نظر حسين ميمڻ بي لوث سماجي خدمتگار ـ خالد 'ساحل' ڪيريو

ساھتي پرڳڻي جي موري جي مٽيءَ ھر دور ۾ ھر مڪتبہ فڪر جي ناليوارين شخصيتن جنم ورتو آهي، جن علم، ادب، تاريخ، ثقافت توڙي شاعريءَ ۾ نہ فقط نمايان مقام حاصل ڪيو آهي، پر سماجي تبديليءَ شعوري جاڳرتا لاءِ بہ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. موري جي انھن سماجي خدمتگارن، سپوتن، ھڏ ڏوکي، ھمدرد، ٻين لاءِ جيئندڙ، سماجي ڪمن ۾ زندگي گذاريندڙ شخصيتن مان غلام نبي ميمڻ، اسدالله کيڙو، محمد خان سومرو، پروفيسر مظهرالدين ميمڻ، ولي محمد روشن، نذير احمد قاضي، عبدالحق ميمڻ، حاجي نثار احمد ميمڻ ۽ نظر حسين ميمڻ آھن، جن سماجي ترقيءَ ۽ شعوري جاڳرتا جي جي ميدان ۾ تاريخ رقم ڪئي آهي.

نظر حسين ميمڻ ھڪ اھڙو ڪردار آھي، جنھن زندگيءَ جو وڏو عرصو سماجي ڪمن ڪندي گذاريو آهي. ھن پاڻ پتوڙيندڙ انسان جي سماجي خدمتن تي روشني وجهڻ کان اڳ سندس مختصر حالات زندگيءَ تي ھڪ نظر وجھجي ٿي.

نظر حسين جو جنم موري شھر جي ميمڻ پاڙي ۾ 9 آگسٽ 1958ع تي ڪوڙو خان جي گھر ۾ ٿيو. ھن بنيادي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احمد شاھ، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول موري مان، انٽر مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۽ گريجوئيشن جي سند شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. نظر حسين کي ننڍي هوندي کان ئي سماجي ڪمن جو شوق رھيو آھي. ھن جي من ۾ متل مانڌاڻ، لوچ ۽ سوچ کيس شروعاتي ڏينهن ۾ ئي سک سان ويهڻ نہ ڏنو. اھڙيءَ طرح ستت ئي ھن سگا شاخ موري جي پليٽ فارم تان ڪرڪن طور سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو. اڳتي هلي ھن سال 2000ع کان سگا شاخ موري جي صدر جي حيثيت ۾ سماجي ڪم ڪري تنظيم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. وقت بہ وقت ھن سگا شاخ جي سھڪار سان صحت، تعليم ۽ ثقافت جي ترقي وٺرائڻ لاءِ مختلف سرگرمين جي ذريعي سماجي ڪم ڪيا آهن.

ھن سگا جي پليٽ فارم کان سواءِ ٻين مختلف سماجي تنظيمن جھڙوڪ؛ ينگ ميمڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن، الفلاح ويلفيئر ايسوسيئيشن، حاجي ڀليڏنو ويلفيئر ايسوسيئيشن وغيره سان واڳيل رهي پورھيتن ۽ مسڪين ماروئڙن جي ترقيءَ جا گس ھموار ڪيا آهن.

ھن سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ڪيترن ئي غريب ۽ مسڪين خاندانن جي مالي مدد، سھائتا ڪرڻ سان گڏ ڪيترن ئي غريب ماڻهن جي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جھڙا مسيحائي ڪم ڪيا آھن. ھن سماجي ڪمن جي مخصوص طريقن کي استعمال ڪندي انساني رويي ۽ سماجي نظام سان لاڳاپيل نظريات کي سماجي تبديليءَ طور سپورٽ ڪئي آهي. ھڪ منصوبہ بنديءَ تحت ھن سماجي پروگرامن کي لاڳو ڪرائي انساني ضرورتن ۽ خواھشن کي پورو ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. جن ۾ صحت، تعليم، بنيادي سهولتن، معذورن جي سنڀال،  نياڻين جي ڏاج جي فراھمي، غريب ۽ بي پھچ نوجوانن توڙي نياڻين جي سکيا لاءِ سلائي مشينن، ريڙھن جي سھولت ۽ روزگار جا موقعا مھيا ڪري ڏيڻ جھڙا ڪم شامل آهن. ھن شاگردن کي اسڪالرشپ، يونيفارم ۽ ھنري سکيا جون سهولتون فراھم ڪري سماج ۾ محتاجيءَ کان بچائڻ لاءِ دڳ سان لاتو آهي. ھلندي ڦرندي ھن شخص ڪيترن ئي ماڻھن کي دوائون وٺي ڏيڻ، مالي سھڪار، مفت ڪئمپن، علاج معالج ۽ سماجي شعور پکيڙڻ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي.

زندگيءَ ۾ ھيڻو ٿيڻ بجاءِ سدائين ھن شخص پاڻ کي ثابت قدم ۽ ويتر پختو رکيو آهي. ھن حاجي ڀليڏنو ويلفيئر ايسوسيئيشن جھڙي سماجي تنظيم کي منظم ڪرڻ، پنھنجي خوابن، سوچن ۽ نظرين کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ڪم ڪيو آهي. ھن غريب ۽ ڏتڙيل طبقي جي ماڻهن جي مدد ڪندي، راشن توڙي دوائون پھچائيندي، بنا فرق جي غريبن جي مسئلن کي پنھنجا اھنج سمجھندي گذاريو آهي. سماجي خدمتن ۾ ھن شخص پنھنجي زندگيءَ جي 40 سالن جون بھارون وقف ڪري ڏينھن رات  مسڪينن ۽ غريبن جي مدد ڪندي گذاري ڇڏيون آهن. ھن شخص جي زندگيءَ جو مقصد صرف مسڪين ۽ ڏتڙيل عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ جو سماجي خدمتن سان ھن شخص جو روح جو رشتو آهي. انسانيت جو معراج ماڻڻ لاءِ ھن شخص سدائين خاموشيءَ سان غريب، مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪري دعائون حاصل ڪيون آھن. ھن شخص ڪڏھن بہ ڪنھن جي مجبوريءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي. زندگيءَ جي تجربن ھن شخص کي گھڻو ڪجھ سيکاري ڇڏيو آهي، جو ايندڙ طوفانن جو کيس بخود بي اندازو آهي. ھن پنھنجي تجربن جي آڌار تي حڪمت عمليءَ، مستقل مزاجيءَ ۽ مسلسل جدوجھد سان سماجي تبديليءَ لاءِ لوچي ۽ سوچي رهيو آهي.

نظر حسين ميمڻ سان ڪنھن کي کڻي ڪيترائي اختلاف ڇونہ ھجن، پر ان کي ان جي سچائيءَ کي تسليم ڪرڻو ئي پوندو تہ ھن  سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، حاجي ڀليڏنو ويلفيئر ايسوسيئيشن يا ٻين سماجي تنظيمن جي پليٽ فارمن جي قيادت ۾ سماجي خدمتن عيوض جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن، سي سندس عملي جدوجھد جو نتيجو آهن. ھن شخص خلق جي خدمت کي عبادت سمجھي سماجي ڪم ڪيا آهن. ھن جي اندر جي آرزو آهي تہ نظام تبديل ٿئي. بک، بحالي، بيروزگاري، ظلم ۽ استحصال ختم ٿئي. ھر طرف امن، رواداري، برابري ۽ خوشحالي ھجي.

نظر حسين پنھنجي ڪم ۽ خدمتن کي سدائين رضاڪار طور جذبي ۽ سچائيءَ سان سر انجام ڏنو آھي. ھن ڪڏھن بہ سماجي ڪمن کي اشتھار نہ بنايو آهي. ھن شخص جو رويو ھر ڪنھن سان سدائين ھمدردي ۽ دوستن وارو رھيو آھي. کيس سگا مرڪز ۽ ٻين مختلف سماجي تنظيمن پاران خدمتن عيوض ايوارڊ ملي چڪا آهن. سنڌ جي خوشحاليءَ، آجپي ۽ پورھيت طبقي جي بھبود ۽ ڀلائيءَ جا خواب ڏسندڙ نظر حسين ميمڻ جون سماجي خدمتون ڪڏھن وسارڻ جھڙيون نہ آھن. اھڙا املھ ماڻڪ سدائين پنھنجي ڪم ۽ ڪردار عيوض ڳائجندا رھندا.


Previous Post Next Post