مغليہ دور جو هڪ مشهور لطيفو آهي تہ هڪ بادشاه جي درٻار جو سپاهي موڪل تي پنهنجي
پري جي مائٽن وٽ مھمان ٿيو. اتي صبح جو هڪ بيمار گڏه هينگڻ لڳو، جنهن جو آواز
سپاهي کي ڪنهن فارسي لفظ جهڙو محسوس ٿيو. هن خوش ٿي گهر جي مالڪ کي چيو: ”يار،
توهان جو گڏه تہ وڏو پڙهيل لکيل ٿو
لڳي، فارسيءَ ۾ ٿو هينگي! جيڪڏهن بادشاه کي خبر پئي تہ درٻار ۾ نوڪري ڏئي ڇڏيندس!“
ظاهر ۾ هي
هڪ مزاحيہ لطيفو آهي، پر حقيقت ۾ اها ٻولي، طاقت، اشرافيہ ۽ ذهني غلاميءَ تي هڪ گهري سماجي تنقيد آهي.
هي لطيفو ٻڌائي ٿو تہ جڏهن ڪنهن
سماج ۾ حڪمران طبقي جي ٻولي طاقت، عزت ۽ روزگار سان مشروط ٿي وڃي ٿي، تہ ماڻهو اصل قابليت بدران صرف ان ٻوليءَ جي لهجي
يا نقل کان متاثر ٿيڻ لڳن ٿا. گڏه ساڳيو ئي رهي ٿو، پر ”فارسي“ جهڙي آواز جي ڪري
هو قابلِ نوڪري لائق تصور ڪيو وڃي ٿو.
ٻولي ۽
نوآبادياتي ويڳاڻپ (Colonial Alienation):
مغليہ دور ۾ فارسي رڳو هڪ ٻولي نہ هئي، پر اها درٻار، حڪومت ۽ اشرافيہ جي علامت هئي. ساڳيو عمل سنڌ ۾ انگريز دور
دوران انگريزيءَ سان ورجايو ويو. انگريزن عدالت، انتظاميہ ۽ اعليٰ نوڪرين لاءِ انگريزيءَ کي لازمي قرار
ڏنو، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ثانوي حيثيت ملي. نتيجي ۾ انگريزي صرف علم جي ٻولي نہ رهي، پر طاقت جي چاٻي بڻجي وئي.
هتان ئي
سماج ۾ هڪ خطرناڪ نفسيات جنم ورتو:
حڪمران
ٻولي: طاقت، عقل، تهذيب، ۽ ترقيءَ جو معيار.
مادري
ٻولي: ”پٺتي پيل پسماندہ“ يا رڳو
ڳوٺاڻي زندگيءَ تائين محدود.
ان عمل کي
اسان ”نوآبادياتي ويڳاڻپ“ چئون ٿا، جتي انسان جو جسم پنهنجي سماج ۾ هجي ٿو پر سندس
ذهن حڪمران ٻوليءَ جي دنيا جو اسير بڻجي وڃي ٿو. اهو ائين آهي ڄڻ انسان جي شعور ۽
سندس وجود جي وچ ۾ هڪ گهري کاهي پيدا ٿي وئي هجي.
پاڪستان جي
لساني سياست ۽ استحصال:
پاڪستان جي
قيام کانپوءِ، رياستي سطح تي سنڌيءَ جي تاريخي ۽ سرڪاري حيثيت کي نظرانداز ڪندي
اردو کي واحد قومي ٻولي ۽ انگريزيءَ کي نظام جي ٻولي بڻايو ويو. هن عمل پڙهيل لکيل
اردو ڳالهائيندڙ طبقي کي تہ شهري
معشيت ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ بنا مقابلي موقعا ڏنا ، پر سنڌ جي وڏي آبادي (جيڪا سنڌي
ميڊيم هئي) معاشي ۽ سياسي طور تي پٺتي پيل بڻجي وئي.
اها صرف
ٻوليءَ جي جنگ نہ هئي، پر وسيلن جي
ورهاست ۽ سڃاڻپ جي جنگ هئي. ساڳي صورتحال اوڀر پاڪستان ۾ پيدا ٿي، جتي 1952ع ۾
بنگالي ٻوليءَ جي حق ۾ شاگردن پنهنجون جانيون ڏنيون. سنڌ ۾ بہ 1972ع جي ٻولي تحريڪ اصل ۾ اهو سوال هو تہ ڇا سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ تي عزت واري
حيثيت حاصل ڪندي يا نہ؟
موجودہ چئلينج: لساني هجيموني (Hegemony):
اڄ بہ جڏهن اسان وڏن شهرن جي نجي اسڪولن، آفيسن يا
مدرسن ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جي بيجا هڪ هٽي ڏسنداسين، تہ اها ساڳي ”ذهني غلامي“ محسوس ٿئي ٿي. سنڌ جي
عوام سان انهن جي پنهنجي ڌرتيءَ تي زوريءَ ٻي ٻولي استعمال ڪرڻ جي ذهنيت دراصل هڪ
ساختي (Structural) دشمني آهي، جيڪا مقامي شعور کي دٻائڻ جي ڪوشش
ڪري ٿي.
نتيجو:
ٻولي علم آهي يا هٿيار؟
هن سڄي بحث
مان اها حقيقت سامهون اچي ٿي تہ ٻولي رڳو
ڳالهائڻ جو اوزار ناهي، پر اها طاقت، شعور ۽ سڃاڻپ سان ڳنڍيل آهي. ان تنقيد جو
مقصد ڪنهن بہ ٻوليءَ (اردو،
انگريزي يا فارسي) سان نفرت ناهي، ڇاڪاڻ تہ
هر ٻولي علم جو خزانو آهي.
اصل سوال
هي آهي:
ڇا ٻولي
ماڻهن کي علم سان ڳنڍي ٿي؟
يا اها
ماڻهن کي پنهنجي سڃاڻپ کان بيزار ڪري ذهني غلام بڻائي ٿي؟
ڪنهن بہ سماج جي حقيقي ترقي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھي ٿي،
جڏهن مادري ٻولين کي عزت ملندي، جديد علم کي مقامي ٻولين ۾ منتقل ڪيو ويندو، ۽
ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ تخليق ڪرڻ جي آزادي حاصل ڪندا. ٻوليءَ جي
آزادي انسان جي ذهني ۽ سماجي آزادي سان جڙيل اھم ۽ ضروري پاسو آهي.

