زندگيءَ جو
فلسفو هميشہ کان انسان لاءِ
هڪ ڳجهي ۽ ڏکي ڳجهارت رهيو آهي۔ هر دؤر ۾ ماڻهو سوچيندو آيو آهي تہ آخر زندگي ڇا آهي؟!!۔
صوفي چون ٿا
تہ هيءَ
زندگي
هڪ امتحان آ، سالڪ چون ٿا تہ هيءَ زندگي خواب مثل آهي، سانئس چوي ٿي تہ زندگي وقت، ساهن جي اچ وڃ، دل جي ڌڙڪڻ ۽
تحرڪ جو نالو آهي۔ ڪي وري چون ٿا تہ وقت سامونڊي
وير مثل آهي، ڪي چون ٿا تہ هيءَ زندگي چئن ڏينهن جي چانڊوڪيءَ مثل آهي، مذهب چوي ٿو تہ هيءَ
زندگي
الله پاڪ سان ڪيل قالو بلا واري قول تي قائم رهڻ جو نالو آهي۔ ڪنهن جي خيال ۾ حقيقي
خواب جي تعبير کي حاصل ڪرڻ ئي زندگي آهي۔ خوشي، غم، محبت، وهم، ساڙ، سچ، ڪوڙ انهن سڀني
جي بيشمار گهڙين مان گذري ڪري ئي ماڻهو پنهنجي وجود کي سڃاڻي سگهي ٿو۔ زندگي ڏکن سکن،
غمن ۽ خوشين جي مالها مثل آهي۔ شاعر پريم جو هي شعر زندگيءَ جي سڀ کان گهري حقيقت کي
نهايت سادگيءَ سان بيان ڪري ٿو۔
سمجهڻ ڏکيو
آ، زندگيءَ جو فلسفو، ڇو تہ زندگي ڪنهن
ڪتاب جو باب ناهي، جيڪو هڪ ڀيري پڙهجي تہ
سمجهہ ۾ اچي وڃي، پر اها هڪ ڊگهي سفر جي ڏينهن ۽ راتن
جو لکجندڙ داستان آهي۔ ڪي ڏاها وري چون ٿا تہ:
جر جي ڦوٽي
وانگي جيون،
خواب مثل آ،
سارو جوڀن۔
پر زندگيءَ
کي سمجهڻ ڪو مشڪل يا ڪا حادثاتي يا اتفاقي ڳالهہ
بہ ناهي، بلڪہ
اها
اسان جي احساسن، تجربن ۽ اميدن جي جهنگل ۾ ورهائجڻ سان پيدا ٿيندڙ پيچيدگي آهي۔ هر
موڙ تي ڪا نہ ڪا آزمائش،
ڪو نہ ڪو سوال، ڪو نہ ڪو سور، ڪا نہ ڪا خبر، جنهن سان انسان کي پاڻ سڃاڻڻ، پاڻ
سان وڙهڻ ۽ پاڻ کي سمجهڻ تي مجبور ڪري ڇڏين
ٿا۔ زندگيءَ جو فلسفو ان وقت بہ اڌورو رهي ٿو، جڏهن ماڻهو سمجهي ٿو تہ هاڻي سڀ ڪجهہ ڄاڻي چڪو آهيان، ڇو تہ مان هاڻي تجربيڪار ٿي چڪو آهيان ڇاڪاڻ تہ ايندڙ هر نئون تجربو هڪ نئين سچائي کولي
سامهون آڻي ٿو، ۽ گهڻو ڪجھ سيکاري وڃي ٿو۔
”آهي سڄو سورن سندو هي سلسلو“،
هيءَ سٽ زندگيءَ جي حقيقتن کي بلڪل کولي بيان ڪري ٿي۔ سور صرف درد يا ڏک جو نالو ناهي، پر اهو
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جي اندر جي اڻپوريون رهجي ويل خواهشن، ناتن، اميدن، خوابن ۽ انهن
جي اوٽ يا سايي ۾ موجود بي ترتيبي جو نالو بہ
آهي۔
انسان جي هر خوشيءَ جي پٺيان بہ سورن جو هڪ
سلسلو روان دوان رهندو آهي، ڇو تہ زندگيءَ جو
حسن ئي ان توازن ۾ لڪل آهي تہ ڏکن کانسواءِ
خوشيءَ جو وجود نامڪمل آهي۔ ڏک ئي سکن جي سونهن آهن۔ ڏک ڏسڻ کان پوءِ ئي سکن
۾ وڌيڪ لطف وڌيڪ مزو اچي ٿو۔ جيڪو ماڻهو زندگيءَ جي فلسفي کي سمجهڻ چاهي ٿو،
ان کي پهريان خود کي سمجهڻو پوندو۔ پنهنجا خوف، پنهنجون خواهشون، پنهنجا جذبا، پنهنجون
ڪمزوريون ۽ پنهنجا لاڳاپا۔ زندگي تہ پاڻ ڪڏهن کلي
اهو سڀ ڪجھ ٻڌائي ڪون ٿي سگهي، بلڪہ وقت سيکاري
ٿو، زخم سمجھائن ٿا ۽ تجربا انسان کي پڪو پختو ڪري ڪامياب انسان بڻائن ٿا۔ سورن جو
سلسلو انسان جي بگاڙڻ يا ڀڃ ڊاھ لاءِ ناهي، پر سندس تعمير لاءِ آهي۔ اهو ئي سور دل
کي نرم ڪري ٿو، سوچ کي پختو ڪري ٿو، ۽ انسانيت کي جاڳائي ٿو۔
زندگيءَ جي
هن ڊگهي داستان ۾ سڀ کان اهم ڳالهہ اها آهي تہ هر سور، هر تڪليف، هر بيچيني انسان کي ڪجهہ نہ
ڪجهہ سيکاري ٿي، زندگيءَ جي فلسفي کي سمجهڻ جو
مطلب درد کان ڊڄڻ نہ، پر ان کي
سمجهي قبول ڪرڻ آهي۔ سور جڏهن شعور بڻجي ٿو تہ
ماڻهو
دنيا کي نئين نگاهن سان ڏسڻ شروع ڪري ٿو۔ ۽ اهو ئي زندگيءَ جي سچي ڄاڻ جو سبب بڻجي
ٿو۔
آخر ۾ ڳالهہ سادگيءَ
سان
بيان ڪجي تہ:
زندگيءَ کي
سمجهڻ لاءِ سورن جي هن سفر مان گذرڻو ئي پوندو، ڇو تہ
سمجهہ ۽ عقل هميشہ
سک
کان نہ، پر سُورن مان جنم وٺندو آهي۔ ۽
شايد زندگيءَ جو سڀ کان وڏو فلسفو بہ
اهو
ئي آهي تہ، درد کانسواءِ
نہ سڃاڻپ مڪمل، نہ زندگي مڪمل، نہ انسانيت مڪمل ٿئي ٿي۔ سور ئي انسان کي وڌيڪ
حوصلو بخشي پچائي پختو ڪري مضبوط ۽ قوي بڻائن ٿا۔
هن ڪالم جو
اهو ئي حاصل مقصد ۽ اهو ئي مرڪزي خيال آهي
تہ: زندگيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي انسان کي انسان بڻائي
ٿي۔
پاڻ سڃاڻج،
پنهنجو پاڻ،
جو انا ۾ اٽڪي
سو، اڻڄاڻ۔

