اَمن جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيل قبيلائي جھيڙا! ـ عامر انصاري

سنڌ، جيڪا صدين کان اَمن، محبت، رواداري ۽ صوفي ازم جي ڌرتي سڏبي آئي آهي، جتي درياءَ جهڙي روانيءَ سان انسانيت جا رشتا وهندا رهيا آهن، جتي اوطاقون صرف ويهڻ جا هنڌ نہ پر محبت، مهمان نوازي ۽ فيصلي جا مرڪز هونديون هيون، اُتي اڄ بدقسمتيءَ سان قبيلائي جھيڙن جو ٻرندڙ دونهون هر طرف پکڙجي رهيو آهي. اُهو دونهون صرف هوا کي نہ پر دلين کي بہ زهريلو ۽ خراب ڪري رهيو آهي. سنڌ جيڪا ڪڏهن ”اَمن جي ڌرتي“ هئي، اڄ ڪيترن علائقن ۾ خوف، بدامني ۽ انتقام جي وَرِ چڙهيل نظر اچي ٿي. اُهو اَمن جيڪو ڪڏهن سنڌ جي سڃاڻپ هو، اڄ صرف ڪتابن ۽ لفظن تائين محدود ٿي ويو آهي. اڄ جي سنڌ جو منظر بدلجي چُڪو آهي. جتي ڪڏهن اوطاقن ۾ چانهہ جي پيالن سان گڏ فيصلا ٿيندا هئا، جتي وڏڙا صلح ۽ اَمن جون ڳالهيون ڪندا هئا، اُتي هاڻي بندوقن جا ڌماڪا گولين جا آواز ۽ رَتُ جا داغ عام ٿي ويا آهن. سنڌ جي روايتن جو مرڪز بڻيل ڳوٺ، جيڪي ڪڏهن گلاب، رابيل، موتيو، چنبيلي ۽ نرگس جي خوشبوئن سان مھڪندا ھئا جتي کجين، زيتونن، انبن، ڦارون، ڏاڙهن، چَڪن ۽ توتن جي وڻن ۾ پکي مٺڙيون ٻوليون ٻوليندا ھئا ماڻهن جي ميڙاڪن، ڪچھرين ۽ کلڻ جي آوازن سان ڳوٺ گونجندا هئا، اڄ اُهي ئي ڳوٺ ويرانين، خاموشين ۽ خوف جي ساهن ۾ گم ٿي ويا آهن. اَمن جي اُڏام ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺل هٿ سان ڇني وئي آهي، ۽ هر طرف هڪ اونداهي ڇانيل آهي. ماڻهو هڪ ٻئي کان خوف کائين ٿا، پاڙيسري پاڙيسري کان شڪ ڪرڻ لڳا آهن، ۽ اعتماد جي جاءِ تي شڪ ۽ بدگماني اچي بيٺي آهي. قبيلائي جھيڙن جو سڀ کان وڏو نقصان اُهو آهي تہ اُهو صرف فردن کي نہ پر پُوري خاندانن، نسلن ۽ ڳوٺن کي پَنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ٿو. هڪ معمولي تڪرار، جيڪو ڪڏهن زمين، پاڻي، عزت يا رشتن جي غلط فهمي مان شروع ٿئي ٿو، اُهو آھستي آھستي نفرت جي اهڙي باه بڻجي وڃي ٿو، جيڪا سَڀ ڪُجهہ ساڙي ڇڏي ٿي. ڪنهن عورت جو وَرُ وڃي ٿو، ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ جدا ٿي وڃي ٿو، ڪنهن ماءُ جو نوجوان پٽ هميشہ لاءِ ماٺ ميٺ ۾ جهان مان هليو وڃي ٿو، ۽ ڪنهن جي گهر جي ڇت هميشہ لاءِ خالي ٿي وڃي ٿي. گهرن جا در ويران ٿي وڃن ٿا، اُميدن جا ڏيئا وسامي وڃن ٿا، ۽ ماءُ جون اکيون هر وقت اشڪبار رهن ٿيون. اهڙي ماءُ جيڪا هر صبح در تي بيهي پٽ جي واپسي جو انتظار ڪري ٿي، پر اُهو پٽ ڪڏهن بہ واپس نٿو اچي. قبيلائي جھيڙن جي هڪ انتهائي دردناڪ ۽ لڪل سچ اُهو آهي تہ اُهي انسانيت جا بُنياد ئي ڊاهي تباھ ڪري ڇڏين ٿا. انسانيت جي جاءِ تي انتقام اچي وڃي ٿو، محبت جي جاءِ تي نفرت، ۽ انصاف جي جاءِ تي طاقت جو راڄ قائم ٿي وڃي ٿو. هڪ جھيڙو صرف موت نہ پر ذهني، سماجي ۽ اخلاقي زوال جو سبب بڻجي ٿو. ماڻهو جي سوچ محدود ٿي وڃي ٿي، هو هر ڳالهہ کي دشمني جي نظر سان ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ اهڙي طرح سڄو سماج آھستي آھستي ٽٽي پوي ٿو. سنڌ جي هِن صُورتحال ۾ سَڀ کان وڌيڪَ ڏُکائيندڙ ڳالهہ اُها آهي تہ قبيلائي جھيڙن ۾ ھٿ ٺوڪيون فرسودہ رسمون جوڙي اسان جي سماج ۾ سڱاوتي تڪرارن جي آڙ ۾ نياڻين کي بہ هڪ ھٿيار بڻايو پيو وڃي. جيڪا عورت عزت، محبت ۽ ماءُ جي علامت آهي، اُن کي بدلي، سودي ۽ فيصلن جي ڀيٽ ۾ آندو وڃي ٿو. اُهو عمل نہ صرف انسانيت جي توهين آهي پر سنڌ جي روايتي اخلاقي قدرن جي بہ بيحرمتي آهي. نياڻين جي زندگين سان کيڏڻ، اُنهن کي جهيڙن جي حل طور استعمال ڪرڻ، هڪ اهڙو ناسور آهي جيڪو سماج کي اندر ئي اندر کائي رهيو آهي. جڏهن عورت جي عزت محفوظ نہ هجي، تڏهن سماج ڪڏهن بہ صحتمند نٿو رهي سگهي. قبيلائي جھيڙا صرف قتل ۽ خونريزي تائين محدود نہ هوندا آهن، پر اُنهن جو اثر سماج جي هر شعبي تي پوي ٿو. جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ جھيڙو شروع ٿئي ٿو تہ سڀ کان پهريان زندگي جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي. بازارون ويران ٿي وڃن ٿيون، دڪاندار پَنهنجا دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، ۽ ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. ٻار جيڪي اسڪول وڃڻ گهرجن، اُهي خوف جي ڪري تعليم کان محروم ٿي وڃن ٿا. استاد بہ غير محفوظ ٿي وڃن ٿا، ۽ تعليم جو نظام ٽٽي پوي ٿو. عورتون علاج ۽ صحت جي سهولتن تائين پُهچ نہ ٿيون حاصل ڪري سگهن. اسپتالون پري هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو وقت تي علاج نہ ملڻ ڪري زندگي وڃائي ويهن ٿا. اهڙي ريت سماج آھستي آھستي هڪ بيجان جسم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. جنھن سبب لڏپلاڻ هِن جھيڙن جو هڪ وڏو سبب بڻجي وڃي ٿو. جڏهن ماڻهو پَنهنجو پاڻ کي زمين تي محفوظ نٿا سمجهن، تڏهن هو پَنهنجا اباڻا گهر، پَنهنجا ڳوٺ، پَنهنجون مٽيءَ سان ڳنڍيل يادون ڇڏي ٻئي هنڌ وڃڻ تي مجبور ٿين ٿا. اُهو لڏپلاڻ صرف جسماني نہ پر جذباتي بہ هوندو آهي. ماڻهو پَنهنجن ڳوٺن کي روئي الوداع چوندي، پَنهنجن ابن، ڏاڏن ۽ وڏڙن جي قبرن کان جدا ٿين ٿا، ۽ هڪ نامعلوم مستقبل جي طرف هليا وڃن ٿا. جتي هو وڃن ٿا اُتي بہ بيچيني ۽ غربت اُنهن جو پيڇو نٿي ڇڏي. هي درد لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ تہ هي صرف لڏپلاڻ نہ پر هڪ مڪمل زندگي جو ٽٽڻ آهي. سنڌ جي هِن دردناڪ صُورتحال ۾ لطيف سائين جو پيغام اڄ بہ رهنمائي ڪري ٿو. هو چوي ٿو تہ انسانيت ۾ ئي نجات آهي، محبت ۾ ئي بقا آهي، ۽ نفرت ۾ صرف تباهي آهي. سندس شاھ جو رسالو اسان کي اُهو سبق ڏئي ٿو تہ ”صلح سڀني کان بهتر آهي“ ۽ انسان کي انسان سان جوڙڻ ئي اصل عبادت آهي. اهڙيءَ طرح سچل سرمست بہ پَنهنجي شاعريءَ ۾ انسانيت، محبت ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿو. هو چوي ٿو تہ انسان کي پَنهنجي اندر جي نفرت ختم ڪري، سچائي ۽ محبت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان لطيف ۽ سچل جي پيغام کي سمجهون تہ شايد سنڌ ٻيهر اَمن جو گهوارو بڻجي سگهي. پر افسوس جو اسان اُنهن صوفين جي پيغام کي صرف ڪتابن ۽ مزارن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. اُنھن حقيقي فڪر کي سمجهيو آھي جنھن ڪري عملي زندگي ۾ اسان نفرت، بدلي ۽ طاقت جي جنگ ۾ الجهي ويا آهيون. وڏيرا شاهي، ذاتي مفادن ۽ سياسي مداخلتن قبيلائي جھيڙن کي وڌيڪَ وڌائي ڇڏيو آهي. جتي صلح ٿيڻ گهرجي، اُتي دشمني کي هوا ڏني وڃي ٿي. جتي زخمن تي مرهم رکڻ گهرجي، اُتي لوڻ ٻريو وڃي ٿو. نتيجي ۾ اَمن ڪمزور ۽ نفرت طاقتور ٿيندي وڃي ٿي. اهڙي صُورتحال ۾ سڀ کان وڏو سوال اُهو آهي تہ آخر هي سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ڇا سنڌ هميشہ اهڙي ئي بدامنيءَ جي وَرِ چڙهيل رهندي؟ ڇا اسان جا ٻار هميشہ خوف ۾ زندگي گذاريندا؟ ڇا ايندڙ نسل بہ ساڳي نفرت جي ورثي کي کڻي هلندا؟ اُنهن سوالن جا جواب اسان سڀني وٽ آهن، پر عمل جي کوٽ آهي. ضرورت اُن ڳالهہ جي آهي تہ سماج جا سڀ طبقا گڏجي اڳتي اچن. علمي، سماجي، مذھبي ۽ سياسي ادارن کي پَنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اوطاقن کي ٻيهر صلح ۽ فيصلي جا مرڪز بڻائڻو پوندو، جتي نفرت نہ پر محبت جون ڳالهيون ٿين. نوجوان نسل کي شعور ڏيڻو پوندو تہ جھيڙو ڪنهن بہ مسئلي جو حل ناهي. قانون جي حڪمراني کي مضبوط ڪرڻو پوندو تہ جيئن انصاف هر ڪنهن کي بروقت ملي سگهي. ميڊيا، سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاه وندن کي بہ اَمن جو پيغام عام ڪرڻو پوندو. نفرت کي هٿي ڏيڻ بدران رواداري، سھپ، برداشت ۽ گڏيل هم آهنگي کي وڌائڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اڄ بہ پاڻ کي نہ سنڀاليوسين تہ سنڌ جي ڳوٺن جا آخري نشان بہ مٽجي ويندا. وسنديون رُڳو يادون بڻجي رهجي وينديون، ۽ ماڻهو صرف تاريخن ۾ ڳوليان ويندا. سنڌ جي ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي، اُها رَتُ ۽ بارود جي ڌرتي نہ هجڻ گهرجي. هي ڌرتي لاکيڻي لطيف جي لات، سچل سرمست جي سچائي ۽ انسانيت جي خوشبو سان مهڪڻ گهرجي، نہ قبيلائي جھيڙن جي ڌوڙ سان نہ جيڪا خوشين کي کائي وئي آهي. هي ڌرتي اَمن، محبت، ڀائيچاري، رواداري، برداشت ۽ سھپ جي علامت هجڻ گهرجي، نہ نفرت ۽ انتقام جي ھجڻ گھرجي. جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي اَمن، محبت، برداشت ڀائيچاري ۽ رواداري، برداشت ۽ سھپ جو رستو اختيار نہ ڪيو تہ پوءِ تاريخ اسان کي ڪڏهن بہ معاف نہ ڪندي. سنڌ جي هر ماءُ، هر ڀيڻ، هر پيءُ ۽ هر نوجوان جي اکين ۾ جيڪي ڳوڙها آهن، اُهي اسان سڀني لاءِ هڪ سوال آهن تہ آخر اسان ڪڏهن جاڳنداسين؟ ۽ ڇا اسان واقعي پَنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ اَمن واري سنڌ ڇڏي سگهنداسين يا نہ؟ جيڪڏهن اڄ بہ اسان نفرت جا هٿ نہ روڪيا، بندوقن کي خاموش نہ ڪرايو ۽ دلين کي پاڻ ۾ نہ جوڙيو، تہ پوءِ سڀاڻي اسان جا شھر، ڳوٺ صرف ويراني جا نشان رهجي ويندا، اوطاقون خاموش ٿي وينديون ۽ انسانيت جو نالو صرف ڪتابن ۾ رهجي ويندو. اچو تہ اڄ ئي عزم ڪريون تہ نفرت بدران محبت، جھيڙي بدران صلح ۽ انتقام بدران برداشت کي چونڊيو، ڇو تہ زندھ قومون پَنهنجو مستقبل پاڻ سنوارينديون آهن جيڪڏهن ائين نہ ڪيو تہ تاريخ کين وساري ڇڏيندي آهي.


Previous Post Next Post