنيچي کي 13 جولاءِ 2025 ۾ ڪوٽڙي ضلعي ڄامشوري ۾ قتل ڪيو۔ انھن جي گرفتاري ان ڳالھہ کي ماٺو ڪندي خون جو بدلو خون۔ ھي ھڪ نئون تڪرار بيھي ويندو جيڪڏھن قانون پنھنجو ڪم ڪندو۔


Previous Post Next Post